فرد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

فرد __(Individual):

ادب ۾ جنس جو ذڪر جڏهن حد کان وڌي وڃي ۽ ٻيو ڪو ڪارج رکڻ کانسواءِ محض لذت ۽ چشڪي لاءِ شامل ڪيو وڃي ته ان کي فحاشي چئبو آهي. ”فرد“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ’اڪيلو، واحد، ڇڙو يا مجرد‘. اصطلاحي معنيٰ موجب هي عروضي شاعريءَ جي اها صنف آهي، جنهن ۾ هڪ ئي بند هجي. فرد، غزل جي بند، يا قطعي/ٽڪري جي صدرت ۾ هوندو آهي. ان ۾ ٻه يا چار سٽون به ٿي سگهن ٿيون، جن ۾ قافيو ٿي به سگهي ٿو ۽ نه به ٿي سگهي ٿو. انهن مان ڪنهن سٽ ۾ قافيو هجي ته به ان جي ڪا پابندي ناهي. هن صنف جي شروعات به ايران جي فارسي شاعرن کان ٿي. فرد جي مجموعه ڪلام کي مفردات چئبو آهي. فرد صنعت لف و نشر جيان هوندو آهي، يعني ان جي پهرين مصرع /سٽ ۾ ڪا ڳالهه مجموعي طور ڪئي ويندي آهي ۽ سٽ/ مصرع ۾ ان جي حقيقت کي کولي واضح ڪيو ويندو آهي. فرد ۾ جيڪڏهن ٻئي مصرعون/سٽون هم قافيه هجن ته ان جي صنف کي ذو قافيتين چيو ويندو آهي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي