ڪھاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

ادب جا جيترا به شعبا آهن، تن ۾ ڪهاڻي، سڀ کان زياده، زندگيءَ جي عميق راز جي نقاب ڪشائي ڪري ٿي. سڀ کان وڌيڪ معاشري جي تهذيب ۽ تمدن جي وهڪري کي تيز ڪري ٿي، سڀ کان زياده انسانيت جي سچي تصوير ڪڍي ٿي. ڇا لاءِ ته ڪهاڻيءَ جي خاڪي ۾، هر طرح هي نقش نگاريءَ کي سمائي سگهجي ٿو. داخليت ۽ خارجيت جي آميزش، زمان ۽ مڪان جو ڀرپور احساس، انساني فطرت جي مختلف عنصرن جي تشريح، انساني زندگيءَ جي مقصدن جي وضاحت، ڪهاڻيءَ کان وڌيڪ ڪٿي به نه ملندي. اهوئي سبب آهي جو افساني ۾ هر دور جي زندگيءَ ۽ طرز معاشرت جو عڪس رهجي وڃي ٿو، جو نه رڳو ’ادبيات‘ جو، پر تمدني قدرن جو اهم ترين جزو پڻ بڻجي وڃي ٿو.[1]ڪهاڻيءَ کي سنڌيءَ ۾ مختصر ۽ افسانو به چيو ويندو آهي. ڪهاڻي انساني مسئلن، جذبن، محبت، نفرتن ۽ خواهشن جي مختصر ڪهاڻي آهي. (وڌيڪ ڏسو: افسانو).[2].

پلاٽ بغير ڪهاڻي[سنواريو]

(Plotless Story): ڪيترن نقادن جي راءِ آهي ته پلاٽ کانسواءِ ڪهاڻي ڪجهه به نه آهي، ڇو ته پلاٽ ڪهاڻيءَ جي جان هوندو آهي. باقي جزا ضمني حيثيت رکندا آهن. پر جديد ادب ۾ نوان تجربا ڪيا ويا آهن ۽ نوان رجحان پيدا ٿيا آهن. ڀارت جي جديد اديبن ڪهاڻيءَ جي هڪ قسم کي ’ اَڪهاڻي‘ سڏيو آهي. ’اَڪهاڻي‘ ۾ ڪهاڻي نه هوندي آهي. اهڙي ڪهاڻي، رٿا (Plot) کانسواءِ لکي وڃي ٿِي. امر جليل جي لفظن ۾ ”اهڙا افسانا، خيالن جي ڪڙيءَ ۾ ڪڙي Association of thoughts جي آڌار تي لکيا ويندا آهن. پلاٽ ليس افسانو ويهين صديءَ جي ايجاد آهي جنهن جا علمبردار، ارنيسٽ هيمنگوي (1899-1961)، وليم سرويان (1908-1981)، ارسڪن ڪالڊ ويل (1903987ع)، البرٽو وغيره آهن. سنڌي ۾ آنند کيماڻي، لعل پشپ، وشنو ڀاٽيا، منير ماڻڪ، نسيم پارس گاد، مشتاق شوري ۽ ڪن ٻين اَڪهاڻيون لکيون آهن. [2]

تاريخي ڪهاڻيون[سنواريو]

(Historical Stories) :ماضي يا ان دور جي حالتن ۽ واقعن کي تاريخوار سهيڙي انساني جذبن ۽ احساسن سان ڍڪي ڪهاڻيءَ ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ ائين محسوس ٿئي ڄڻ پڙهندڙ پاڻ اتي موجود آهي ته اهڙيون ڪهاڻيون تاريخي ڪهاڻيون سڏبيون آهن. محمد صديق ”مسافر“، محمد عثمان ڏيپلائي، ڌرمداس ۽ ميلا رام واسواڻي ڪيتريون تاريخي ڪهاڻيون لکيون.[2]


تعليم پرچارڪ ڪهاڻيون[سنواريو]

(Educational Stories)

اهڙيون نصيحت آموز ڪهاڻيون، جيڪي تعليمي پرچارڪ واري مقصد کي آڏو رکي لکيون وڃن. هي پرچاري ڪهاڻيون يا آکاڻيون خاص ڪري ٻارن لاءِ لکيون وينديون آهن. [2]

جاسوسي ڪهاڻيون[سنواريو]

(Detective Stories):جاسوسي ڪهاڻين جو موضوع جاسوسيءَ تي ٻڌل هوندو آهي. هن قسم جي ڪهاڻين ۾ مڪاري، فريب، قتل، گناهه، پراسراريت ۽ خوفناڪ واقعا ڏنل هوندا آهن. هن قسم جا موضوع سائنسي ڪهاڻين ۾ ايندا آهن.[2]

طلسماتي ڪهاڻيون[سنواريو]

(Magical Stories):ٻاراڻي ادب ۾ هن قسم جي ڪهاڻين ۾ جادو، سائنس، تجسس، خوف و هراس وغيره اهم جزا هوندا آهن. هن قسم جون ڪهاڻيون وڏي چاهه سان پڙهيون وينديون آهن.[2]

خوف/دهشت ڪهاڻي[سنواريو]

(Horror story):افسانوي انداز ۾ اهڙي ڪهاڻي جنهن ۾ خوف ظاهر ڪندڙ ماحول ڏيکاريو وڃي . فلمن جي دنيا ۾خوف ڏياريندڙ ڪهاڻيون تمام عام آهن. انگريزي فلمن جون اڪثر ڪهاڻيون خوف ڏياريندڙ ڪهاڻين تي مبني هونديون آهن. هنن ڪهاڻين ۾ جن ڀوت، دهشت گردي، خوف ، قتل، جاسوسي، پوليس ۽ هراس وغيره خاص جزا هوندا آهن .اڄ ڪلهه سائنس فڪشن جي ڪري به اهڙيون ڪهاڻيون عام ٿي ويون آهن.[2]

سماجي ڪهاڻيون[سنواريو]

(Social Stories)جن ڪهاڻين ۾ سماج جي ڪنهن مسئلي کي ڀرپور نموني پيش ڪيو وڃي. هن قسم جي ڪهاڻين ۾ سماجي حقيقت نگاري جو هجڻ اهم هوندو آهي. [2]

علامتي افسانو (Symbolic Story)[سنواريو]

علامتي افسانو، اها ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ڪردار، واقعات ۽ مڪالما وغيره ٻٽي معنيٰ رکندڙ هجن. يعني ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ظاهر ظهور معنيٰ هجي ۽ ٻي معنيٰ علامتي طور پنهان هجي. هن قسم جون ڪهاڻيون/ناول ان دور ۾ لکيا ويندا آهن، جڏهن اظهار جي آزادي تي پابندي هجي، سياسي حالتون ليکڪن لاءِ هموار نه هجن. ان سلسلي ۾ امرجليل جا ’اسٽار سرڪس جو جوڪر‘ ۽ ’ڇتي ڪتي جو موت‘ اهم افسانا آهن.[2]

ڪرداري ڪهاڻيون[سنواريو]

(Character Stories):هن قسم جي ڪهاڻيءَ ۾ مرڪزي تاثر ڪنهن ڪردار جي خوصوصيت سان چٽو ڪيو ويندو آهي. .[2].

لوڪ ڪهاڻيون (Folk Stories)[سنواريو]

لوڪ ڪھاڻيون لوڪ ادب جو اھم حصو اھن، جن ۾ انساني گروھھ جون مجموعي طرح دنيا جي سڀني قومن جي پراڻن اثارن جا داستان ۽ دستاويز ھوندا اھن. ڇاڪاڻ تھ انھن سان انسان ذات جي ڪنھن زماني جي ريتن رسمن، رواجن، ڀرمن، وسوسن ۽ نفسياتي لاڙن ۽ انھن جي ذھني ارتقا جي تاريخ جي خبر پوي ٿي. سنڌي لوڪ ادب عشقيھ، نيم عشقيھ، رزميھ ۽ دنيا جي ٻين بھ لوڪ ڪھاڻين سان مالا مال اھي. سسئي پنھون، عمر مارئي، ليلا چنيسر، سھڻي ميھار، مومل راڻو، دودو چنيسر، مورڙو ميربحر ۽ مانگر مڇ وغيره سنڌ جون لوڪ ڪهاڻيون آهن.[2].

مذهبي ڪهاڻيون[سنواريو]

(Religious Tales):سنڌي زبان ۾ مذهبي ۽ ڌرمي ڪتابن جا ڪيترائي ٻاراڻا ۽ وڏن جا ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا ويا آهن. هنن ڪهاڻين ۾ پيغمبرن، رسولن، ولين ۽ اوتارن جون ڪهاڻيون ملن ٿيون. سنڌ ۾ ٻارن جي نصيحت ۽ ڄاڻ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ طرفان “قرآني ڪهاڻيون” شايع ٿيون. سنڌيڪا پاران پيغمبر صلعم جي زندگيءَ بابت ”نصيحت ڀريون ڪهاڻيون“ (ٽي حصا) شايع ٿيون آهن. اهڙي نموني الله جي ولين، درويشن، خدا ترس انسانن ۽ ڏاهن بابت ڪيتريون ئي نصيحت آموز ڪهاڻيون شايع ٿيون آهن. [2]..

موضوعاتي ڪهاڻيون[سنواريو]

(Subjective Stories):جن ڪهاڻين ۾ ليکڪ جي داخلي ڪيفيتن جو اظهار وڌيڪ هجي ۽ اندر جي اڌمن ۽ ذات جي حوالي سان موضوع تمام گهڻو اڀريل هجي. هن قسم جي ڪهاڻين ۾ داخليت تي زور ڏيڻ سبب فني خاميون رهجي وينديون آهن.[2]

نفسياتي ڪهاڻيون[سنواريو]

(Psychological Stories):هن قسم جي ڪهاڻين ۾ هڪ ڪردار جي نفسياتي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي آهي ۽ نفسياتي نڪتا پيش ڪيا ويندا آهن. [2]

واقعاتي ڪهاڻيون[سنواريو]

( Eventful Stories):هن قسم جي ڪهاڻين ۾ پلاٽ تي زور ڏنو ويندو آهي. [2]

ويرتا جون ڪهاڻيون[سنواريو]

(Tales of Bravery):هي ڪهاڻيون سياڻپ ۽ شجاعت ۾ شمار ٿين ٿيون، جن ۾ سورهين، بهادرن، سياڻن، دانائن جون آکاڻيون بيان ڪيل هونديون آهن. ان ۾ رزميه قصا به هوندا آهن ته نصيحت آموز سبق به.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. پراڻي ڊائريءَ جو ھڪ ورق-سيد احتشام حسن؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 2.13 2.14 2.15 .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي