فلم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بائیں|تصغیر|  هڪ 16 م۔م۔ جو ايڇ-16 عڪاسو، جيڪو عام طور تي فلمي اسڪولن ۾ استعمال ڪيو ويندو هيو۔ فلم (film)، جنهن کي مووي (movie) يا متحرڪ تصوير (motion picture) به چيو ويندو آهي، ساڪت تصويرن جو اهڙو سلسلو هوندو آهي جيڪو پردي (اسڪرين) تي ايئن ڏيکاريو ويندو آهي تہ ان تي متحرڪ هجڻ جو ڌوڪو ٿيندو آهي۔ مختلف شين کي تسلسل سان گڏ تيز رفتاري سان ڏيکاريو وڃڻ جي ڪري هي بصري ڌوڪو ناظرين کي احساس ڏياريندو آهي ته هو مسلسل متحرڪ شيون ڏسي رهيا آهن۔ هڪ موشن پڪچر ڪيمرا جي ذريعي اصل منظرن جي عڪس بندي ڪري فلم تخليق ڪئي ويندي آهي۔ موشن پڪچر ڪيمرا جي ذريعي اصل منظرن جي عڪس بندي؛ تصويرون يا روايتي اينيميشن تڪنيڪون استعمال ڪندي ننڍي شبيهن جي عڪس بندي؛ سي جي آءِ ۽ ڪمپيوٽر اينيميشن جي ذريعي؛ يا ان ۾ ڪجهه بعض يا تمام تر تڪنيڪين ۽ ٻيا بصری اثر (visual effects) استعمال ڪندي فلم تخليق ڪئي ويندي آهي۔ لفظ ’’سينما‘‘ (cinema) عموماً فلم ۽ فلم سازي يا فنِ فلم سازي جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي۔ سينما جي رائج تعريف جي مطابق هي خيالن، ڪهاڻين، احساسن، جذبن، خوبصورتي يا ماحول جي بلاغتن جي تجربن جو نقل پيش ڪرڻ جو فن آهي۔[1]

فلم سازي جو عمل فن به آهي ۽ صنعت به۔ ابتدا ۾ فلمون پلاسٽڪ جھلي تي نقش ڪيون وينديون هيون جن کي مووي پروجيڪٽر جي ذريعي وڏي پردي تي ڏيکاريو ويندو هو (هي لفظ ٻيا، اينالوگ ريڪارڊنگ عمل)۔ سي جي آئي تي مبني خصوصي اثرن جي استعمال سان فلم تخليق ڪيو وڃڻ جي ڊجيٽل ذريعن جي استعمال جي طرف اڳڀرائي ٿي۔ هاڻي عصرِ حاضر جون زياده تر فلمون پروڊڪشن، ورهاست، ۽ نمائش، مطلب آغاز کان وٺي ڪري انجام تائين، مڪمل طور تي ڊجيٽل هونديون آهن۔

فلمون مخصوص ثقافت جي تحت تخليق ڪيون وينديون آهن ۽ اهي انهن ثقافتوں کي پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ اُنهن تي اثر انداز به ٿينديون آهن۔ موجوده دور ۾ فلم کي فن جي هڪ ايم شڪل تصور ڪيو وڃڻ سان گڏوگڏ، تفريح جو مقبول ذريعو،  ۽ تعليم ۽ شعور پکيڙڻ جو مضبوط ترين ابلاغي ذريعو مڃيو وڃي ٿو۔ بصري صورت ۾ پيش ڪيو وڃڻ جي ڪري  فلم هڪ ڪائناتي ابلاغ جو ذريعو فراهم ڪري ٿي۔ ڪجهه فلمون پنهنجن مڪالمن جي مختلف زبانن ۾ منتقل ڪيو ُڃڻ (ڊبنگ) يا مڪالمن جو ترجمو ناظرين جي زبان ۾ سب ٽائٽل جي صورت ۾ پيش ڪيو وڃڻ جي بڪري دنيا ڀر ۾ مقبوليت حاصل ڪن ٿيون۔ ڪجهه حلقن جي طرفان فلمي صنعت تي تشدد جي ترويج،[2] ۽ عورتن جي جنسی پهلو کي اجاگر ڪيو وڃڻ جو الزام به عائد ڪيو وڃي ٿو۔[3]حوالي جي چڪ: Closing </ref> missing for <ref> tag

حوالا[سنواريو]

  1. آندرے سیورنے (5 ستمبر 2013ء)، "The Movie Theater of the Future Will Be In Your Mind [مستقبل جا مووي ٿيٽر توهان جي ذهن ۾ هوندو] آرڪائيو ڪيا ويا 2013-09-07 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين." (انگريزي ۾)، ٽرائبيڪا فلم، http://tribecafilm.com/future-of-film/future-of-the-movie-theater-is-in-your-mind آرڪائيو ڪيا ويا 2013-09-07 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.، اخذ ڪيل بتاريخ 1 جنوري 2015ع 
  2. Media, Sex, Violence, and Drugs in the Global Village [عالمي ڳوٺ ۾ ميڊيا. سیڪس، تشدد ۽ منشيات] - صفحو 51، ڪلديب آر رامپال - 2001ع
  3. ريچل سائمنز (16 اپريل 2011ع)، "The Astonishing Sexism of Hollywood and What it Means for Girls [هالي وڊ جو عجوبو سیڪس ازم ۽ ڇوڪرين جي لاء ان جي اهميت] آرڪائيو ڪيا ويا 2017-01-01 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين." (انگریزي ۾)، ریچل سائمنز ڊاٽ ڪام، http://www.rachelsimmons.com/2011/04/the-astonishing-sexism-of-hollywood-and-what-it-means-for-girls/ آرڪائيو ڪيا ويا 2017-01-01 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.، اخذ ڪيل بتاریخ 1 جنوري 2015ع