ڀڳت ڪبير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

پيدائش[سنواريو]

ڪبير (Kabir) جي ڄم جي تاريخ ۾ ڪجهه اختلاف آهي، پر ڪِتاب هندستان ڪي عظيم لوگ مطابق هو 1440ع ۾ ڄائو. [1] ڪبير هڪ ڪوري خاندان ۾ پرورش پاتي، چون ٿا ته پوءِ ڪبير مسلمان ٿيو هو. سندس پرورش نيرو ۽ نيما نالي هڪ ڪوريءَ ڪئي.

ڪبير انسانيت جو قائل هو[سنواريو]

ڪبير (Hindi: कबीर) کي هندستان جي اهم انقلابي مذهبي پيشوائن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هن پنهنجي دور جي مٿ ڀيد رکڻ وارن اعتقادن، ريتن رسمن، سماجي لحاظ کان نقصان پهچائيندڙ طور طريقن کي سخت لفظن ۾ نندڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هن اها ڪوشش ڪئي ته معاشري ۾ رائج غلط طبقاتي نظام ۽ بيڪار ڌرمي رسمن کي رد ڪري هڪ روحانيت سان ڀرپور سڌريل معاشرو قائم ڪجي. هن مذهبي حوالي سان ڪوڙي رک رکاءُ، رياء، ڪاوڙ، تڪبر، فريب، ٻيائيءَ، شرڪ، منافقت، مذهبي ننڍ وڏائيءَ ۽ ٻئي کي گهٽ سمجھڻ کي سخت لفطن ۾ ننديو آهي. ڪبير انسانيت جو قائل هو. هن هندو توڙي مسلمانن جي اندر جي اصلاح جي ڪوشش ڪئي ۽ انسان جي اندر اجارڻ جي ڳالهه ڪئي.

ڀڳت ڪبير جي شاعري[سنواريو]

اول اللہ نور اپائیا، قدرت کے سب بندے
ایک نور تے سب جگ اپجیا، کون بھلے، کون مندے
مطلب ته، الله سڀ کان اڳ ۾ نور پيدا ڪيو، اسين سڀ ڌڻيءَ جا بندا آهيون، اسان سڀ هڪ ئي نور مان پيدا ٿيا آهيون تنهن ڪري ڪو به خراب يا ڀلو نه آهي.


کبیرا کھڑا بازار میں، سب کی مانگے خیر
نا کسی سی دوستی، نا کسی سے بیر
مطلب ته، مان سڀ جو خير بيٺو گهران، منهنجي نظر ۾ سڀ انسان هڪ جهڙا آهن، منهنجي ته ڪنهن سان نه دوستي آهي ۽ نه ئي دشمني.
مالا میری لکڑ کی، دھاگے میں دئے پروئے
من میں کھاپ کے گہنڈی ہو، رام جپے کیا ہوئے
مطلب ته، تسبيح منهنجيءَ جا مڻيا ڌاڳي ۾ پوتل آهن، منهنجو زور مڻين ڦيرائڻ تي آهي، پر اهو ڪهڙي ڪم جو؟ ڇو ته منهنجي من اندر ۾ ٻيائي آهي، گهنڊي آهي پوءِ رام رام چوڻ ڪهڙي ڪم جو؟

ٻئي هنڌ ڪبير فرمائي ٿو:

تن اجلو من میلو، بگلے جئسا بھیس
ای بگلے سے کاگا بھلا، باہر بھیتر ایک
مطلب رياڪاريءَ کان بچو، پنهنجي اندر کي اجاريو، ”ٻاهر هڪ ته اندر ٻي“ واري ٻيائيءَ کان بچو، ٻگهي وانگر نه ٿيو بلڪه ڪانءُ ٿيو جنهن جو اندر ٻاهر هڪ آهي.


هن پنهنجو پاڻ کي ذات پات جي چڪر کان آجو رکيو. مذهب جي جڙتو ٺيڪيدارن جي رياڪارين ۽ چالبازين جو مخالف هو. هن ان خدا تي يقين رکيو ٿي، جيڪو سڀني جو پالڻهار آهي. هن جي پيروڪارن جو چوڻ آهي ته هو مرڻ کان ٿورو اڳ ڪاشي يعني هي شهر بنارس جنهن کي اڄ ورانسي سڏجي ٿو کي ڇڏي مگهر هليو ويو، جتي سندس ديهانت ٿيو. تنهن دور جي هندن جو توڙي اڄ به هِتي جي ماڻهن جو اهو عقيدو آهي ته هي شهر بنارس يعني ڪاشي مذهبي اعتبار کان هڪ مقدس جڳهه آهي ۽ چون ٿا ته هن مندرن جي شهر ۾ جيڪو مرندو، اهو سڌو سرڳ (جنت) ۾ ويندو. پر ڪبير اهڙين ڳالهين کي هرگز نٿي مڃيو. هن رب کي هر هنڌ موجود ٿي سمجھيو. تنهن ڪري هو مرڻ کان ٿورو اڳ ڪاشي ڇڏي مگهر هليو ويو.

پاڻ هڪ هنڌ فرمايو اٿس:

کیا کاشی، کیا اوسر مگھر، رام ہر دے بس مورا،
جو کاشی تن تجے کبیرا ، رامی کون نھورا
مطلب ڪبير“ عشق الاهيءَ کي ئي سڀ ڪجهه سمجھي ٿو. سندس نظر ۾ ويد، شاستر، مالا (تسبيح)، مندر، مسجد، اوتار، نبي، پير، پيغمبر سڀني کان وڌيڪَ الله سائين جو عشق ئي آهي. هو سڀني مذهبي ڏيکائن ۽ تيرٿ ياترائن کي نامنظور ڪري ٿو ۽ صرف هڪ لافاني خدا جي محبت ۽ عشق کي اهميت ڏئي ٿو ۽ ان کي ئي پنهنجي حيات جو مقصد سمجھي ٿو.

پاڻ فرمائي ٿو:

ٹھاکر پتھر، مالا لکڑ، تیرتھ ہیں سب پانی کے
لکھو مرئے، کرشن مرئے، مرئے رامام بھائی رے
کہے کبیرا اس کو کیوں نے پوجے، جس پہ موت نہ آئی ہو

ڪبير ڀڳت پنهنجي شاعريءَ ۾ رامانند کي خوبصورت اندازَ ۾ ڳايو آهي ۽ گرو ڀڳتي يعني مرشد جي وسيلي حق ماڻڻ جي پرچار ڪئي آهي. ڪبير ڀڳت چوي ٿو ته حق جي تلاش ۾ عقل تي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي. ڪبير جي ڪوتا (دوهن) ۾ اپنشندن ۽ گيتا جي گيان جي اپٽار ملي ٿي. ايڪم سته دويتو ناسي يعني ڌڻي هڪ آهي، ٻيو موجود نه آهي، بيمثال آهي، ايڪم اوديتم يعني وحده لاشريڪ لهه. برهم ستتيم جگم مٿيا يعني ڌڻي حق آهي ۽ ڪائنات هڪ ناپائيدار ڏيکاءُ آهي. شيخ اياز، لطيف وانگر ڪبير مان وڏو اتساهه ورتو آهي، نثر توڙي نظم ۾ ڪبير کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو.

ڪبير بابت شيخ اياز[سنواريو]

اي ڪبير! اڃا تائين منهنجي ڀرسان چرخو ڪَتي رهيو آهين ۽ مان تنهنجي ڀرسان تنهنجو الجھيل سٽ سلجھايان پيو.

[2]

شيخ اياز هڪ ٻئي هنڌ تي ”ٽڪرا ٽٽل صليب جا“ ۾ لکي ٿو ته، ”منهنجي شاعري، ڪبير جو چرخو آهي، جنهن جي تاڃي پيٽي ۾، ساري ديسَ جو امن اڻجي هڪ ٿي ويو آهي. [3]

جلدي جاڳ ضمير
راکي ٻَڌڻ لاءِ ڪو
ڌاڳو ڪت ڪبير

[4]

ٻئي هنڌ اياز لکي ٿو ته،

ڇا صدين ۾ هي هيا، تنهنجي جڳ تي جيت
دوها چار ڪبير جا ۽ ميران جا گيت
هيءَ شڪتي سنگيت، منهنجي تون ڪٿ ٿو رکين؟

[5]

سنڌ جو ڪبير سان پيار جو ناتو[سنواريو]

ڪبير اسان وٽ سنڌ ۾ شاهه، سچل، ساميءَ جيان وجداني انداز ۾ ڳايو وڃي ٿو، موهن ڀڳت الوميان جي آلاپ ۾ ڀٽائي جي ٻولن: ساٿي سڏ ڪندي ويا سان گڏ ڪبير جي وائي: من ڀولا ڦري ري جگت ۾ ڪيسا ناتا ري ڳائيندو هو ته سڄي سنڌُ گيڙو ويس بڻجي ويندي هئي. سنڌ جو ڪبير سان پيار جو ناتو آهي ۽ ان پيار جي ناتي جي ڌاڳي جي وچ ۾ اڄ تائين ڪٿي ڳنڍ نه آئي آهي.

رحمن دھاگا پریم کا، جن توڑو چٹکا جائے
ٹوٹے سے جڑے نہیں، بیچ گانٹھ پڑجائے

ڪبير ڀڳت بيحد سادي زندگي گذاري. پاڻ ڪورڪو پيشو ڪندا هئا. ڪپڙو اڻي بازار ۾ وڪرو ڪري گذر سفر ڪندا هئا. راما نند صاحب جا مريد هئا. ذڪر فڪر به ڪندا هئا ته دنيا داريءَ سان به نباهيائون. ڪبير ڀڳت مرشد، گرو، رهبر جا تمام گهڻو قائل هئا. پاڻ فرمايائين ٿا ته:

کبیر سنگت سادہ کے، جو کے بھوسے کھائے
کھیر، کھانڈ، بھوجن ملے، ساکت سنگت نہ جائے
جَون جي بي مزه ماني کائي به وقت گذاريو پر مرشد ڪامل جي صحبت کي نه ڇڏيو. پر جي ٻي هنڌ سٺا سٺا طعام کائڻ لاءِ ملن تڏهن به اوڏانهن هرگز نه وڃو.

ڪبير ڀڳت جو هڪ دوهو:

چلتی چکی دیکھ کر، دیا کبیرا رویا
دوئی پاٹن کے بیچ میں، ثابت بچا نا کوئی
معنا هلندڙ چڪي ڏسي ڪبير روئي ڏنو .... جنڊ جي ٻن پُڙن جي وچ ۾ ڪو صحيح سلامت نه بچيو آهي.

جنڊ جڏهن هلايو وڃي ٿو ته جنڊ جي ٻن وڏن پڙن (پاٽن) جي وچ ۾ جيڪو اناج جو داڻو اچي ٿو اهو پيسجي وڃي ٿو.

چلتی چکی کے ہنسا کمالا تھا تھا
کھلن سے جو لگا رہا کبھی زوال نہ آیا
معنا ڪمال جنڊ جي پڙن کي پيهندو ڏسي کلي ڏنو. جنهن به پنهنجو پاڻ کي وچ (ڪلي) سان قابو رکيو اهو برباد نه ٿيو.
رنگی کو کہے نارنگی، کهڑی کو کھویا
چلتی کو گاڑی، دیکھ کر کبیرا رویا
لکڑی جل کر کوئلہ بھئی، کوئلہ جل کر راکھ
میں ابھاگن ایسی جلی، کوئلہ بنی نہ راکھ

پروفيسر عطا الله ابڙي جو ڪبير جي شاعري جو منظوم ترجمو[سنواريو]

ڪبير ڀڳت جي شاعريءَ تي اڄ ڪلهه نه رڳو ڪيترن ئي زبانن ۾ ڪِتاب اچي چڪا آهن پر اها ڳنڍڄار يعني انٽرنيٽ تي به اچي چڪي آهي. پروفيسر عطا الله ابڙو نه رڳو ڪبير جي شعرن جي سنڌي ۾ معنا لکي آهي پر هوبهو انهن جو سنڌي ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي.

وهنجڻ ڌوئڻ ڪهڙي ڪم جو، وڃي نه مَن جو مير
مڇي سدا رهي پاڻيءَ ۾ ڌپ نه ڇڏي مور
ڪبير لڄا لوڪ کان تو نه ڳالهايو سچ
ڄاڻي واڻي سون ڇڏي، ڇو تو جھليو ڪچ
ڪبير بيٺو بازار ۾ سڀ جو گهري خير
نه ڪنهن سان دوستي ۽ نه ڪنهن سان وير
ڪبير! ڇو ٿو ڊڄين، تو سِرِ، سرجڻهار
هاٿيءَ چڙهي ڊڄ نه تون، ڀلي ڪتابهن هزار
چوي ڪبير ڪمال کي، هي ٻه ڳالهيون لک
مالڪ جي ڪر بندگي ۽ بکئي لاءِ ماني رک
ڪبير ستو ڇا ڪرين، اٿي عملن تي رَو
جنهن جو ٺڪاڻو مٽيءَ ۾، سکيو سمهي نه سو

[6] [7] [8]

لاڏاڻو[سنواريو]

ڀڳت ڪبير 1518ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

  1. ڪِتاب: هندستان ڪي عظيم لوگ
  2. شيخ اياز: جر ڏيئا جھمڪن
  3. شيخ اياز: ٽڪرا ٽٽل صليب جا
  4. شيخ اياز: پن ڇڻ پڄاڻان جو صفحي نمبر 176
  5. شيخ اياز: اڀر چنڊ پس پرين
  6. بنارس کان برمودا (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  7. ڪتاب: بنارس کان برمودا، ليکڪ: الطاف شيخ
  8. Kabir - Wikipedia