مقصد

مقصد، منزلون، نشانا يا گولس (Goals) اھڙو اصطلاح آھي، جنھن ذريعي ڪنھن بہ ڌر طرفان رٿيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ ڏانھن وڌڻ واري ڪيفيت کي بيان ڪيو ويندو آھي. عام طور تي بين الاقوامي لاڳاپن ۾ ھي اصطلاح ڪنھن بہ رياست طرفان قومي مفاد جي تحفظ ۽ ان کي ماڻڻ جي حوالي سان استعمال ڪيو ويندو آھي، پر ساڳيو حوالو غير رياستي ڌرين (NSAs) سان سلھاڙڻ لاءِ مناسب نٿو سمجھيو وڃي، ڇاڪاڻتہ انھن ڌرين جا مقصد اڪثر گروھي يا انفرادي مفادن جي چوڌاري ڦرندا آھن.
جڳ مشهور محقق آرنالڊ وولفرز (Arnold Wolfers) ”گولس“ جا ٻہ بنيادي قسم بيان ڪيا آھن:
وس جوڳا مقصد
[سنواريو]اھي مقصد، جيڪي ڪنھن بہ ڌر يا رياست طرفان قومي خوشحالي حاصل ڪرڻ يا سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي سڃاڻپ ڪن ٿا.
اراداتي مقصد
[سنواريو]اھي مقصد، جيڪي روايتي قومي سرحدن کان مٿڀرا ھوندا آھن ۽ گڏيل نوعيت جي اھميت رکن ٿا، جھڙوڪ ماحولياتي آلودگي جو خاتمو يا گڏيل قومن جي اداري کان بھتر ڪارڪردگيءَ جون اميدون.
ان کان علاوه، مقصدن کي وڌيڪ ٻن ڀاڱن ۾ پڻ ورھايو ويندو آھي:
- سڌن سنئون قومي مفادن وارا مقصد، جن ۾ رياستي مفاد شامل ھوندا آھن.
- اڻ سڌن قومي مفادن وارا مقصد، جن ۾ خانگي ادارن يا رياست جي ڪنھن خاص شعبي جا مفاد شامل ھوندا آھن.
ڪنھن بہ مقصد جي پورائيءَ جي سلسلي ۾، ان لاءِ گهربل مددگار وسيلا ۽ وقت جي سيڙپ ٻہ اھم محرڪ سمجهيا ويندا آھن. ان ڪري مقصد حاصل ڪرڻ وقت اھو به ڏٺو ويندو آھي ته حاصل ٿيندڙ فائدي جي ڀيٽ ۾ ڪٿي وڌيڪ قيمت ته ادا نٿي ڪرڻي پوي، ۽ ساڳئي وقت اھو پڻ پرکيو ويندو آھي ته مقصد تائين پھچڻ ۾ وقت جي سيڙپ غير ضروري طور ڊگھي ته نٿي ٿئي.
انھيءَ بنياد تي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ گھٽ-مدتي، وچ-مدتي يا ڊگھي-مدتي رٿابنديون تيار ڪيون وينديون آھن. مثال طور، سرد جنگ دوران آمريڪا، سوويت يونين سان برابري ۽ هٿيار سازيءَ جي روڪٿام (Containment) لاءِ ڊگھي مدي واريون حڪمت عمليون اختيار ڪيون، جن تي ريپبلڪن پارٽي ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي ٻنھي جو اتفاق ھو. ان جي ابتڙ، برطانيا فاڪ لئنڊ ٻيٽن جي مسئلي تي ارجنٽينا خلاف ٿوري مدي واري حڪمت عملي اختيار ڪئي.[1]