سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو (قديم دور کان اڄ تائين) مختيار احمد ملاح صاحب جو سنڌي ادب جي تاريخ تي مختصر ڪتاب آھي. ڪتاب ۾ ادب، ادب جي تاريخ ۽ ان جو سماجي ڪارج، سنڌي ادب جا دور ۽ انھن جا ڀاڱيدار راءِ ۽ برھمڻ گهراڻن کان ويندي موجوده دور تائين سلسليوار بيان ڪيا ويا آھن. ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد، سنڌي ادب جي صنفن، خصوصيتن ۽ مشھور ڪتابن جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آھي. ڪتاب پھريون ڀيرو 2006ع ۾ نيو ڪاٺيواڙ اسٽورز، اردو بازار ڪراچي پاران شايع ڪيو ويو.