مواد ڏانھن هلو

دوھو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

دوهو____(Doho):

دوھو ھندي لفظ دوھا مان نڪتو اھي، جنھن جي معنيٰ اھي ٻن مصرعن يا سٽن وارو بيت.”ڏوهيڙو“ سنڌي شاعريءَ جو هڪ قديم فن آهي، جنهن سمن ۽ سومرن جي دور ۾ ترقي ڪرڻ شروع ڪئي. هندي زبان ۾ هن فن کي ”دوهرو“ يا ”دوهو“ چوندا آهن. دوھي جي حساب سان شيخ حماد جماليءَ (وفات 1368ع) کي سنڌيءَ جو پھريون شاعر چيو ويندو اھي. جي پڇڻا سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وير، جو لکڻ منجهه ماڙوئين، سو مکڻ منجهه کير. (شاهه عبدالڪريم) [1]

دوهو (سنڌي ۾ ڏوهيڙو) پنگل (ڇند وديا-هندي عروض) ۾ هڪ اهڙو ڇند (موزون ڪلام) آهي، جنهن جي هر سٽ ننڍين وڏين چوويهن ماترائن تي ٻڌل هوندي آهي. (دوهي ۾ ٻه سٽون (مصرع) ٿين ٿيون، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ تَڪ (قافيو) آڻيندا آهن. دوهي جي هر سٽ (مصرع) کي دَل چوندا آهن ۽ هر دَل ۾ ٻه چرن (قدم يا ڀاڱا) هوندا آهن، جيڪي وري تيرهن ۽ يارهن ماترائن ۾ ورهايل هوندا آهن. ان جي سمجهاڻي هيٺ ڏجي ٿي. دوهو

     چرن (1)            چرن (2)

پهريون دَل _________(وقفو) ___________ تَڪ (قافيو)

  13 ماترائون          11 ماترائون

چرن (1) چرن (2) ٻيو دَل __________ (وقفو) _____________ تُڪ (قافيو) 13 ماترائون 11 ماترائون ٻنهي دَلن جي وچ ۾ ساهه کڻڻ جو وقفو هوندو آهي، جنهن کي ”بِسرام“ چيو ويندو آهي. مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته دوهي جي هر دَلَ (مصرع يا سٽ) ۾ چوويهه (13+11) ماترائون هونديون آهن. انهن ماترائن ۾ حرڪت ۽ سڪون جو شمار ٿئي ٿو. عروض هجي يا پنگل يا پراسوڊي (Prosody) (مغربي شاعري جو وزن[)، سڀني جو آڌار حرڪت ۽ سڪون جي نظام تي منحصر هوندو آهي. مٿي ٻڌايو ويو آهي دوهو پنگل جي هڪڙي خاص وزن ۾ چيو وڃي ٿو ۽ جنهن وزن ۾ چيل ٻن مصراعن جي (ٻه-سٽي) ڇنڊ کي، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ تُڪ قافيو) هجي، دوهو نٿا چئي سگهون، جيئن فارسيءَ ۽ اردوءَ يا سنڌيءَ ۾ رباعي جو وزن مخصوص ۽ مقرر ٿيل هوندو آهي ۽ ڪنهن ٻئي وزن ۾ چيل چئن مصراعن کي رباعي نٿو چيو وڃي. صورتخطيءَ جو هر اکر بي آواز هوندو آهي. جيستائين ان تي زير زبر پيش جي حرڪت پنهنجو اثر نٿي ڪري. زير زبر ۽ پيش جي حرڪت سان جڏهن ڪنهن اکر جو آواز وڌي ٿو وڃي ته زير جو آواز ”ي“ ۾، زبر جو آواز ”الف“ ۾ ۽پيش جو آواز ”وَ“ ۾ بدلجي ويندو آهي، انڪري زير، زبر ۽ پيش جي آوازن کي ننڍيون ۽ ”ي“، ”الف“ ۽ ”و“ جي آوازن کي وڏيون ماترائون چئي سگهبو. پنگل جي اصطلاح ۾ ننڍي ماترا کي ”لگهو“ ۽ وڏي ماترا کي ”گرو“ جو نالو ڏنو ويو آهي. ماترائن کي هيٺين نشانن سان به ظاهر ڪيو ويندو آهي: 1- لگهو (ننڍي ماترا) جو نشان “I” آهي. 2- گرو (وڏي ماترا) جو نشان “S” آهي. دوهي جا ٻه لازم شرط ٻيا به آهن، جن جي قائم رکڻ سان دوهو سهڻو ۽ مڪمل ٿيندو آهي. 1- دوهي جي شروعات ۾ ڪو اهڙو لفظ نه اچي جنهن جو وزن هڪ لگهو (ننڍي ماترا)، هڪ گرو (وڏي ماترا) ۽ هڪ لگهو (ننڍي ماترا) جي برابر هجي، يعني اهڙو لفظ نه اچي، جنهن ۾ هڪ زير، زبر يا پيش هڪ الف و يا ي ۽ هڪ زير زبر يا پيش هجي. مثلاً هيٺ ڏجن ٿا. ڪَمال: ڪَ مال (ISI) زيان: ز يَا ن (ISI) قُبول: قُ بُو ل (ISI) 2- پنگل ۾ اِنهيءَ وزن (ISI) جي لفظن کي ”جگن“ چوندا آهن. دوهي جي دَل (سٽ) جي شروع ۾ ”گرو“ (وڏي ماترا) جنهن جو نشان “S” آهي، اچڻ کپي. جيڪڏهن ڪنهن دوهي ۾ اهي ٻئي يا انهن منجهان ڪو هڪڙو شرط پورو نه ٿيندو ته دوهو ناقص سمجهيو ويندو. اهڙي ناقص دوهي کي ”چنڊالڻي“ دوهي جو نالو ڏنو ويو آهي. دوهي جو هڪڙو قسم سورٺو آهي، جنهن کي ”ابتو دوهو“ به چوندا آهن. دوهي جي ٻنهي دَلَن جي ٻنهي چرنن کي اُبتو ڪجي، يعني ماترائن جي ترتيب کي اڳيان پٺيان ڪيو وڃي ته ماترائن جي ترتيب، جيڪا تيرهن- يارهن هوندي آهي، بدلجي يارهن-تيرهن ٿي پوندي، انهيءَ عمل سان ”تُڪ“ يعني (قافيو)، جو چرنن جي پڇاڙيءَ ۾ ايندو آهي، ٻنهي چرنن جي وچ ۾ اچي ويندو، جيئن ته:

13 ماترائون 11 ماترائون دوهو: _____________ بسرام _______________ تُڪ 13 ماترائون 11 ماترائون _____________ بسرام _____________ تُڪ 11 ماترائون تُڪ 13 ماترائون سورٺو: __________ بسرام __________________ 11 ماترائون تڪ 13 ماترائون _______________ بسرام ________________ مثال طور: ميرا ٻائي جو هي مشهور دوهو آهي: جو مئن ايسا جانتي، پريت ڪِئي دُک هوءِ نگر ڍنڍورا ڦيرٿي، پريت نه ڪريو ڪوءِ انهيءَ دوهي کي ابتو ڪري سورٺو ٺاهبو ته ان جي هيئت هن ريت ٿيندي: پريت ڪئي دُک هوءِ، جو مئن ايسا جانتي پريت نه ڪريو ڪوءِ، نگر ڍنڍورا ڦيرتي سورٺي جي انهيءَ هيئت بابت ڪنهن هندي شاعر پنهنجي هڪ سورٺي ۾ هيئن بيان ڪيو آهي: دوها اُلٽا جان، اور بات دوجي نهين پنگل ڪرت پکان، ڇند سورٺا هوت هئين دوهو اولهه هندستان ۾ اُسريو ۽ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري جٿي ڪٿي پکڙجي ويو، پر سورٺو، جيئن ان جي نالي مان معلوم ٿيندو،سوراشٽر (سوراٺ يا سورٺ) يعني گجرات ۾ اول چيو ويو، اوسر ۽ ترقيءَ کان پوءِ ٻين هنڌن تي ويو ۽ مقبول ٿيو. سوراشٽر (گجرات) ۾ دوهي ۽ سورٺي جي هيئت ۾ هڪڙي تمام سهڻي فني تبديلي آندي وئي. سوراٺ جي شاعرن دوهي- سورٺي ۽ سورٺي-دوهي جي ميل سان به نهايت سهڻا ۽ ڪارائتا ٻن سٽن جا ڇنڊ ٺاهيا، جن جا نمونا هيٺ ڏنا وڃن ٿا: (1) دوها سورٺا ____________ ، ________________ تُڪ

           ________________ تُڪ __________________

(2) سورٺا دوها __________ تُڪ ______________

           _________________ ، ________________ تُڪ

انهن دوهن-سورٺن ۾ تڪ جي بيهڪ کان سواءِ ڪا ٻي تبديلي نه آندي وئي. سنڌ ۾ دوهي ۽ سورٺي کان سواءِ مٿي ڏنل پهرين صورت مقبول ٿي، ڇو جو سنڌي بيت جي فن ۾ هميشه بيت جي آخري سٽ ۾ سورٺي جي نموني ۾ ٻنهي چرنن جي وچ ۾ تُڪ آڻڻ جي روايت قائم ٿي چڪي هئي، جيئن: پڪا رَڇَ ڪنڀار جا، پڪي نهائين ________ مونکي تيانئين، ڀيلو ڀاڱي آئيو (شاهه لطيف) پر خود دوهي جي اوسر اولهه هندستان ۾ ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي؟ انهيءَ سوال جو جواب وڏي عرصي تائين ملي نه سگهيو. آخر هندي ادب جي تاريخ جي مطالعي دوران حاصل ٿيل معلومات جي آڌار تي هيءُ نتيجو نڪتو ته سنڌي بيت جو هندي دوهي سان گهاٽو تعلق رهيو آهي، پر ان جو ڏس لسانيات جي تاريخ ۾ ملي ٿو. خاص ڪري پراڪرت ۽اُپڀرنش جي دور ۾ اهڙا اُهڃاڻ مليا آهن، جن جي ڪري دوهي، سورٺي ۽ سنڌي بيت جي لاڳاپن تي روشني پوي ٿي. ڪن ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته اپڀرنش جي شاعري گهڻو ڪري دوهي جي شاعري هئي، هيءَ ڳالهه هندي ادب جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿي آهي. مهابير پرشاد دويويدي پنهنجي ڪتاب هندي ساهتيه اتيهاس (صفحي 2 کان 17) ۾ لکي ٿو ته اپڀرنش ٻولين جا دوها جن ڪتابن ۾ محفوظ رهجي ويا آهن، انهن مان سڀ کان اڳوڻا ڪتاب هڪڙي جين عالم ديوسين جي دوهن جا ٻه مجموعا آهن. ان کان پوءِ پراڪرت ۽ اپڀرنش جي صرف نحو مشهور ماهر هيمچندر پنهنجي گرامر ۾ اپڀرنش جا دوها نقل ڪيا آهن. اهڙيءَ طرح سوم پريا سوري به پنهنجي ڪتاب ”ڪمار پرتي بوڌ“ ۾ اپڀرنش جي دوهن جا مثال ڏنا آهن. ان کان سواءِ هڪ ٻيو جين دانشور ميروتنگ پنهنجي ڪتاب ”پر پنڌ چنتامني“ پنهنجا دوها نقل ڪري ويو آهي. اهو سڄو دور اپڀرنش ٻولين ۽ انهن جي دوهي واري شاعريءَ جي ترقيءَ جو دور آهي. بهار جي جڳ مشهور شاعر ودياپتي به پنهنجن ٻن ڪتابن ”ڪِرتي لتا“ ۽ ”ڪِرتي پتاڪا“ ۾ اهڙي ٻولي ڪم آندي آهي، جنهن ۾ اُپڀرنش ۽ مڪاني ٻولي جو ميل آهي (جنهن کي پوءِ لسانيات جا ماهر ”اوهٽ“ جي نالي سان ياد ڪندا آهن) ودياپتي پنهنجي هڪ اپڀرنش دوهي ۾ پنهنجي ٻوليءَ بابت چوي ٿو ته ”ديسي ٻولي هر ڪنهن کي مٺي لڳي ٿي، ان ڪري مان ان جي ميل واري اپڀرنش ۾ شاعري ڪريان ٿو.“ ودياپتي جي ميل واري اوهٽ ٻوليءَ ۾ سنسڪرت جا لفظ عام جام ڏسجن ٿا. هو اهرن لفظن کي سنسڪرت جي بدران پراڪرت جي گرامر مطابق استعمال ڪري ٿو. سندس زماني جي شاعريءَ جي ٻوليءَ جو عام انداز ساڳيو ئي آهي ۽ ان زماني جو هر ليکڪ پراڪرت ۾ اپڀرنش جي ٻوليءَ جي گرام جي پيروي ڪندو نظر ٿو اچي. شاعري ۽ ادب جو عام لاڙو پراڪرت ۽ اپڀرنش جي نين ضرورتن مطابق آهي. ٻوليءَ جو اهو انداز شاعريءَ ۾ وڌيڪ نمايان آهي ۽ شاعريءَ ۾ رڳو دوهي جي صنف آهي ۽ ٻئي ڪنهن به صنف ۾ ڪلام هيلتائين نه مليو آهي. ڊاڪٽر محمود حسين خان به پنهنجي ڪتاب ”هندي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ ساڳي تحقيق پيش ڪئي آهي. تازو ڊاڪٽر جميل جالبي به پنهنجي تاريخ ادب اردو جي جلد 2 ڀاڱي 2 ۾ دوهي کي پراڪرت ۾ جهوني ۾ جهوني شاعري ڪري ڄاڻايو آهي. مطلب ته اپڀرنش جي شاعري رڳو دوهي جي شاعري هئي. اپڀرنش ٻولين جي آخري دور ۾ سن 1000ع ڌاري مڪاني ٻوليون پنهنجو نئون روپ ڌاري چڪيون هيون ۽ پنهنجي لساني خصوصيتن ۾ پختو ٿي اهڙي صورت اختيار ڪري چڪيون هيون جو اڄ تائين برقرار آهن. انهن ٻولين اپڀرنش جي جاءِ ورتي، ان ڪري دوهو، جيڪو اپڀرنس جي شاعري جي مقبول صنف هئي، گهڻين ٻولين ۾ موجود آهي. اهڙن ٻولين ۾ سنڌي به آهي. مسلمان سن 800ع ڌاري هندستان ۾ اولهه کان داخل ٿيا. اهو زمانو ٻولين جي ڦرڻ ۽ ٺهڻ جو زمانو هو. مسلمانن جي اچڻ ڪري ٻولين جي تعمير ۽ ترقيءَ جي خاص اثر ظاهر ٿيا، جيڪي اڄ تائين موجود آهن، بلڪ گهڻين زبانن کي موجوده شڪل ئي مسلمانن جي اثر هيٺ ملي آهي، ڇو جو اپڀرنش جي ختم ٿيڻ ۽ نين ٻولين جي پيدائش جو دور به ساڳيو ئي آهي. انومان آهي ته انهيءَ دور جا دوها به ٻه سٽا هئا، جيئن دوهي لفظ مان ظاهر آهي. پر چئن ڇهن اٺن سٽن وارن دوهن جي صنفن جو به رواج هو. البت ٻن سٽن وارن دوهن کان گهٽ اهي گهڻ سٽا دوها مسلسل هوندا هئا. دوهي جو وزن چوويهن ماترائن واروئي هو، پر جيئن زبان جا قاعدا به اپڀرنش ۾ سخت نه هئا، تيئن فن جا قاعدا به نرم هئا. ماترائن جي سخت پابندي نه هئي، ۽ دوهي ۾ ٽيويهن ۽ پنجويهن ماترائن جا دوها به گهڻا چيا ويندا هئا. گهڻن سٽن دوهن ۾ چئن ڇهن ۽ اٺن سٽن جي دوهن جا نمونا ”تُڪ“ (قافيي) جي لحاظ کان ٻن قسمن جا هئا. چئن ۽ ڇهن سٽن جو پهريون قسم، جنهن ۾ تڪ قاعدي مطابق رهندي هئي، هيٺ ڏجي ٿو: چئن سٽن جو مثال: ______________ تڪ، ___________ تڪ

                            ___________ تڪ، ___________ تڪ

ڇهن سٽن جو مثال: ______________ تڪ، ___________ تڪ

                            ___________ تڪ، ____________ تڪ
                            ___________ تڪ، ____________ تڪ

پر اهڙن دوهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن، ٽين، پنجين ۽ ستين سٽ ۾ تُڪ (قافيو) نه آڻيندا هئا، ان ڪري هيئت ٿوري ڦريل هوندي هئي. چئن سٽن جو مثال: __________ تڪ، ____________ تڪ

                  _______________ ´  ، ____________ تڪ

ڇهن سٽن جو مثال: __________ تڪ، ____________ تڪ

                  _______________ ´  ، ____________ تڪ
                  _______________ ´  ، ____________ تڪ

اهڙي ئي نموني ۾ اٺن سٽن جا دوها به چيا ويندا هئا، پر ٿوري وقت کان پوءِ ڇهن ۽ اٺن سٽن وارن دوهن جو رواج گهٽ ٿيندي ٿيندي، اهڙا دوها (ٻه سٽا ڇند) يا جوڙي وارا دوها هئا يا سوال جواب جا، پر انهن ۾ هر دوهو پنهنجيءَ جاءِ تي مڪمل هوندو هو. جوڙي وارن دوهن جو هڪڙو مثال هيٺ ڏجي ٿو: (1) چنچل چپلا بهو چلن، بهو ڀوجن بهو روس تُرين ۾ يهي پانچ گن، تِرين ۾ يهي دوس سوخ هجڻ، ٿلهو هجڻ گهڻو هلڻ وارو هجڻ، گهڻو کائڻو هجڻ ۽ گهڻو غصي وارو هجڻ- اِهي اهڙيون پنج وصفون آهن، جو جيڪڏهن گهوڙين ۾ هجڻ ته وڏيون خوبيون ليکبيون، پر عورتن ۾ هجن ته معيوب سمجهيون وينديون. (2) شيتل پاتل مند گتي، الپا ها نروس تِرين ۾ يهي پانچ گُن، تُرين ۾ يهي دوس ٿڌو هجڻ، نرم مزاج هجڻ، آهسته هلڻ وارو هجڻ، شرم وارو هجڻ ۽ ڪاوڙ بلڪل نه ڪرڻ- اهڙيون پنج وصفون آهن، جو جيڪڏهن عورتن ۾ هجڻ ته خوبيون آهن، پر گهوڙين ۾ هجن ته عيب سمجهيا ويندا. اهڙي ئي نموني ۾ سوال جواب جا دوها هوندا آهن: سوال: ڪاهي نيمي ڪڙوي لاڳي، ڪاهي ديت سيتلي ڇانهن

ڪاهي ڀائي بيري لاڳي، هوت داهني بانهن

ڪڏهن نِم ڪڙي لڳندي آهي ۽ ڪڏهن ٿڌي ڇانو ڏيندي آهي. ڀاءُ ڪڏهن ويري هوندو آهي ۽ ڪڏهن سڄي ٻانهن (ٻانهن ٻيلي) هوندو آهي. انهن سوالن جا جواب ٻئي دوهي ۾ ان ريت ڏنا ويا آهن: جواب: کائي نيمي ڪڙوي لاڳي، بيٺي سيتلي ڇانهن ڌن ۾ ڀائي بيري لاڳي، رن ۾ داهني ٻانهن کائڻ سان نِم ڪڙي لڳندي آهي، هيٺ ويهڻ سان ٿڌي ڇانو ڏيندي آهي. ڌن هجي ته ڀاءُ ويري ٿيندو آهي ۽ لڙائيءَ (ويڙهه) ۾ سڄي ٻانهن (ٻانهن ٻيلي- طاقت) هوندو آهي. اسين ڏسي چڪا آهيون ته سوراشٽر ۾ دوهي ۽ سورٺي جي ميل سان سورٺا- دوها- سورٺا ٺاهيا ويا. تڪن جي انهيءَ فني استعمال سان گهڻ سٽن ضفن ۾ ٻيا به ٺهيا. ٽن سٽن وارن ضفن جا مثال هيٺ نقل ڪيا ٿا وڃن: (1) -------------------------“ ------------------------ تڪ


“ ------------------------- تڪ


“ ------------------------ تڪ

(2) -------------------------“ ------------------------- تڪ


“ -------------------------- تڪ


تڪ ----------------------

(3) ------------------------- تڪ ---------------------


“ -------------------------- تڪ


تڪ-----------------------

(4) ----------------------- تڪ ---------------------


تڪ ----------------------


تڪ ---------------------

سنڌ شاعريءَ ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين مثال مان ٻيا ۽ ٽيا نمونا وڌيڪ مقبول ٿيا. ٽئين نموني جا مثال گهٽ ملن ٿا. چئن سٽن جي بيتن جو عام نمونو سورٺي- دهي ۽ دوهي- سورٺي کي ملائي ٺاهيو ويو، مثال طور: سورٺو دوهو ______________ تڪ ______________

         __________________ “ ______________ تڪ

دوهو سورٺو ______________ “ _____________ تڪ

         _________________ تڪ ________________

چئن سٽن جي عام سنڌي بيت جو نمونو آهي: جهلي تان نه رهان، ڌاران پسڻ پرينءَ جي اپر عاجز آهيان، لالن جان نه لهان فردا مون ڦٽي ڪئي، وعدي ڏي نه وهان صباح سنئين نه سهان، خواه ميڙيين خواه ماريين

   (شاهه)

هي دوهو، ”سورٺي-دوهي“ ۽ ”دوهي-سورٺي“ مان ٺاهيو ويو آهي. چئن سٽن جو ٻيو مقبول عام نمونو دوهي ۽ دوهي سورٺي جي ميل سان ٺاهيو ويو آهي: ڏکيءَ سنديون ڏونگرين، آڌيءَ آهون پَوَن، ڏاري جو ڏونگر کي سوڪي چيو چَوَن آري جي افسوس ۾ ماڙهو مِرون رُئَنِ ان پر سيئي هَوَنِ، هيئنڙا جن هجي ويا. (شاهه) اهڙيءَ طرح سٽون وڌنديون ويون ۽ دوهي ۽ سورٺي جي ميلاپ سان بيتن جا نمونا ٺهندا ويا. اپڀرنش جي پوءِ واري دور ۾ گجرات ۽ سنڌ ۾ ٽن سٽن، پنجن سٽن کان وٺي نون سٽن جا بيت به چيا ويا. پر بيتن جي آخري سٽ ۾ هميشه تڪ (قافيو) سورٺي جي انداز ۾ آڻڻ جو رواج پختو ٿي ويو ۽ سنڌي بيت ۾ گهڻو ڪري ان جي خلاف ورزي نٿي ڪئي وڃي ۽ قافيو سدائين سٽ جي وچ ۾ آڻيندا آھن.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. سنڌي بيت جو بُڻ بنياد، از: الياس عشقي؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛آڪٽوبر نومبر، ڊسمبر 1985ع