سائنس فڪشن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وديا ڏند ڪٿا، سائنس فڪشن __(Science Fiction):

سائنس فڪشن پنهنجي جوهر ۾ تخيل جي گهڻ پاسائين اڏام ۽ اظهار جو وسيلو آهي. اُن ڪري ئي سائنس فڪشن جا پلاٽ، ڪردار ۽ ٻيا سڀ لاڳاپيل معاملا مستقبل سان واسطو رکندڙ هوندا آهن. سائنس فڪشن صنف ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ ”هارڊ سائنس“ ۽ ٻي ”سافٽ سائنس“. هارڊ سائنس جا موضوع نيچرل سائنس رهيا آهن ۽ سافٽ سائنس جا موضوع سماجي سائنس بنيا. ان کانپوءِ، سائنس فڪشن ۾ ٻيا موضوع به داخل ٿيا، جيئن ممڪنات، تجسُسُ، جاسوسي ۽ ڊپ وغيره. جيتوڻيڪ، سائنس فڪشن ۾ انهيءَ قسم جي ادب کي گهڻي پذيرائي ڪانه ملي. پر ”ممڪناتي ۽ قياس آرائيءَ تي ٻڌل لکڻيون“ جيڪي فيوچرالاجيءَ جي زمري ۾ اچن ٿيون، تِن تي گهڻو ڪم ٿيڻ لڳو. سنڌي ادب ۾ محمد بخش جوهر (1909- 2010ع) جو نالو ”قياس تي بيٺل ادب“ ۾ سرفهرست آهي. جوهر جا ڪيترائي ڪتاب سائنس فڪشن جو اعليٰ نمونو آهن، جن ۾ ”اڏام کٽولو“ ، ”اڏامندڙ ٿالهيون“ ۽ ”ماڪوڙن جي فوج“ قابل ذڪر آهن. سنڌي ادب ۾ سائنس فڪشن جو پهريون ناول صاحبسنگهه چندا سنگ شاهاڻيءَ (1868-1931ع) ”تارن جو اڀياس“ کي چئي سگهجي ٿو. هِن ناول جو تاڃي پيٽو، اُن زماني جي ڪراچيءَ جي شهري زندگيءَ جي جهلڪ ڏئي ٿو. اهڙيءَ طرح اسين رشيده حجاب کي پهرين سنڌي ليکڪا چئي سگهون ٿا، جنهن سائنس فڪشن جي دائري ۾ ڪهاڻيون لکيون. جديد دور جي بدلجندڙ قدرن کي ذھن ۾ رکندي، سائنس فڪشن تي مبني قاضي فيض محمد(1908-1982ع) ”ٻاويھه سو ٻاويھه“(2222) ۾ لکيو. ھن ناول جي خاص ڳالھه اھا اھي تھ ان ۾ سائنسي ايجادن ۽ ترقيءَ کي ذھن ۾ رکندي مستقبل جو ھڪ سماجي ڍانچو تشڪيل ڏنو ويو اھي. ان کانسواءِ، ايڇ جي ويلز جي جڳ مشهور ڪتاب، ”وار آف دي ورلڊس“ جو نصير سارنگ سنڌي ۾ ترجمو بعنوان ”مريخ جو حملو“ ڪيو آهي، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپايو آهي. اٿارٽيءَ کان سواءِ قاضي منظر حيات جا ٽي ڪتابڙا ”ناميارا سائنسدان“ ۽ هڪ تاب وقت ۽ امتحان (ايڊسين جي ڪهاڻي) ترجمو ۽ ولي رام ولڀ جو ترجمو ڪيل ڪتاب ”سائنسي ڄاڻ“ ۽ نصير سارنگ جو ترجمو ڪيل ڪتاب ”هڪ سؤ هڪ سائنسي رانديون“ به ڇپايا آهن. شمس الدين عرساڻيءَ جو ترجمو ٿيل سائنسي ڪهاڻين جو ڳٽڪو ”سائنسي افسانه“ قابل ذڪر نالا آهن. ان کان سواءِ سنڌيءَ ۾ ٻارن جي لاءِ ڪيتريون سائنسي ڪهاڻيون لکيون ويون يا ترجمو ڪيون ويون آهن، جيڪي سائنس رسالي ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيون آهن. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي