ڪائنات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search
KUGEL-3 pulsierendes Universum

ڪائنات ڪل موجودات جو مجموعي نالو آهي. ان ۾ زمين، سج، چنڊ، گرھ، تارا، ڪهڪشان، خلا ۽ توانائي اچي وڃن ٿا.

تعارف[سنواريو]

جيڪا ڪائنات اسان وڏين دوربينين سان ڏسي سگهون ٿا ان کي آبزرو ايبل يونيورس (Observable universe) چئبو آهي. اها تقريبن 91 نوري سالن جي فاصلي تي پکڙيل آهي. سموري ڪائنات جي پکيڙ جي ڪنهن کي به خبر ناهي. ڪائنات جي شروعات ۽ ارتقا جي باري ۾ سڀ کان وڌيڪ سٺو ۽ تسليم شده نظريو بگ بينگ ٿيوري (Big Bang Theory) آهي. هن نظريي جي مطابق ڪائنات تقريبن 14 ارب سال اڳ عدم مان وجود ۾ آئي. شروع ۾ ڪجھ به نه هو. مادو، زمان، مڪان موجود نه هيا. پوءِ، اڃا تائين اڻڄاتل سببن جي ڪري، عدم مان توانائي ۽ خلا (space) پيدا ٿيا ۽ تمام گھڻو تيزي سان ڦهلجڻ لڳا. ان وقت ڪائنات هڪ ايٽم جي کربين حصي کان به ننڍي هئي ۽ سندس درجئه حرارت کرب کرب کرب ڊگري سينٽيگريڊ هيو. ڦهلاءِ جي نتيجي ۾ اها ننڍڙي ڪائنات وڏي ٿيندي رهي ۽ درجئه حرارت گھٽبو رهيو. ٿڌي ٿيڻ سان توانائي مان اليڪٽران ۽ ٻيا ذرا (sub-atomic particles) ٺهيا. جن مان بعد ۾ ايٽم ٺهيا. ڪافي عرصو پوءِ تارا ۽ ڪهڪشائون ٺهيون .ڪائنات جي ڦهلاءَ جو عمل ان جي پيدائش کان وٺي اڃا تائين جاري آهي.

CMB Timeline300 no WMAP.jpg

ڪائنات جي مستقبل بابت سائنسدانن جا مختلف رايا آهن. ڪن جو خيال آهي ته ڪائنات هميشه ڦهلجندي رهندي ۽ ڪو وقت ايندو جو سمورو مادو توانائي ۾ تبديل ٿي ويندو ۽ گھڻي ڦهلاءَ جي ڪري هي صرف اونداهون خلا وڃي رهندي. جڏهن ته ڪجھ جو خيال آهي ته جيئن مٿي اڇلايل پٿر زمين جي ڪشش جي ڪري هيٺ موٽندو آهي ائين ئي ڪائنات ۾ موجود مادي جي ڪشش ڪائنات جي ڦهلاءَ کي روڪي هن کي واپس سڪيڙڻ شروع ڪندي ۽ نيٺ سڀ ڪجھ هڪ هنڌ گڏجي معدوم ٿي ويندو. ان کي بگ ڪرنچ (Big Crunch) چون. ڪجھ سائنسدانن جو وري خيال آهي ته هن ڪائنات کان ٻاهر ٻيون به لاتعداد ڪائناتون موجود آهن. مستقبل ۾ هيءَ ڪائنات ڪنهن ٻي ڪائنات سان ٽڪرائجي ان ۾ ضم ٿي سگھي ٿي. ان نظريي کي ملٽي ورس (Multiverse) چيو ويندو آهي.

ڪائنات جي بناوٽ[سنواريو]

ڪائنات ۾ تقريبن ھڪ سؤ ارب ڪھڪشائون آهن ۽ ھر ڪھڪشان ۾ تقريبن هڪ سؤ ارب تارا آھن ۽ تقريبن اوترا ئي گرھ، يعني ڏھ بلين ٽرلين.[1] اسان جي ڪھڪشان ايم-31 جي ڀر ۾ آھي جيڪا اڌائي ڪروڙ سالن ۾ ھڪ چڪر پورو ڪندي آھي. اھا ھڪ گول گھمندڙ ٻانھن وانگر آھي جنھن جي وچ ۾ ازخود چمڪندڙ ستارن جو آبشار ھڪ عجيب احساس پيدا ڪندو آھي انھن ۾ ڪجھ اھڙا نازڪ ھوندا آھن جيئن پاڻيءَ جو ڦوٽو پر ايترا وڏا جو انھن ۾ ڏھ ھزار سج يا ھڪ کرب زمينون ماپي وڃن، ٻيا وري ڪنھن ننڍي شھر جيترا پر جست کان اربين دفعا وڌيڪ ڪثيف يا گھاٽائي وارا. ڪجھ ستارا اسان جي سج وانگر تنھا آھن پر اڪثر ستارا ھڪٻئي جي ويجھو آھن ٻٽي شمسي نظام ۾ يعني ٻه سج ھڪٻئي جي چوڌاري ڦرندا آهن پر ستارن جي درجي بندي جو سلسلو ھميشہ جاري رھندو آھي يعني ٽن ستارن جا چند ڊزن بي ترتيب ميڙن مان ٺھندڙ عظيم جھرمٽ جنھن کي لکين سج روشن ڪندا آهن .ٻٽي شمسي نظام ۾ ڪي ستارا ھڪٻئي جي ايترو ويجھو ھوندا آھن جو ھڪٻئي سان گسندا آھن ۽ ان گاٺ سان انھن جو مادو نڪري خلا ۾ ڦھلجندو رھندو آھي. ڪجھ وري ھڪٻئي کان ايترا پري ھوندا آھن جيئن اسان جي سج کان مشتري ھوندو آھي.ڪجھ ستارا سپر نووا ايترا روشن ھوندا آھن جيتري سندن پوري ڪھڪشان، ٻيا وري بليڪ ھول ھوندا آھن جيڪي چند ڪلوميٽرن تان بہ نظر ناھن ايندا.ڪجھ مستقل چمڪندڙ ھوندا آھن.ڪجھ باقائدگي سان ٽمڪندڙ ھوندا آھن ڪجھ انتھائي باقائدگي سان ٽمڪندا رھندا آھن.ڪجھ پنھنجي محور تي ايڏي تيزيءَ سان ڦرندا آهن جو انھن جي شڪل بگڙي ويندي آھي.زيادہ تر ستارہ نظر اچڻ واري روشنيءَ يا انفرا ريڊ روشني سان نظر ايندا آهن، ٻيا ايڪس ريز ۽ ريڊيائي لهرون خارج ڪندا آهن.نيرا ستارا بي حد گرم ۽ نوجوان ھوندا آھن، زرد ستارا وچولي عمر جا ۽ عام ھوندا آھن. ڳاڙھا ستارا پوڙھا ۽ مرڻينگ ھوندا آھن. ننڌا سفيد ۽ ڪارا ستارا موت جي مرحلي مان گذرندڙ ھوندا آھن. ملڪي وي Milky way ۾ مختلف قسمن جا تقريبن چار سؤ ارب ستارا آھن جيڪي ھڪ پيچيدھ پر باقاعده نظام ھيٺ حرڪت ڪري رھيا آھن.ھر ستاري جو نظام ڪائنات جي سمنڊ جي جزيري مثل آهي جيڪو ھڪٻئي کان لکن نوري سالن جي فاصلي تي لا محدود ڪائنات ۾ تري رھيو آھي.[2]

ڪائنات جا فاصلاتي پيمانا[سنواريو]

ڪائنات ايتري وسيع آهي جو زمين تي استعمال ٿيندڙ عام پيمانه ميٽر يا ميل مذاق لڳندا آهن. ان جي بدلي اسان اھي فاصلا روشني جي رفتار سان ماپيندا آھيون. روشني جو ھڪ ڪرڻو ھڪ سيڪنڊ ۾ 146000 ميل يا 300000 لک ڪ م جو فاصلو طئي ڪندو آهي يعني زمين جي چوڌاري ست چڪر لڳائي ويندو. اٺن منٽن ۾ اھو سج کان زمين تي پهچي ويندو آهي. ان کي اسان ھيئن بہ چئي سگھون ٿا ته سج زمين کان اٺ نوري منٽن جي فاصلي تي آھي.ھڪ سال ۾ روشني جو ڪرڻو ڏھ ٽرلين ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪندو آھي (ھڪ ٽرلين= 10 کانپوء 12 ٻڙيون) يعني لامحدود خلا ۾ ڇھ ٽرلين ميل. ڊيگھ جو اھو پيمانو، يعني روشني ھڪ سال م ڪيترو فاصلو طئي ڪندي آھي، نوري سال سڏبو آهي. اھو وقت جو نه پر فاصلو آهن جو پيمانو آھي.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: کائنات:از:کارل ساگان؛اشاعت: 1996؛ترجمہ: منصور سعید؛صفحہ 18 پبلشر: فکشن ہاؤس،لاہور}
  2. {ڪتاب: کائنات:از:کارل ساگان؛اشاعت: 1996؛ترجمہ: منصور سعید؛صفحہ 119 ۽ 20 پبلشر: فکشن ہاؤس،لاہور}
  3. {ڪتاب: کائنات:از:کارل ساگان؛اشاعت: 1996؛ترجمہ: منصور سعید؛ پبلشر: فکشن ہاؤس،لاہور}