فلسفو
فلسفو (Philosophy)، قديم يوناني جي اصطلاح، جن جا معني آهن "دانش/ڏاهپ جي محبت"، عام ۽ بنيادي سوالن جو هڪ منظم مطالعو آهي. موضوع جيڪا هن سان لاڳاپيل آهن؛ انهن ۾ وجود، سبب، علم، قدر، ذهن ۽ ٻولي شامل آهن. اها هڪ عقلي ۽ تنقيدي جاچ آهي جيڪا ان جي طريقن ۽ مفروضن تي غور ڪري ٿي.
تاريخي طور تي، ڪيترا ئي انفرادي علم، جهڙوڪ طبيعيات ۽ نفسيات، فلسفي جو حصو بڻيا. بهرحال، هاڻ انهن کي اصطلاح جي جديد معنيٰ ۾ الڳ الڳ علمي شعبا سمجهيو ويندو آهي. فلسفي جي تاريخ ۾ جيڪ بااثر روايتون موجود آهن، هنن ۾
مغربي فلسفو، عربي-فارسي فلسفو، هندستاني ۽ چيني فلسفو شامل آهن. مغربي فلسفو قديم يونان ۾ پيدا ٿيو ۽ فلسفي جي ذيلي شعبن جي وسيع علائقي کي ڍڪي ٿو. عربي-فارسي فلسفي ۾ هڪ مرڪزي موضوع دليل ۽ وحي جي وچ ۾ تعلق آهي. هندستاني فلسفو روحاني مسئلي کي گڏ ڪري ٿو تهحقيقت جي نوعيت جي ڳولا ۽ علم تائين پهچڻ جي طريقن سان، ڪيئن روشني تائين پهچجي. چيني فلسفو بنيادي طور تي صحيح سماجي رويي، حڪومت ۽ خود پرورش بابت عملي مسئلن تي ڌيان ڏئي ٿو.
فلسفي جون مکيه شاخن ۾ علم شناسي، اخلاقيات ، منطق ۽ مابعدالطبعيات شامل آهن. علم شناسي ان جو مطالعو ڪري ٿي ته علم ڇا آهي ۽ ان کي ڪيئن حاصل ڪجي، اخلاقيات اخلاقي اصولن جي جاچ ڪري ٿي ۽ ڪهڙو عمل صحيح آهي، جي ڳولا ڪندي آهي، جڏهن ته منطق صحيح دليل جو مطالعو آهي ۽ اها ڳولي ٿي ته ڪيئن سٺا دليل خراب دليلن کان ڌار ڪري سگهجن ٿا. مابعدالطبعيات حقيقت جي سڀ کان عام امتيازن، وجود، شين ۽ خاصيتن جو جائزو وٺي ٿو. . ٻين ذيلي شعبن ۾، جماليات، ٻولي جو فلسفو، ذهن جو فلسفو، مذهب جو فلسفو، سائنس جو فلسفو، رياضيات جو فلسفو، تاريخ جو فلسفو ۽ سياسي فلسفو، شامل آهن. هر شاخ اندر، فلسفي جي مختلف مڪتبه فڪر آهن، جيڪا مختلف اصولن، نظرين يا طريقن کي فروغ ڏين ٿا.
فلسفي (Philosopher) فلسفي جي علم تائين پهچڻ لاءِ مختلف طريقن کي استعمال ڪندا آهن. انهن ۾ تصوراتي تجزيو، عام فهم ۽ وجدان تي ڀروسو، سوچ جو استعمال، تجربا، عام ٻولي جو تجزيو، تجربي جي وضاحت ۽ تنقيدي سوال شامل آهن. فلسفو ڪيترن ئي ٻين شعبن سان لاڳاپيل آهي، جن ۾، سائنس، رياضيات، ڪاروبار، قانون ۽ صحافت شامل آهن. اهو هڪ بين الضابطه نقطه نظر فراهم ڪري ٿو ۽ انهن شعبن جي دائري ۽ بنيادي تصورن جو مطالعو ڪري ٿو. اهو انهن جي طريقن ۽ اخلاقي اثرن جي پڻ جاچ ڪري ٿو.
تفصيل
[سنواريو]فلسفو يا فلاسافي (Philosophy) لفظ اصل ۾ ٻن يوناني لفظن جو ميلاپ آهي. فليو (Phileo) معنيٰ محبت يا پيار ڪرڻ ۽ سوفيا (Sophia) معنيٰ سڃاڻپ يا معلومات. ان مان ظاهر آهي تہ فلسفي يا فلاسافيءَ جو مطلب سڃاڻپ يا معلومات سان محبت ڪرڻ آهي. ڏاهپ جو هڪ اهڙو علم، جيڪو ڪنھن نموني ڪائنات ۾ انسان متعلق بنيادي سوالن تي بحث ڪري، مثال طور ڇا دنيا جي بناوٽ طبعي آهي؟ ڇا اسان يقين سان ڪجهہ ڪري سگهون ٿا؟، ڇا اسان آزاد آهيون؟، وغيره. اهڙي دنيا سان تعلق رکندڙ ٻيا مسئلا بہ ان ۾ اچي وڃن ٿا. فلسفو سائنس کان مختلف آهي. هن ۾ هر شيءِ تجربي سان ظاهر ڪري نہ ٿي سگهجي نہ وري مذهبي طور ان جي ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي. فلسفو ما بعد الطبيعات، اخلاقيات، جيڪو شڪ جا دروازا کولي ٿو. اهو صحيح آهي تہ سائنس بہ اسان کي معلومات ڏئي ٿي، پر اها معلومات فلسفي جي معلومات کان ٻئي قسم جي آهي، ڇا ڪاڻ تہ سائنسي معلومات حقيقت جي صرف هڪ حصي جي معلومات ڏئي ٿي.
سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي
[سنواريو]سنڌ ۾ فلسفي جي پھرين ويب سائيٽ "سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي" (Sindh Philosophical Society آرڪائيو ڪيا ويا 2023-08-10 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.) آھي. ھن سوسائٽي جو بنياد سنڌ ۾ فلسفي جي علم کي عام ڪرڻ ۽ سنڌي سماج ۾ فلسفي جي شاگردن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف ھڪ علمي تحريڪ جو آغاز ڪرڻ آھي. سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي تي ھن وقت تائين ڪيترا ئي فلسفي تي مضمون سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولي ۾ شايع ٿي چڪا آھن ۽ انھي سان گڏوگڏ ھڪ انگلش زبان ۾ ڪتاب پڻ آن لائن ڪئي وئي آھي. سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي جمھوريتي اصولن تحت ھلندڙ سنڌ جي واحد فلسفي تي مڪمل طور فعال سوسائٽي آھي، جنھن جو موجوده صدر اظھر علي آھي.سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي متعلق وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي جي ويب سائيٽ، انسٽاگرام ۽ فيس بڪ جي لنڪ، ڪري سگھو ٿا.
https://linktr.ee/sindhphilosophicalsociety