فلسفو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فلسفو يا فلاسافي (Philosophy) لفظ اصل ۾ ٻن يوناني لفظن جو ميلاپ آهي. فليو (Phileo) معنيٰ محبت يا پيار ڪرڻ ۽ سوفيا (Sophia) معنيٰ سڃاڻپ يا معلومات. ان مان ظاهر آهي تہ فلسفي يا فلاسافيءَ جو مطلب سڃاڻپ يا معلومات سان محبت ڪرڻ آهي. ڏاهپ جو هڪ اهڙو علم، جيڪو ڪنھن نموني ڪائنات ۾ انسان متعلق بنيادي سوالن تي بحث ڪري، مثال طور ڇا دنيا جي بناوٽ طبعي آهي؟ ڇا اسان يقين سان ڪجهہ ڪري سگهون ٿا؟، ڇا اسان آزاد آهيون؟، وغيره. اهڙي دنيا سان تعلق رکندڙ ٻيا مسئلا بہ ان ۾ اچي وڃن ٿا. فلسفو سائنس کان مختلف آهي. هن ۾ هر شيءِ تجربي سان ظاهر ڪري نہ ٿي سگهجي نہ وري مذهبي طور ان جي ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي. فلسفو ما بعد الطبيعات، اخلاقيات، جيڪو شڪ جا دروازا کولي ٿو. اهو صحيح آهي تہ سائنس بہ اسان کي معلومات ڏئي ٿي، پر اها معلومات فلسفي جي معلومات کان ٻئي قسم جي آهي، ڇا ڪاڻ تہ سائنسي معلومات حقيقت جي صرف هڪ حصي جي معلومات ڏئي ٿي.

[1]

سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي؟

سنڌ ۾ فلسفي جي پھرين ويبسائيٽ 'سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي' (Sindh Philosophical Society) آھي.ھن سوسائٽي جو بنياد سنڌ ۾ فلسفي جي علم کي عام ڪرڻ ۽ سنڌي سماج ۾ فلسفي جي شاگرد سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف ھڪ علمي تحريڪ جو آغاز ڪرڻ آھي.سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي تي ھن وقت تائين ڪيترا ئي فلسفي تي مضمون سنڌي،اردو ۽ انگلش زبانن ۾ شايع ٿي چڪا آھن ۽ انھي سان گڏوگڏ ھڪ انگلش زبان ۾ ڪتاب پڻ آنلائن ڪيو ويو آھي.سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي جمھوريتي اصولن تحت ھلندڙ سنڌ جي واحد فلسفي تي مڪمل طور فعال سوسائٽي آھيجنھن جو موجوده صدر اظھر علي آھي.سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي متعلق وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي جي ويبسائيٽ،انسٽاگرام ۽ فيسبڪ جي لنڪ تي وزٽ ڪري سگھو ٿا.

https://linktr.ee/sindhphilosophicalsociety

/

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.