مواد ڏانھن هلو

افلاطون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
افلاطون
Plato

رومن پورٽريٽ جي ڪاپي افلاطون جي منڍي جي مورت (ت. 370 BC)
پيدائش 428/427 or 424/423 ق.م.
اٿينز,يونان
وفات 348/347 ق.م.(عمرت. 80)
اٿينز، يونان
مشھور ڪم اپالاجي(ڪتاب)

فئڊو (ڪتاب

سمپوزيوم (ڪتاب)
ريپبلڪ (ڪتاب)
عهد قديم فلسفو
علائقو مغربي فلسفو
مڪتبه فڪر افلاطونيت(Platonism)
شعبه عمل
اهم نظريا


افلاطون(انگريزي: Plato)افلاطون جو جنم انهن ڏينهن ۾ ٿيو جڏهن يوناني سماج جي عزت جو سج ٻڏڻ ويجهو هو[1]. افلاطون جو تعلق اميرن جي پراڻي گهراڻي سان هو، جيڪو واپار ۽ واپار ڪندڙ نون دولتمندن کي ڏاڍي نفرت جي نگاهه سان ڏسندو هو، جيتوڻيڪ اقتدار سندس هٿن مان نڪري چڪو هو پر اهي اڃا پاڻ کي يوناني تهذيب ۽ تمدن جا نگهبان سمجهندا هئا[1]. ان طبقي جو ايمان هو ته ملڪ جي زوال جو سبب اهو ئي آهي ته اٿينـز جو نظم ۽ ضبط اميرن بدران بازاري ماڻهن جي قبضي ۾ اچي ويو آهي. ان ماحول ۾ پلجندڙ افلاطون مرڻ گهڙيءَ تائين واپارين سان ٺاهه ڪري نه سگهيو.[1]

افلاطون

هن جو پورو نالو ارسطو قليس هو، بعد ۾ افلاطون ٿيو. سندس پيءُ جو نالو ارستون هو ۽ هو ايٿنز جي داستانوي بانيڪارن جي خاندان مان هو جڏهن ته هو ماءُ جي طرفان به ڪيترن ئي دولتمند ۽ مشهور اٿينائين جو مائٽ هو. سمجھيو وڃي ٿوته هن افلاطون جو نالو پنهنجن ويڪرن ڪلهن جي سبب اختيار ڪيو هو[2]. شايد ايٿنس ۾ 428 ق م ۾ پيدا ٿيو. سٺي خاندان جي ڇوڪرن وانگر ادب موسيقي ۽ رياضي جي تعليم حاصل ڪيائين. هو شعر به چوندو هو ۽ پهلوان ۽ ڪسرتي به هو. ويهن سالن جي عمر ۾ سقراط جو شاگرد ٿيو. اٺن سالن تائين هن کان علم پرائيندو رهيو.افلاطون جواني جي شروعاتي ڏينهن ۾ شاعر ۽ دانشور هئڻ سان گڏوگڏ عام راءِ مطابق، هڪ وڏو ملهه پهلوان به هو ۽ هن سپاهي طور به ڪم ڪيو هو[2]. انهي دور جي سڀني يونانين وانگر راندين روندين، ورزشي ڪرتب بازين، ناچ ۽ گهوڙي سواري ذريعي جسم جي نشوونما سان گڏوگڏ سوچ ۽ فڪر جي ورزش به ٿيندي رهي ۽ انهي فيلسوف اهڙي گوشه نشيني واري ۽ پڙهاڪو زندگي نه گذاري جيڪا موجوده دور ۾ دانشورن کي عام زندگي جي ڪمن ڪارين لاءِ ناموزون بڻائي ٿي ڇڏي[2].

سقراط جي صحبت

[سنواريو]

سقراط سان ملاقات افلاطون جي زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي آندي هئي. هو لاڏ ۽ ڪوڏ سان پليو هو. هو بيحد وڻندڙ ۽ طاقتور نوجوان هو. چون ٿا ته اهو نالو (Plato) مٿس انهيءَ ڪري ئي پيو هو، جو هن جا ڪُلها موڪرا هئا. هن هڪ قابل ۽ بهادر سپاهيءَ جي زندگيءَ به گذاري هئي ۽ هو راندين جي قومي مقابلن ۾ ٻه ڀيرا انعام به حاصل ڪري چڪو هو. اهڙي اغرض شباب مان هڪ فلسفيءَ جو اُسرڻ ناممڪن نه ته به مشڪل ضرور هو. پر هن اڙٻنگ نوجوان جي بي آرام ۽ نازڪ روح، سقراط جي منطقي بحث مباحثن ۾ راحت ۽ مسرت محسوس ڪئي. سندس معزز استاد جڏهن عام تسليم شده عقيدن ۽ قياس آرائين کي پنهنجن موزون ۽ تز سوالن جي نيز نوڪ سان ڦاڙيندو ۽ اکيليندو هو. تڏهن افلاطون جي دل خوشيءَ ۾ پيئي ٽپندي هئي. هو شغل ۾ پڻ اهڙي ئي شوق ۽ امنگ سان شامل ٿيندو هو. جيئن ڪسرت گاهه جي ڪرتبن ۽ جسماني راندين ۾، سقراط کي هو ”ٻڍو درويش“ سڏيندو هو. ۽ هُن جي رهبريءَ ۾ هو، ٺلهي بحث مباحثي جي منزل ٽپي، شين ۽ ڳالهين جي باخبر ڇنڊڇاڻ ۽ باريڪ تحقيق ڪرڻ لڳو. هو پنهنجي استاد سان ۽ ان جي صحبت ۾ فلسفي سان پر جوش محبت ڪرڻ لڳو هو چوندو هو ته ”خدا جو شڪر آهي جو مان يوناني ٿي ڄائس ۽ نه وحشي، آزاد ٿي ڄائس ۽ نه غلام، مرد ٿي پيدا ٿيس ۽ نه عورت، پر سڀ کان وڌ مان خدا جو شڪر گذار انهيءَ ڪري آهيان، جو مون سقراط جي زماني ۾ جنم ورتو.“ هو اٺاويهن ورهين جو هو، جڏهن سندس استاد فوت ٿيو، اُن جي صلح پسند زندگيءَ جي المناڪ پڇاڙيءَ، هن جي فڪر جي هر پهلوءَ تي اونها ۽ گهاٽا اثر وڌا. ان ڪري ئي هو جمهوريت سان نفرت ڪرڻ لڳو ۽ ماڻهن جي انبوهه کي ڌڪارڻ لڳو. هن پڪو ارادو ڪيو ته جمهوريت کي ناس ڪرڻ گهرجي ۽جمهوريت جي بدران وڌ ۾ وڌ دانشمندن ۽ اعليٰ هستين جي حڪومت برپا ڪجي، اهو سندس زندگيءَ جو اهم ترين مسئلو ٿي پيو ته ڪيئن اهڙا دانشمند بزرگ ڳولي لهجن، ۽ ڪيئن ان ڳالهه تي انهن کي رضامند ڪجي، ته هو حڪومت جون واڳون سنڀالين.

سياحت

[سنواريو]

افلاطون جي جواني اسپارٽا جي تباهه ڪندڙ جنگ واري ماحول ۾ گذري. 404 ق.م ۾ جڏهن اها جنگ ختم ٿي ۽ اقتدار افلاطون جي مائٽن جي هٿن ۾ آيو، تڏهن افلاطون کي به صلاح مشوري جي گڏجاڻيءَ (ڪاميٽيءَ) ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي، پر افلاطون انڪار ڪري ڇڏيو. هڪ سال کان پوءِ جمهوريت پسندن ان حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو ته افلاطون کي اچي ڀَو ويٺو ته متان اڳوڻن حاڪمن سان مائٽيءَ جي ڪري مٿس به نه قهر نازل ٿئي، تنهنڪري هن اٿينـز مان موڪلايو ۽ يونان جي مختلف شهرن ۾ ٽڪندي ۽ سفر ڪندي، اچي مصر پهتو. مصر ۾ افلاطون رياضيءَ ۽ علم نجوم (ستارن جي علم) جي تعليم پوري ڪئي ۽ ڏکڻ اٽلي روانو ٿيو. اٽليءَ ۾ کيس حڪيم پيٿاگورس جي شاگردن جي صحبت ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو. پيٿاگورس (582-507 ق.م) يونان جو پهريون جمهوريت پسند فلسفي هو[1]. هن فلسفي جو اصطلاح ٺاهيو. پاڻ ڏکڻ اٽليءَ ۾ ڪروٽن جي علائقي ۾ پنهنجن شاگردن ۽ مريدن جي هڪ وسندي وسائي هئائين، جتي ماڻهو سوشلسٽ اصولن موجب زندگي گذاريندا هئا. پيٿاگورس قدرتي لقائن جي تشريح عددن جي پاڻ ۾ رشتي ۽ موسيقيءَ جي قانونن جي حوالي سان ڪندو هو. پاڻ (روح جي) جوڻ مٽائڻ ۽ تشدد نه ڪرڻ جو قائل هو ۽ عورت ۽ مرد کي سماج ۾ هڪ جيترو درجو ڏيندو هو. هو چوندو هو ته زمين گول ۽ چرپر ڪندڙ آهي. افلاطون پيٿاگورس جي تعليم کان ڏاڍو متاثر ٿيو،[1] سقراط کي بچائڻ جي لاءِ ڪيل هن جي ڪوششن، جمهوريت جي اڳواڻن جي دلين ۾ خود افلاطون جي سلامتيءَ متعلق شڪ پيدا ڪيا هئا، تنهنڪري هن جي دوستن، هن کي مشورو ڏنو هو ته اٿينس هُن لاءِ خطري کان خالي نه هئي. تنهنڪري اهو هن لاءِ سٺو موقعو هو ته ٻاهر دنيا ۾ سفر جي خيال کان نڪري وڃي ۽ ڪجهه وقت اٿينس کان ٻاهر رهي. ۽ دنيا کي ڏسي وائسي[3]. انهيءَ خيال کانپوءِ انهيءَ سال يعني 399 ق.م تي هو سفر تي روانو ٿيو، اسان کي پوريءَ ريت معلوم نه آهي ته هو ڪٿي ڪٿي ويو. پر شايد سڀ کان اول هو مصر ويو هجي، اُتي جڏهن هُن اتان جي مذهبي پيشوائن کان ٻڌو ته يونان اڃا ٻاراڻي اُوستا ۾ هو، تڏهن هن کي ڏاڍو صدمو پهتو. انهن جي راءِ موجب، يونان کي اڃا ڪي محڪم ثقافتي روايتون ڪونه هيون ۽ نه ئي ان جو ڪو پائدا تمدن هئي ۽ ان ڪري يونان ڪنهن خاص ڌيان جي لائق نه هو[3]. هو ٻارهن سال گهميو ڦريو. جيڪو به ذريعو هٿ آيس، تنهن وسيلي علم حاصل ڪيائين. هر مقدس جاءِ تي ويو ۽ اُتان جيڪي مليس، سو پرايائين. هر فرقي جي شخصي طرح آزمائش ورتائين[3]. ڪن جو رايو آهي ته هو يهودين جي ملڪ ۾ پڻ ويو، ۽ اتي جي اشتراڪيت پسند پيغمبرن جي روايتن جي مڪتب ۾ ذهني تربيت حاصل ڪيائين، ڪي ته هيئن به چون ٿا ته هو گنگانديءَ جي ڪنارن تائين به پهتو هو ۽ اُتان جي ساڌن جي ويدانتي فڪر مان ب فيض حاصل ڪيائين، پر اسان کي تصديق نه آهي[3]. هو اٿينس ڏانهن سن 387 ق.م ۾ 40 ورهين جي ڄمار ۾ واپس وريو، مختلف قومن سان ملاقاتون ڪرڻ ڪري ۽ مختلف ملڪن جي حڪمت جي اڀياس ڪرڻ ڪري، هن جو دماغ هاڻي بلوغت جي ڏاڪي تي پهتو هو. جوانيءَ وارو گرم جوش گهڻي قدر هاڻي گهٽجي ويو هوس[3]. استاد جي مرڻ کان پوءِ افلاطون سائبرين، مصر، اٽلي ۽ سسلي جو سفر ڪيو ۽ ميکارا جاءِ تي حڪيم اقليدس جي شاگردي به ورتي. 388 ق م ۾ گرفتار ٿيو. ۽ غلام بڻائي وڪيو ويو. بعد دوستن رقم ادا ڪري ڇڏائي ورتو. آخر ۾ ايٿينس پهتو ۽ هن پنهنجي مشهور اڪيڊمي کولي جنهن کي هو پنهنجي زندگي جو مقصد سمجهندو هو. هتي چاليهن سالن تائين هن تعليم ڏني.

افلاطون جي اڪيڊمي

[سنواريو]

افلاطون اٽليءَ کان سسلي ويو جتي سندس دوستي ڊائنوسس (اول) بادشاهه جي خاص صلاحڪار ڊيان سان ٿي، پر هڪ ڏينهن بادشاهُه افلاطون جي ڪنهن ڳالهه تي ناراض ٿي پيو ۽ کيس غلام بڻائي وڪڻي ڇڏيائين. ڪجهه عرصي کان پوءِ سندس دوستن رقم ڏئي کيس آزاد ڪرايو. ان غلاميءَ مان نجات حاصل ڪري هُو 12 سالن جي سير سفر کان پوءِ اٿينـز موٽي آيو ۽ اتي اچي پنهنجي مشهور درسگاهه (اڪيڊمي) قائم ڪئي ۽ چاليهن سالن تائين اميرن جي ٻارن کي تعليم ڏيندو رهيو.[1]

افلاطون جا مڪالما

[سنواريو]

افلاطون جي مقالمن سڀ کان وڌيڪ مشهور جمهوريت آهي جنهن ۾ هن حڪومت جي نظام بابت ٻڌايو آهي. افلاطون جي تصنيفات جو اثر ارسطو کان به گهڻو ٿيو[4].

افلاطوني فلسفو

[سنواريو]

افلاطون (Plato): يوناني فيلسوف، جنهن حڪمت الاهيءَ جو بنياد وڌو، جيڪو اڄ به دنيا جي وڏن اثرن رسوخ وارن مفڪرن ۾ شمار ٿئي ٿو[4]. هيءُ اٿينس جي هڪ اشراف گهراڻي ۾ 472 ق. م ۾ ڄائو، ۽ سقراط کان -تعليم- حاصل ڪيائين. سندس بنيادي تصنيفن ۾ سقراط جي فلسفي جي ئي ترجماني ڪيل آهي[4]. -افلاطون- جو فلسفو ”مڪالمات“ جي شڪل ۾ بيان ٿيل آهي، جيڪو اسلوب بيان، فڪر ۽ نظر جي گهرائيءَ ۽ وسيع خيالن جي لحاظ کان عالمي ادب جو شاهڪار تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس انهيءَ ڪتاب ۾ جمهوريت، قانون، تنقيد، سوفسطائيت سميت 18 موضوعن تي بحث ڪيل آهي[4]. ”عوامي راڄ“ (Republic)، -افلاطون- جو مشهور ڪتاب آهي، جنهن ۾ هڪ مثالي حڪومت جو نقشو سامهون رکي، انصاف جو عملي خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. هن ئي ڪتاب ۾ هن شاعرن کي پنهنجي مثالي رياست مان نيڪالي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ -ان- سلسلي جو بحث ادبي -تنقيد- جي زمري ۾ اچي ٿو. افلاطون، اٿينس ۾ هڪ ”اڪيڊميءَ“ جو بنياد به رکيو. سندس فلسفي موجب علم صحيح، دائمي ۽ غيرمتبادل هوندو آهي. هن ”روح عالم“ جو تصور به ڏنو، ۽ اهڙيءَ طرح مادي ڪائنات جي خالق کي تسليم ڪيو آهي. هيءُ روح عقليءَ کي غيرقانوني سمجهندو هو. سندس فلسفي موجب، ”خير“ جا بنيادي جزا چار آهن: عدل، اعتدال، شجاعت ۽ حڪمت، هن وٽ بدنظمي سراسر فساد آهي. هو نظم ۽ ترتيب کي مثالي رياست قرار ڏئي ٿو، -جتي- جو حاڪم فلسفي پڻ هجي. ادب ۽ فن جي -باري- ۾ -افلاطون- جو نظريو اهو هو ته مثالي حسن سان محبت، -انسان- کي ”عين خير“ تائين پهچائي ٿي. تنهن هوندي به هو پنهنجي مثالي رياست مان شاعرن کي نيڪالي ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. وٽس فقط مادي دنيا جو تصور ٺڪرايل آهي[4]. هيءُ فيلسوف 347 ق. م ۾ گذاري ويو. فلسفي جي دنيا ۾ -افلاطون- انتهائي همه گير شخصيت جو مالڪ آهي. هو فلسفي جي -تاريخ- ۾ پنهنجي آدرشن جو نظريو (Theory of Ideas) جي ڪري مشهور آهي. -ان- کان سواءِ روح جي لافاني هجڻ، -تخليق- ڪائنات جي مخصوص نظريي، علم يا ڄاڻ بحيثيت يادگيريءَ جي، وغيره، سندس اهڙا نظريا آهن، جيڪي کيس هميشه لاءِ فلسفي ۾ زنده رکندا اچن ٿا. جيستائين -افلاطون- جي پنهنجي فڪر جو تعلق آهي ته -ان- تي سندس پيشرو فيلسوفن جهڙوڪ: پئٿاگورس، پارمينائڊس، هيراقليطس ۽ سقراط جا واضح اثر نظر اچن ٿا. پئٿاگورس وٽان هن مذهبي رجحان، خاص ڪري لاقانونيت ۽ ٻيءَ دنيا جا تصور ورتا[4]. اهڙيءَ طرح حقيقت کي ابدي ۽ وقت کان مٿي ڄاڻڻ جو نظريو، هن پارمينائڊس کان پرايو. هيراقليطس جي نظريي جو مٿس وڏو اثر ٿيو، جنهن مطابق حسياتي دنيا ۾ ڪابه شيءِ مستقل ۽ دائمي نه هئي. سقراط کان هن اخلاقيات جو اعليٰ درس پرايو ۽ -ان- کي ئي پيش ڪيائين[4]. افلاطون جي ”نظريه اعيان“ موجب هيءَ دنيا ٻيءَ اصلي دنيا جو نقل يا نظير آهي. هر شيءِ جو عين مطابق عالم بالا يا عالم مثال ۾ موجود آهي، جيڪو غير متبادل ۽ لافاني آهي. هن دنيا ۾ انهن شين جا صرف عڪس يا اولڙا آهن. -ان- جو مثال ڏيندي چوي ٿو ته اسان جيڪا ڪاٺ جي ميز ڏسون ٿا، -ان- ۾ هڪڙي ته اها ڪاٺ واري ٺهيل ميز آهي، پر -ان- جي پٺيان ميز جو هڪ اهڙو آفاقي تصور (universal idea) آهي، جنهن سان اها ڪاٺيءَ واري ميز مطابقت رکي ٿي. هن جو چوڻ آهي ته اهو تصور ئي دراصل لافاني آهي، باقي ڪاٺ واري ميز ته فاني آهي[4]. اهڙيءَ ريت -افلاطون- جو نظام فلسفي جي دنيا ۾ پهريون جامع عينيت پسند ۽ تصوراتي يا آدرشي فڪر (Idealism) آهي. هن جي خيال ۾ هن دنيا جون طبعي شيون غير حقيقي يا نقل آهن ۽ -ان- جي مقابلي ۾ اعيان، دائمي ۽ آدرشي آهن. خدا ۽ خير جو تصور ٻين سڀني تصورات جو ڄڻ ته نقطئه ڪمال آهي[4]. بهرحال، -افلاطون- فلسفي جي دنيا ۾ ماديت پسند (Materialism) فلسفي جي مقابلي ۾ آدرشيت يا عينيت (Idealism) جو وڏي ۾ وڏو نمائندو آهي. -افلاطون- جي مستقل -تصنيف- سندس مڪالمات (Dialogues) آهن، جيڪي ڪيترن عنوانن تي مشتمل آهن. مشهور فلسفي -ارسطو- سندس شاگرد هو[4]. علامہ آء آء قاضي لکي ٿوتہ ”.... فلسفي جي دنيا ۾ افلاطون انتھائي ھمـه گير شخصيت جو مالڪ آھي. ھو يونان جي عظيم استاد ۽ انسان سقراط جو شاگرد ھو. فلسفي جي تاريخ ۾ افلاطون پنھنجي نظريه اعيان (Theory of Ideas )جي ڪري مشھور آھي. ان کان سواءِ روح جي لافاني ھجڻ، تخليق ڪائنات جي مخصوص نظريي، علم يا ڄاڻ بحيثيت يادگيري وغيره. سندس اھڙا نظريا آھن جيڪي کيس ھميشـﮧ لاءِ فلسفي ۾ زندھه رکندا اچن ٿا."[5] افلاطون جو فلسفو انهي لحاظ کان بنيادي طور اخلاقي فلسفو آهي جو سندس خيال ۾ انسان انهي لاءِ پيدا ٿيو آهي جيئن پنهنجي تڪميل ڪري سگهي ۽ اها تڪميل گهٽ يا وڌ هن دنيا ۾ ئي حاصل ڪئي وڃڻي آهي[2]. انسان قانون کي ورلي ئي سمجھي سگهيو آهي ۽ انهي تي فقط ڪڏهن ڪڏهن اڻپوري نظر ئي وجھي وٺي ٿو، پر اهو ئي سبب آهي جو هو سدائين اهو محسوس ڪندو رهي ٿو ته هن ۾ ڪنهن شي جي کوٽ آهي[2]. هو جيڪڏهن پنهنجي وجود جي انهي قانون کي سمجھي ها ۽ انهي جي پوئواري ڪري ها ته هو مڪمل طور خوش هجي ها. درحقيقت اها ڳالهه اخلاقيات جي عيسائي تصور کان بلڪل مختلف آهي جنهن ۾ اهو نظريو سمايل آهي ته انسان کي پنهنجي ادنيٰ فطرت کي فتح ڪرڻو آهي ۽ اهو آسمان جي بادشاهت کي هن دنيا جو نه ٿو سمجھي[2]. افلاطون مطابق انسان جو انهي کان برتر ڪو فرض ئي نه آهي ته هو پاڻ کي تڪميل جي سکيا سان وابسته ڪري. تڪميل جي ڳولها سندس فطرت سان واسطو رکي ٿي. اهو ڪو اخلاقي امر نه آهي اها ته انساني فطرت جي سمجھ ڀري ۽ متوازن نشوونما جو هڪ ضروري شرط آهي[2]. چڱائي انهي ڪري چڱائي آهي جو اها صحتمند ۽ سونهن ڀري آهي، انصاف انهي ڪري چڱو آهي جو ناانصافي غير مربوط، غير متوازن ۽ بدصورت آهي[2]. افلاطون کي فيلسوف طور سڀ کان اهم حيثيت پنهنجي وحدت (Unity) جي تصور جي سبب آهي. هن کي پڪ هئي ته سچ ۽ چڱائي جو وجود آهي ۽ اهي هڪٻئي کان ڌار نه ٿا ٿي سگهن ۽ اهو ته نيڪي جو دارومدار علم تي آهي[2]. چڱائي، سچ ۽ حسن جي انهي وحدت جي بنياد تي افلاطون جو رايو هو ته سڀئي فن جهڙوڪ موسيقي، ادب، شاعري، فن تعمير، فصاحت، سياست ۽ دستڪارين کي لازماً اخلاقي فلسفي جي تابع هئڻ گهرجي ۽ انهن جو قدر به ايستائين آهي جيستائين اهي انهي جي خدمت ڪن[2]. دنيا ۾ ڪوڙو فن تعمير، ڪوڙي شاعري ڪوڙو ادب وغيره به آهن جيڪي انسان کي مڪمل جي حاصلات کان پري رکن ٿا ۽ کيس بي علم ۽ نامڪمل بڻائين ٿا[2]. حقيقت ۾ افلاطون جي نظريي ۽ عيسائيت جي نظريي ۾ ڪيتريون ئي هڪ جهڙايون آهن، پر هي اهڙو نظريو آهي جنهن جو بنياد خدا ۽ انسان ذات جي نجات دهندي ۾ عقيدي بجاءِ انسان ۽ روح بابت عقلي نقطئه نظر تي آهي[2]. پر اهڙا ماڻهو به جيڪي نه ئي وحدت جو افلاطوني نظريو قبول ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي انهن کي يسوع مسيح جون تعليمات قبول آهن اهي به افلاطون کان بي نياز نه ٿا ٿي سگهن[2]. هو سدائين اهڙو انسان ٿي موجود رهندو جنهن تمام غير محسوس طريقي سان، تمام مستقل مزاجي سان ۽ تمام وڻندڙ نموني ۾ ۽ تمام تفصيل سان انسان جي فطرت ۽ انسان جي روح بابت بحث ڪيو[2].

خدا بابت خيال

[سنواريو]

افلاطون، قبول ٿو ڪري ته ڪابه قوم ايستائين مضبوط نه ٿيندي، جيستائين ان جو خدا ۾ اعتماد نه آهي. ڪابه ڪائنات جي قوت يا پهريون سبب يا زندگيءَ جو متو، جنهن ۾ ڪا خاص شخصيت نه آهي، سا مشڪل سان ئي اميد، عقيدت يا جان نثاري پيدا ڪري سگهندي. اهي، نااميديءَ ۾ متبلا ٿيل دلين کي، آرام هرگز آڇي نه سگهندا، ۽ نه ئي وري، ڪشمڪش ۾ گرفتار ٿيل روحن کي تسڪين پهچائيندا. فقط دائم ۽ قائم، هڪ خدا تعاليٰ هستي ئي آهي، جيڪا ائين ڪري سگهندي. اها هستي ئي، هڪ خود غرض انفراديت پسندا انسان کي تلقين ڪندي يا ڊپ ڏياريندي، ته هو پنهنجي خواهشن ۾ ڪجهه قدر ڪمي ڪري ۽ پنهنجي هوس ۽ حواسن تي غالب پوي. جيڪڏهن ماڻهو، خدا ۾ ايمان سان گڏوگڏ، پنهنجي شخصي روح جي لافاني هئڻ جو يقين رکن، ته جيڪر نهايت خاطر خواه نتيجا نڪرن. هڪ ٻي زندگيءَ، جي اميد، اسان ۾ همت پيدا ڪري ٿي. جيئن اسان موت جو مقابلو مردانگي سان ڪري سگهون ۽ پنهنجي عزيزن خواه قريبن جا موت به صبر سان برداشت ڪريون. جڏهن اسان ايمان سان جنگ جوٽيون ٿا ته اسان جي قوت ٻيڻي ٿئي ٿي. فرض ڪريو ته اسان جي انهن اعتقادن جي ڪابه ظاهري ثابتي ٿي نٿي سگهي. خدا تعاليٰ، صرف اسان جي اميد ۽ عشق جو معياري مجسمه آهي ۽ روح، هڪ سرود جي سُر سمان آهي ۽ اهو سر، ان سرود سان گڏ ئي ختم ٿي وڃي ٿو. جنهن ان کي صورت بخشي. پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود، انهن اعتقادن مان اسان کي ڪوبه ضرر (اهنج) ڪونه رسندو، اسان کي ۽ اسان جي ٻارن کي بيحد فائدو حاصل ٿيندو[3]. ”پلوٽارچ“ (Plutarch) اسان کي ٻڌائي ٿو ته افلاطون جي خيال مطابق، خدا تعاليٰ هميشه جاميٽريءَ جي اصولن موجب دنيا کي هلائي ٿو. ”اسپنوزا“ به ساڳئي خيال جي هن ريت تشريح ڪري ٿو. ته خدا، جسماني بناوت ۽ عمل جا عالمگير قاعدا ساڳي ڳالهه آهن، ”برٽنڊرسل“ (Bertrand Russell) وانگر افلاطون لاءِ پڻ رياضي، فلسفي جي هڪ اهم تمهيد آهي ۽ رياضي، فلسفي جي سڀ کان اعليٰ صورت آهي. پنهنجي تعليم گاهه جي درن مٿان، دانتي (Dantesgue) وانگر، افلاطون به هيءُ لفظ لکائي ڇڏيا، ”جنهن کي جاميٽريءَ جي واقفيت نه آهي، سي اندر نه لنگهن[3].“

وفات ۽ وراثت

[سنواريو]

347 ق م ۾ هڪ شادي جي دعوت ۾ شامل ٿيو ۽ اتي ئي فوت ٿي ويو. ان وقت سندس عمر اسي سال هئي[4].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2019-11-11 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. (ڪتاب: موسیٰ کان مارڪس تائين؛. ليکڪ: سبط حسن)
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 2.13 [2] ڪتاب جو نالو؛ هڪ سؤ عظيم ڪتاب؛ مصنف: محمد احمد منصور عباسي؛ ايڊيشن:2012ع؛ ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 3.6 http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد){ڪتاب : فلسفي جي ڪھاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}
  4. 4.00 4.01 4.02 4.03 4.04 4.05 4.06 4.07 4.08 4.09 4.10 افلاطون : (Sindhianaسنڌيانا)
  5. {علامہ آء آء قاضي___[”صوفي لاڪوفي“، ص 22]}