ڊرامو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search
Drama-icon.svg

ڊراما__ناٽڪ __(Drama): ’ڊراما‘ يوناني لفظ ’ڊرائو‘ يا ’ڊراءِ‘ مان نڪتل اھي، جنھن جي معنيٰ اھي ”عمل“ يا ”عمل ڪري ڏيکارڻ“. ان کان علاوه “آهل ڪرڻ” يا “نقل ڪرڻ” (imitation) جو لفظ به ڊرامي لاءِ استعمال ڪيو ويو. ڊرامي جي شروعات قديم يونان کان ٿي. يونان وارا ڊرامي کي اعليٰ شعر (Great Poetry) سڏيندا ھئا. ڊرامو دنيا جي سمورين سڌريل توڙي اُسريل ٻولين ۾ موجود اھي. اديب، ڊرامي جي ان بنيادي اھميت کان واقف ھئڻ جي ناتي پنھنجي تخليقي ذميداريءَ کي سمجھي ٿو. ھو ڊرامي کي سماجي ڪارج لائق بنائڻ لاءِ، معاملن کي چٽو ۽ واضح ڪري فوڪس ۾ آڻي پنھنجي موضوع ڏانھن عام ماڻهوءَ جو ڌيان ڇڪائي ٿو. سنڌي ڊرامي کي قديم دور کان ”ناٽڪ“ سڏيو ويو. سنڌي زبان ۾ ناٽڪ جو مطلب اھي ”نقل ڪرڻ“. ناٽڪ جي تاريخ سنڌ ۾ ايتري قديم اھي، جيترو سنڌ جو لوڪ ادب قديم آھي. ان کي سانگ به چيو ويندو هو. دراصل ”ناٽڪ“ ھندي ٻوليءَ جي ”نرتڪ وديا“ مان نڪتل اھي، جنھن جو مطلب اھي تھ ڪنھن نھ ڪنھن نموني پنھنجي فن جو مظاھرو ڪرڻ، اھو پوءِ ڀلي اداڪاريءَ وسيلي ھجي يا سنگيت ۽ رقص وسيلي.[1] ڊرامو اھڙي ڪھاڻي يا قصو آھي جيڪو اداڪاري جي لاءِ لکيو وڃي يا اداڪاري جي ذريعي پيش ڪيو وڃي۔ ھي اصطلاح يوناني لفظ (قديم يوناني: δρᾶμα, drama) کان اخذ ٿيو جنھن جي معنيٰ حرڪت، عمل يا فعل جي آھي۔ ھن لفظ جو ماخذ ھڪ يوناني فعل (قديم يوناني: δράω, draō) آھي جنھن جي معنيٰ ’ڪرڻ‘، يا ’سوانگ ڀرڻ‘ جي آھي.

ڊرامو انسان جي خصلت ۽ فطرت جو گهڻي حد تائين ترجمان آهي۔ هر انسان ان کي ڏسي اثر انداز ٿئي ٿو۔ سنڌي ناٽڪ جي ابتدا تعليمي ادارن ۾ معلوم ٿئي ٿي، جنهن جو مقصد تعليم کي اجاگر ڪرڻ هو۔ ڊرامو يوناني ٻولي ڪو لفظ آهي، جنهن جي معني ڪرڻ يا ڪري ڏيکارڻ هئي۔

مونو ڊراما[سنواريو]

(Mono drama):اهو ڊرامو، جنهن ۾ صرف هڪ ڪردار هجي، هن قسم جا ڊراما سنڌيءَ ۾ ٽي وي لاءِ لکيا ويا آهن، باقي تحريري صورت ۾ نٿا ملن.[1]

ڊريم (Drame)[سنواريو]

ڊريم مخلوط قسم جي ڊرامن جي هڪ شاخ آهي، جنهن ۾ نه ڪاميڊي وانگر کل ڀوڳ جو سامان هوندو آهي، نه وري ٽريجڊي ڊرامي وانگر خوف ۽ رحم جا جذبا اڀرندا آهن.[1]

اخلاقي ڊراما[سنواريو]

(Moral Plays):انگريزي ڊرامي جي اوسر ۾ معجزاتي ڊرامن کان پوءِ ‘اخلاقي ڊراما’ وڏي اھميت رکن ٿا. ھن قسم جا ڊراما مذھبي ۽ اخلاقي قدرن سان سرشار ھوندا ھئا. ھن قسم جي ڊرامن 15 ۽ 16ع صديءَ ۾ سڄي يورپ ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي، جن ۾ ازل کان انسان جي پنھنجي نفس سان جنگ کي موضوع بڻايو ويندو ھو. ان کان سواءِ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي وچ ۾ جنگ بہ ھن قسم جي ڊرامن جو خاص موضوع ھوندو هو. ھي ڊراما جيتوڻيڪ مذھبي نوعيت جا ھوندا ھئا، ان سان گڏ انهن ۾ نصحيت به هوندي هئي ۽ تعليمي خيالن، سياسي ۽ سماجي مسئلن ۽ بدعتن تي طنز به شامل ھوندي ھئي. اخلاقي ڊرامن انگلينڊ ۾ ان وقت وڌيڪ شھرت حاصل ڪئي، جڏھن ڊرامن ۾ مذھبي پرچار کان وڌيڪ ’اخلاقيات‘ (Morality) تي زور ڏنو ويو.[1]


تاريخي ڊرامو[سنواريو]

(Historical Drama) :اهو ڊرامو، جنهن ۾ تاريخ مان ورتل ڪردار، واقعا، حڪمرانيءَ جا حالات وغيره ڊرامي جي روپ ۾ ڏنل هجن، يا اسٽيج تي پيش ڪيا وڃن. مثال طور ڪشنچند بيوس جو ”هرش چندر“ ۽ ”جهانگير“، منگهارام ملڪاڻيءَ جو ”انارڪلي“ سراج جو ”گهاتو گهر نه آيا“ وغيره ڊراما ان ڏس ۾ ڳڻي سگهجن ٿا.[1]

ايڪانڪي ڊراما[سنواريو]

(One Act Play):

هڪ ايڪٽ وارا ڊراما، يڪ فصلا ناٽڪ، جيڪي ننڍا، مختصر منظر ۽ مختصر ڪردارن تي مبني هوندا آهين. يوناني ڊراما هڪ مڪمل ايڪي طور هوندا هئا، جن جي وچ وچ ۾ ڪجهه ڪورس جي انداز ۾ چيو ويندو هو. هوريس (65-08 ق-م) اهو پهريون ماڻهو هو، جنهن پنجن ايڪٽن واري ڊرامي تي زور ڏنو. نئين سجاڳيءَ واري دور ۾ ڪنهن مرحلي تي فرينچ ڊرامي نگارن ان کي عام اصول بڻائي ڇڏيو. شيڪسپيئر ۽ سندس همعصرن جي ڊرامن ۾ فطري وٿيون آهن، جن کي ايڪٽن واري ورهاست چئي سگهجي ٿو. انگلنڊ ۾ بين جانسن (1572-1637ع) پنجن ايڪٽن واري ڊرامي جو بنياد وڌو. ابسن (1906- 1828ع) ايڪٽن کي گهٽائي چار ڪيو. پر ويهين صديءَ جي ابتدائي سالن ۾ ٽن ايڪٽن جي ڊرامن کي ترجيح ملڻ لڳي، ان هوندي به ٻن ايڪٽن وارا ڊراما به لکبا هئا. هڪ ايڪٽ سنڌي ڊرامن جو رواج پروفيسر منگھارام ملڪاڻيءَ (1896-1980ع) وڌو. کيس ’ايڪانڪي ڊرامن جو ابو‘ چيو وڃي ٿو. کانئس پوءِ مدن جماڻي، گوبند مالهي ۽ ٻين ڪيترن ايڪانڪي ڊراما لکيا آهن.[1]

اينٽي-پلي[سنواريو]

(Anti-Play) :هڪ قسم جو ڊرامو، جنهن ۾ ڊرامي جي فني جزن جي برعڪس نه مسلسل پلاٽ هوندو آهي. نه وري مسلسل ڪردار ۽ مناسب مڪالما ٿيندا آهن.[1]

ٽيليويزن ڊراما نگاري[سنواريو]

(TV Plays):ٽيليويزن يا ٽي. وي. ڊراما‘ نه رڳو تخليقي ادب آهي، پر ساڳئي وقت هڪ فني ڪاوش به آهي، انهيءَ لحاظ کان ادب جي ميدان ۾ ٽيليويزن ڊراما هڪ اهم صنف آهي.”ٽي-وي. ڊرامي جي ٽيڪنيڪي پهلوءَ کي سمجهڻ لاءِ ٽيليويزن جي سازو سامان (Equipments)، ان جي ممڪن سگهه يا وس آهر سهوليتون (Potentialities) ۽ بندشن (Limitations) بابت ڄاڻ رکڻي پوندي آهي. خاص طور (1) ٽيليويزن اسٽوڊيو، (2) ڪٽرول روم، (3) فلم ۽ ٽيليويزن ڪئميرائون، (4) بصري تاثر (Optical Effects) ۽ (5) صدا ڪاري يا آواز جو سلسلو (Sound System) سمجهڻ نهايت ضروري آهن. ٽيليوزن ڊرامي ۾ ڪهاڻي، چرندڙ پرندڙ تصويرن ذريعي پيش ڪجي ٿي. ٽيليويزن ڊراما نگار کي سٺن مڪالمن لکڻ جي ڏات سان گڏ تصويرن ذريعي ڪهاڻي ٻڌائڻ جو تجربو هئڻ گهرجي. سنڌي ٽي وي ڊرامي جو دور 1970ع کان شروع ٿئي ٿو. هن وقت سنڌي ٽي وي چينل ٽي. وي. ڊراما پيش ڪن ٿا. امر جليل، شمشير الحيدري، قمرشهباز، علي بابا، ڪيهر شوڪت، شوڪت شورو، طارق عالم ابڙو، نور گهلو، عثمان ميمڻ، اياز عالم ابڙو، زيب سنڌي ۽ ٻيا ٽي. وي ڊرامن جا مشهور ليکڪ آهن. سنڌي ليکڪن مان اردوءَ ۾ ٽيليويزن ڊراما لکندڙن ۾ عبدالقادر جوڻيجو ۽ نور الهديٰ شاھ تمام گهڻا مشهور آهن. [1]

ٿيسز ناٽڪ[سنواريو]

(Thesis Drama):اهو ناول يا ڊرامو، جنهن ۾ سماجي يا سياسي مسئلو پيش ڪيو وڃي ۽ ان جو حل به ٻڌايو وڃي. عبدالقادر جوڻيجو جو لکيل ٽي وي ناٽڪ“ راڻيءَ جي ڪهاڻي“ ٿيسز ناٽڪ جو سٺو مثال آهي. ان ڊرامي ۾ ڳوٺاڻي ماحول ۾ هڪ ”ڪاري“ ڪيل عورت جي ڪهاڻي بيان ڪئي وئي. اهڙي طرح علي بابا جو ”دنگيءَ منجهه درياھملاحن جي زندگيءَ بابت ٿيسز ناٽڪ چئي سگهجي ٿو.[1]


جاسوسي ڊراما[سنواريو]

(Detective Drama):جاسوسي ڊراما لطف اندوز ٿيڻ لاءِ بھترين ذريعو آھن. ھنن ڊرامن ۾ مڪاري، فريب، قتل، گناھه، پراسراريت، خوف وغيره جا موضوع ھوندا اھن. آزاديءَ کانپوءِ سنڌي ادب ۾ جاسوسي ڊراما کي ٽيليويزن, فلم۽ ريڊيو وسيلي اھميت ملي آهي. جاسوسي ڊرامن ۾ھڪ پنھنجو ماحول اھي، جادوگر، دغا باز دوست، جذباتيت سان ڀرپور، رومانيت جو پھلو غالب ۽ تجسس سان ڀرپور ھوندا آهن. سنڌي ۾ قاضي خادم، قمر شهباز ۽ ڪن ٻين جاسوسي ڊراما لکيا آهن.[1]

ڇسو ڊرامو[سنواريو]

(Farce):قديم [[فارس] ڊراما، چرچ جي پيداوار آھن، جن ۾ انساني خرابين تي (مشڪري) نقل يا ويچارا ڪڍيا ويندا ھئا. پر ھاڻي ھي ڊرامو مزاحيہ موضوعن لاءَ استعمال ٿيندو اھي. ھن ڊرامي ۾ مزاحيہ واقعا بيان ٿيل ھوندا آھن. فارس ڊرامو سنڌي ادب ۾ انتھائي آڳاٽو اھي. خاص طور تي سنڌي لوڪ ادب ۾ ھيءَ صنف گھڻي مشھور ھئي. سنڌي لوڪ ادب ۾ جھيڙا يا مناظرا دراصل فارس جو نعم البدل اھن. سنڌ جا سگھڙ ميلن، ملاکڙن، شادين مرادين تي، مولوين، ملن، موالين وغيره جي نقل ڪندا ھئا ۽ تماشائن کي وندرائيندا ھئا.[1]

ڊرامي جون وحدتون/ايڪايون[سنواريو]

(Unities of Drama): ارسطوءَ مطابق ھڪ ڊراما ۾ ٽن قسمن جون وحدتون (unities) ضرور ھئڻ گھرجن: (1) وقت جي وحدت (Unity of Time): وحدتِ زمان يا وقت جي هيڪڙائيءَ جو مطلب اھو اھي تھ ھڪ ڊرامو ھڪ ئي وقت شروع ٿي ختم ٿئي. ڪهاڻي ۽ ڪردار جنهن دور جا هجن، انهيءَ سان مطابقت هجن. ڪردار، اها ئي ٻولي ڳالهائي ۽ لباس به ان دور جو پائي. پنهنجي دور سان مطابقت رکي. (2) جاءِ جي وحدت (Unity of Place): وحدتِ مڪان يا جاءِ جي ھيڪڙائيءَ جو مطلب اھو اھي تھ ھڪ ڊرامو جنھن ھنڌ شروع ٿيو ھجي، اھو ساڳيءَ جاءِ تي ختم ٿئي. ڪردار جنهن ملڪ يا علائقي جو هجي، ان سان مطابقت رکي. (3) عمل جي وحدت (Unity of Action): وحدت يا عمل جي ھيڪڙائيءَ جو مقصد اھو اھي تھ ھڪ ڊرامي ۾ ھڪ وڏو يا خاص عمل ھئڻ گھرجي. مطلب تھ اگر ڊرامو مزاحيھ (Comedy) اھي تھ ھڪ عام عمل ھئڻ گھرجي اگر سنجيده (Tragedy) ھجي تھ ان ۾ گنڀير عملن کي پيش ڪيو وڃي. ڪردارن جو عمل زمان ۽ مڪان سان مطابقت رکندو هجي.[1]

روماني طربيه ڊرامو[سنواريو]

(Romantic Comedy):ھن ڊرامي جو مقصد اھو آھي تھ ڊرامي جي اکاڻيءَ ۾ محبت جو داستان ھجي. ان کان سواءِ کل، ڀوک، خوشي، ناچ گانو به ان ۾ شامل ھجي. ھن ۾ ھڪ قسم جو روماني داستان ھوندو اھي، جنھن جو انجام محبتي جوڙن جي شادي ۽ ميلاپ وغيره تي ختم ٿيندو اھي.روماني طربيه ڊرامي جو خالق وليم شيڪسپيئر (1564-1616ع) اھي[1]

سنگيت ناٽڪ (Opera)[سنواريو]

ھن قسم جا ناٽڪ/ڊراما شاعري ۾ ھوندا اھن. ھنن جو پلاٽ الميه يا طربيه ٿي سگھي ٿو. ھنن ڊرامن ۾ موسيقي جو وڏو عمل و دخل ھوندو اھي. وقت سان گڏوگڏ ھن ۾ نوان نوان تجربا ٿيا اھن ۽ قومي، سياسي، رومانوي موضوع شامل ڪيا ويا اھن. اڪثر ڪري ھي ڊراما ٽن ائڪٽن تي مبني هوندا آهن. مرزا قليچ بيگ جو ”ليليٰ مجنون“ سنڌي زبان جو پھريون اوپيرا اھي. سنڌيءَ ۾ شيخ اياز ۽ سراج، ارجن شاد، علي دوست، عاجز ۽ ٻين پڻ سنگيت ڊراما لکيا آهن.[1]

طربيه/مزاحيه ڊراما[سنواريو]

(Comedy):ڊرامي جو هڪ قسم. طربيھ/مزاحيه ڊرامي جي پڄاڻي خوشيءَ سان ٿيندي اھي ۽ ان جو وڏو مقصد تفريح مھيا ڪرڻ هوندو اھي. حقيقت ۾ طربيه ڊرامو زندگيءَ جي تقليد ڪري ٿو ۽ رسم و رواج جي عڪاسي ڪري سچائيءَ جو اولڙو اڇلي ٿو. طربيھ ڊرامي جي ظرافت جو دارومدار ڪنھن وقت، موقعي يا ڪنھن صورتحال تي يا ڪنھن مھل واري معنيٰ خيز مڪالمي تي ھوندو اھي. مزاحيه ڊراما اصل ۾ طربيه ڊراما هوندا آهن. طربيھ ڊرامو دل کي خوش بھ ڪري ٿو تھ وري دل ازاري بھ ڪري ٿو، ڇو جو ھڪ مزاحيھ ڊراما نگار نھ رڳو پنھنجي اسپاس جي انھيءَ حقيقت کي قبول ڪري رھيو اھي، بلڪھ اھو بھ ٻڌائي ٿو تھ ڇا نھ ٿيڻ گھرجي. ان حساب سان سندس ڊرامو زندگيءَ جي تنقيد واري رجحان جي عڪاسي ڪري ٿو. تنقيد سان گڏوگڏ ھو محسوس ڪري ٿو تھ زندگيءَ جي ڀيٽ ۾ ڏک وڌيڪ اھن، ان ڪري ھو پنھنجي زندگيءَ جو مقصد اھو ٿو رکي تھ اداس چھرن کي پائدار خوشي ڏجي. الميه ڊرامي جي برعڪس ھن ڊرامي جي پڄاڻي خوشگوار ۽ وڻندڙ ماحول ۽ فضا ۾ ٿيندي اھي. طربيھ ڊرامي ۾ وڏن ماڻھن جو ھجڻ ضروري نھ ھوندو اھي. بلڪھ ڪير بھ ھن ڊرامي جو مرڪزي ڪردار ٿي سگھي ٿو.[1]

سنسڪرتي ڊراما[سنواريو]

(Sanskrit Drama):سنسڪرت ڊرامو يوناني ڊرامي کان گھڻو مختلک آھن. سنسڪرت ڊرامي جي ترتيب مختلف آھي، سنسڪرتي ڊرامي ۾ ھيڪڙايون (Unities) نظر انداز ھونديون اھن، سنسڪرتي ڊرامي ۾ خوشي ۽ غم جا موضوع ھڪ ئي وقت موجود ھوندا اھن، ڪورس، جيڪو يوناني ڊرامي جو روح اھي، اھو سنسڪرتي ڊرامي ۾ موجود نھ ھوندو اھي.سنسڪرتي ڊرامي ۾ ھنن ڳالھين جو ھجڻ ضروري سمجھيو ويندو ھو: قصو اھم ۽ مشھور ھجي. اکاڻي ديو مالائي يا تاريخي، ھجي، پوءِ ڀلي ان ۾ فرضي واقعا بھ شامل ھجن. ڊرامي جو سورمو راجا يا ديوتا ھجڻ گھرجي. ڊرامي جو موضوع فقط ھڪ ھجڻ گھرجي يعني عشق، جرئت ھمٿ يا جھيڙو وغيره وغيره. واقعات ۽ عمل ھڪ ٻئي مان ڦٽي نڪرن. اکاڻي جو زمانو وڌ ۾ وڌ ھڪ ڏينھن ۾ ختم ٿئي يا چند ڏينھن ۾، يا وڌ ۾ وڌ ھڪ سال ۾ ختم ٿئي. ڊرامي جي ٻولي پاڪ ۽ مقدس ھجڻ گھرجي. مشهور ڊراما: ڪاليداس جا ڊراما ’شڪنتلا‘ ۽ ’نل دمينتي‘ سنسڪرت ۾ لکيا ويا[1].

ريڊيو ڊراما[سنواريو]

(Radio Drama): ريڊيائي ڊرامي کي ’نشرياتي ڊرامو‘ به چئبو آهي. ريڊيو ڊرامو لفظن، لهجي، صوتي اثرات ۽ بئڪ گرائونڊ موسيقيءَ جو نالو آهي. ان لاءِ اک نه پر ڪن رس جي ضرورت آهي. ٻڌندڙ لفظن، لهجي، صوتي اثرات ۽ پس منظر واري موسيقيءَ کي ٻڌي ڊرامي جي ڪردارن، ماحول وغيره بابت پنهنجي ذهن ۾ تصوير جوڙيندو آهي. يا وري لفظ، لهجو، صوتي اثرات ۽ پس منظر واري موسيقي ڊرامي جو ماحول، سٽاءَ، ڪردار نگاريءَ ۽ ڪهاڻيءَ جو تاڃي پيٽو مڪمل تصوير ٻڌندڙ جي ذهن ۾ جوڙيندو آهي. هڪ اعليٰ ريڊيو ڊرامي جو اثر ٻڌندڙ کي اڻ ڄاتل خوشي ۽ آسودگي پهچائي، ڪم ۾ رڌل هوندي به ڪو گيت يا نغمو جهونگاري حظ حاصل ڪري. سنڌيءَ ۾ ريڊيو ڊرامن جي شروعات 1950ع ڌاري ٿي. ان زماني ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان سنڌي پروگرام 45 منٽن جو نشر ٿيندو هو، جنهن ۾ موسيقي، تقريرون، فيچر ۽ ڊراما پيش ڪيا ويندا هئا. سن 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ اسٽيشن قائم ٿي، جنهن ڪري سنڌي پروگرامن کي وڌيڪ وقت ملڻ لڳو. ڪراچيءَ مان اڌ ڪلاڪ جي مدت جا ڊراما نشر ٿيندا هئا، پر حيدرآباد مان سنڌي ڊراما هڪ ڪلاڪ جي مدت جا نشر ٿيڻ لڳا. سيد منظور نقويءَ جو پهريون سنڌي ڊرامو ’روٽي‘ جي عنوان سان نشر ٿيو هو، جيڪو هن پاڻ هڪ اردو ڊرامي تان ترجمو ڪيو هو. اڳتي هلي خيرپور ۾ ريڊيو اسٽيشن کلي ته اتان به ڊراما نشر ٿيڻ لڳا. موجوده دور ۾ ڪيتريون F.M ريڊيو اسٽيشنيون خانگي توڙي سرڪاري کلي چڪيون آهن، پر ريڊيو ڊرامو، چئنلن ۽ ٽيليويزن ڊرامن جي ڪري، پنهنجو اوج وڃائي ويٺو آهي. [1]

ڪتابي ڊراما[سنواريو]

(Closet Drama): ڊرامي جو اصل تعلق ته اسٽيج سان آهي, سٺو ڊرامو اهو آهي جيڪو اسٽيج تي ٿئي ته داد حاصل ڪري ۽ ڪتابي صورت ۾ محفوظ ٿي وڃي. پر ڪي اهڙا ڊراما به هوندا آهن جيڪي صرف ڪتابي صورت ۾ ئي مشهور ٿيندا آهن. اهڙي ڊراما ڪتابي ڊراما چورائيندا آهن.[1].

لوڪ ناٽڪ[سنواريو]

(Folk Drama):لوڪ ڪهاڻين تي جوڙيل ناٽڪ.[1].

معجزائي ڊراما[سنواريو]

(Miracle Plays):انگريزي ڊرامي جي تاريخ تي نظر وجھڻ سان خبر پوي ٿي تھ سڀ کان اول معجزائي ۽ ڪرشماتي موضوع وارا ڊراما لکيا ويا. اھڙي قسم جا ڊراما ھميشھ پادري ڪندا ھئا. جن پادرين وٽ مخصوص قسمن جي گاڏن مٿان اسٽيج ٺھيل ھوندي ھئي، سي انھن گاڏن کي ھڪ کوٺ کان ٻئي کوٺ ڪاھي ويندا ھئا ۽ ماڻھن کي ڊراما ڪري ڏيکاريندا ھئا. ھنن ڊرامن ۾ پادري خود اداڪاري ڪندا ھئا ۽ سندن موضوع مذھبي قدرن تي ٻڌل ھوندو ھو. ھنن ڊرامن ۾حضرت عيسيٰ ۽ ٻين وڏن پادرين جا معجزا ڏيکاريا ويندا هئا.[1]

ميلو ڊراما(Melodrama)[سنواريو]

سنگيت ڊرامو يا گيتن ڀري ڪھاڻي. ھن قسم جي ڊرامن ۾ ٻن مختلک حالتن يا قصن جي وچ ۾ ڪشمڪش ڏيکاري ويندي اھي. انھيءَ کي تفصيل سان پيش ڪرڻ سبب اکاڻيءَ ۾ گھڻي ڊيگھ ٿي ويندي اھي. ھنن ڊرامن ۾ خود ڪلامي (Soliloquy) جو گھڻو استعمال ٿيندو اھي. هن ڊراما ۾ موسيقيءَ ۾ وڏو عمل دخل ٿيندو اھي. ڊرامي جي ڪھاڻيءَ ۾ تجسس (Suspense) بھ گھڻو ھوندو اھي. ھنن ڊرامن جو انجام خوشگوار ماحول ۾ ٿيندو اھي. [1]

يوناني ڊراما[سنواريو]

(Greek Drama):ڊرامي جي شروعات قديم يونان کان ٿي.يونان جا ماڻھو ڊراما کي اعليٰ نظم (Great Poetry) سڏيندا ھئا. ڊراما سندن زندگيءَ ۾ مذھبي اھميت رکندو ھو.جيئن تھ يوناني مارو ماڻھو ھوندا ھئا ۽ مال چارڻ سندن اھم ڌنڌو ھو، ان ڪري زرخيزيءَ جو ديوتا ھنن لاءِ وڏي اھميت رکندو ھو. اھو ئي سبب اھي، جو يوناني ڊراما خاص طور تي الميھ ڊراما (Tragedy) جي شروعات مذھبي ميڙاڪن ۾ ٿي. ٽريجديءَ کي انھن ماڻھن ايجاد ڪيو، جيڪي ڊٿي ريمب (Dithyramb) يعني ”ٻڪري جو شعر“ چوندا ھئا ۽ ڪاميڊي انھن ايجاد ڪيو جيڪي فالڪ (Phallic) يعني لنگ جا ڀڄن کائيندا ھئا. يوناني ٽريجدي، ھڪ مذھبي ڊرامو ھو ۽ ڪڏھن بھ مذھب کان ازاد ٿي نھ سگھيو. ان سلسلي ۾ يوناني ماڻھو پنھنجي ديوتا ڊائيونيسس جي احترام ۾ ھڪ وڏي پنڊال جو اھتمام ڪندا ھئا. انھن مذھبي رسمن ۾ دعائن سان گڏ ھڪ گيت بھ کايو ويندو ھو، جنھن کي ڊٿي ريمب (Dithyramb) يعني ٻڪريءَ جو گيت چيو ويندو ھو. اھو ئي سبب اھي تھ يونان ۾ ٽريجڊيءَ جو مطلب اھي ”ٻڪريءَ جو گيت“ جيئن تھ ھن رسم ۾ ٻڪري کي قربان ڪيو ويندو ھو ۽ ان ڪري اھا رسم عبادت ۽ عقيدت سان گڏوگڏ المناڪ بھ ھوندي ھئي، ان ڪري ان کي ٽريجدي چيو ويندو ھو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 1.14 1.15 1.16 1.17 1.18 1.19 1.20 1.21 .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي