اخلاق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

اخلاق ول ڊيورنٽ لکي ٿو تہ:تاريخي ۽ لساني لحاظ کان اخلاق رسمن مان پيدا ٿيو آهي. شروع ۾ اخلاق انهن رسمن سان مطابقت جو نالو هو جيڪي قبيلي جي صحت ۽ بقاءَ لاءِ ضروري هيون. ڪجهه رسمون رڳو رواج آهن جيئن ميز تي ويهي ڇري ڪانٽي سان ماني کائڻ، انهن جو ڪو اخلاقي پاسو ڪونهي. سلاد کي ڇريءَ سان ڪٽڻ ڪو گناهه ڪونهي، پر ان جي وڏي سزا آهي، ڪي رسمون جيئن هڪ شادي، هڪ کان وڌيڪ شاديون. گهراڻي ۽ گهراڻي کان ٻاهر شادي، قبيلي ۾ ڪنهن کي قتل ڪرڻ ڏوهه ۽ قبيلي کان ٻاهر مباح آهي، اهي رسمون اجتماعي فائدي لاءِ سٺيون سمجهيون وينديون آهن. اهي ئي رسمون اخلاقي اصول ٿي وينديون آهن. جن کي نصيحت، پابندين ۽ جلاوطنيءَ سان محفوظ ڪيو ويندو آهي. رواج اهي رسمون آهن جن جو درس گهٽ ڏنو ويندو آهي ۽ انهن تي عمل وڌيڪ ڪيو ويندو آهي ۽ اخلاق اُهي فرض آهن جن کي پوري ڪرڻ جي اميد اسان ٻين مان ڪندا آهيون.[1]اخلاقي نظام بدلبا رهن ٿا سوال آهي ته اها ڪهڙي طاقت آهي جيڪا انهن کي بدلائي ٿي؟ ڪهڙو سبب آهي ته ڪن جڳهن تي سٺا سمجهڻ وارا عمل ٻئي دور يا ٻئي هنڌ خراب سمجهيا ويندا آهن. شايد زندگيءَ جي اقتصادي بنيادن ۾ تبديليءَ سان اخلاقي تصورن ۾ به تبديلي ايندي آهي. تاريخ ۾ اهڙي قسم جا ٻه انقلاب آيا آهن. هڪ شڪاري زندگيءَ مان زرعي زندگيءَ وارو انقلاب ۽ ٻيو زرعي زندگيءَ مان صنعتي زندگيءَ وارو انقلاب. انساني ارتقا ۾ هي ٻه اهڙا انقلاب آهن جن تي ٻين واقعن جو دارومدار آهي. انهن ٻنهي انقلابن کانپوءِ وارن دورن ۾ اهو اخلاقي نظام جيڪو زندگيءَ جي پراڻي انداز ۽ اجتماعي ڀلائيءَ جو امين هو، بيڪار سمجهيو ويو ۽ نئين دور ۾ آهستي پر وڏي اٿل پٿل سان بدلبو رهيو.[1]

زرعي سماج جا اخلاق[سنواريو]

زندگي ارتقا جون منزلون لتاڙي شڪاري ۽ قبائلي سماج کان زرعي سماج تائين پهتي تہ نئين اخلاق جي ضرورت پيدا ڪئي ۽ ڪيتريون پراڻيون چڱايون پرامن زراعتي زندگيءَ ۾ خرابيون ٿي پيون. محنت بهادريءَ کان وڌيڪ اهم، ڪفايت تشدد کان وڌيڪ ضروري ۽ امن جنگ کان وڌيڪ ڪارائتو ٿي پيو ۽ عورت جي سماجي حيثيت به بدلجي وئي. هوءَ شڪار کان وڌيڪ ٻنيءَ جي ڪم ڪار لاءِ ڪارائتي ٿي. هاڻي هوءَ گهر جا ڪيترا ڪم ڪري روزي ڪمائڻ واري عمل ۾ شريڪ ٿي سگهي ٿي. انهن ڪمن لاءِ نوڪرياڻي مهانگي ٿي پئي. شادي سستي هئي ۽ هرهڪ ٻارَ، جلد وڏو ٿي، پنهنجي کاڌ خوراڪ ۽ ڪپڙي لٽي جي خرچ کان وڌيڪ ٿي ڪمايو. ٻار وڏو ٿيڻ کان اڳ ماءُ پيءُ سان گڏ ٻنيءَ تي ڪم ٿي ڪيو. هن جي پڙهائي تي ڪجهه به خرچ نه ٿي ٿيو. ڇوڪرا ته خير. ڇوڪريون به گهڻي ڀاڱي ڪارائتيون هيون. انڪري مامتا مقدس هئي. ڄم تي ضابطو غيراخلاقي هو ۽ وڏا خاندان خدا کي پسند هئا.[1] اهو زراعتي نظام هو جنهن ۾ اسان جي موروثي اخلاقي نظام جي اوسر ٿي. ٻنيءَ تي مرد جلد ئي ذهني ۽ مالي لحاظ کان بالغ ٿي ويو ٿي ۽ ويهن ورهين جي عمر ۾ ئي زندگيءَ جي معاملن کي ائين سمجهڻ شروع ٿي ڪيو جيئن اڄڪلهه چاليهن سالن جو ماڻهو، هن کي رڳو هڪ هر، هڪ مددگار ۽ موسمن جي تبديليءَ جو اندازو لڳائڻ واري ساڃهه جي ضرورت هئي. هن کي جيئن ئي فطرت اشارو ڪندي هئي هو شادي ڪري ڇڏيندو هو ۽ جنسي لاڳاپن تي لڳايل پابندين کان بيزار نه ٿيندو هو ۽ تيستائين ان نظام کي صحيح سمجهندو هو جيستائين ان جي پاڻ ڀڃڪڙي نه ڪندو هو. عورت لاءِ پاڪائي ضروري هئي جو پاڪائي نه هجڻ ڪري مامتا جي غيرمحفوظ هجڻ جو خطرو هو ۽ جڏهن مسيحت هڪ کان وڌيڪ شادي ڪرڻ ۽ طلاق تي پابندي وڌي، تڏهن ماڻهن ان کي انڪري صحيح سمجهيو جو هاريءَ جي زال جيڪي ٻار ٿي ڄڻيا انهن لاءِ ضروري هو ته اُهي جوان ٿيڻ تائين ماءُ پيءُ سان گڏ رهن ۽ جيستائين آخري ٻار جوان ٿيندو هو تيستائين جسم ڍلو ٿي ويندو هو ۽ زال مڙس جو روح جو رشتو به قائم ٿي ويندو هو ۽ نواڻ جي خواهش به گهٽجي ويندي هئي.“ زراعت جي گهرجن تي ٻڌل عيسائيت جو اهو سخت اخلاقي نظام صحيح هو ۽ عمل ڪرڻ جهڙو هو ۽ وڏو فائدي وارو ثابت ٿيو، جنهن هڪ مضبوط نسل پيدا ڪيو ۽ هڪ صديءَ ۾ پوري کنڊ کي فتح ڪري ورتو. اخلاق هميشه توقعات کان وڌيڪ گهُرَ ڪندو آهي ته جيئن سندس ضرورت جي شيءِ کيس ملي وڃي.[1] پاڪائي، ننڍي عمر جي شادي، هڪ شادي کان وڌيڪ شادي نه ڪرڻ ۽ طلاق کان منع ۽ گهڻو اولاد واري زرعي اخلاقي نظام تيرنهن سؤ سالن تائين يورپ ۽ ان جي بيٺڪن ۾ قائم رهيو. اهو نظام انڪري به سولائيءَ سان قائم رهي ٿي سگهيو جو ٻنيءَ تي خاندان پيداوار جي ايڪائي هو. خاندان جا ماڻهو گڏجي ٻنيءَ تي ڪم ڪندا هئا ۽ ان جي پيداوار کائيندا هئا ايستائين جو جڏهن صنعت پيدا ٿي ته اها گهرو صنعت هئي جنهن گهر کي هڪ نئون شعور، نيون مصروفيتون، نوان ڪم ۽ نئين اهميت ڏني. ڏينهن وارو ڪم ڪار ختم ٿيندو هو ته هي خودمختيار جٿو شام جو ميز جي چوڌاري دائرو بڻائي ويهندو هو، رانديون ڪندو ۽ ڏورانهن ڏينهن بابت ڪتاب پڙهندو هو. هر وک تي هر واقعو ڀاءُ، پيءُ، ماءُ، ٻار، زال، مڙس جي وچ ۾ لاڳاپا قائم رکڻ جي مقدس سازش ۾ شريڪ هو. اهي چڱايون هيون مسيحي تهذيب جون![1]

سرمائيداراڻي سماج جا اخلاق[سنواريو]

زراعت کان صنعت ڏانهن تبديلي ماڻهن جي اخلاقي ڪردار تي اثر ڪرڻ شروع ڪيو. ماليءَ طرح پاڻ ڀرو ٿيڻ به گهڻو ڪري ذهني بلوغت سان گڏ ٿي حاصل ٿيو. رڳو هٿ جو پورهيو ڪرڻ وارا ايڪويهن ورهين ۾ پنهنجي پيرن تي بيهي شادي ڪري ٿي سگهيا. انهن کان مٿاهين طبقي لاءِ مالي لحاظ کان پاڻ ڀرو ٿيڻ ڏکيو هو جو آرام ۽ فيشن جو معيار وڌندو ٿي ويو. اهو مسئلو خاص ڪري مٿاهن عهدن وارن لاءِ هو. تجارت ۽ صنعت ۾ اهڙا عنصر پيدا ٿيا جيڪي فردن جي پهچ کان ٻاهر هئا ۽ جيڪي ماڻهن جي ڪمن تي اثرانداز ٿي ٿيا ۽ ڪنهن به وقت کانئن ڪم ڇڏائي سگهيا ٿي.[1]. ڪارخانن جي وڌڻ سان هن پهريون دفعو عورت کي زندگيءَ جو پراڻو انداز بدلائيندي ڏٺو. جيڪڏهن هن شادي ٿي ڪئي ته زرعي اخلاقي روايتن موجب کيس پنهنجي زال کي گهر جي چوديواريءَ ۾ قيد رکڻو هو پر هاڻي گهر جي اها اهميت ڪانه رهي هئي. گهريلو عورت هڪ حسين ۽ بيڪار بوجهه هئي. گهر جي سينگار جو هڪ ساهه وارو ٽپڙ هئي. ان کان وڌيڪ هوءَ ڪجهه نه هئي، اهي سڀ ڪم جيڪي اڳ گهرن ۾ ٿيندا هئا هاڻي ڪارخاني ۾ ٿي رهيا هئا ۽ انهن جو معاوضو مرد جي ڪمائيءَ مان ٿي ادا ٿيو. جيڪڏهن بيڪاريءَ کان بچڻ لاءِ عورت ماءُ ٿي ٿِي ته تڪليفون وڌي ٿي ويون. ڇاڪاڻ جو هاڻي ويم لاءِ ڊاڪٽرن، نرسن، اسپتالن ۽ اوزارن جي ضرورت هئي جيڪو مهانگو ڪم هو ۽ نئين دور جي عورت پنهنجن نانن ۽ ڏاڏن وانگر سولائيءَ سان ٻار ڄڻي نٿي سگهي. جيڪڏهن هن وڌيڪ ٻار ٿي ڄڻيا ته کيس وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو ٿي پيو ۽ هر ٻار مصيبت ٿي ثابت ٿيو. ٻارن کي وڏيءَ عمر تائين تعليم ڏيڻي ٿي پئي، گهر جي مسواڙ ۽ سفر خرچ ٿي وڌيو، ٿيٽرن ۽ ناچ گهرن ۾ ٻارن سندن مزو ڦٽائي ٿي ڇڏيو. هنن لاءِ نون ڪپڙن جي ضرورت ٿي پئي ته جيئن ٻين ٻارن کان گهٽ نظر نه اچن. ۽ وري جڏهن هو ڪمائڻ جهڙا ٿي ٿيا ته غيرذميواريءَ واري زندگي گذارڻ لاءِ کين ڇڏي ٿي ويا، يا وري نوڪريءَ جي سانگي يا ڪارخانن ۽ واپار جي مرڪزن جي مٽجڻ جي ڪري سندن گهر سان تعلق ٽٽي ٿي ويو ائين جيئن ڪنهن بم جي ڦاٽڻ سان ان جا پرزا جدا ٿي ويندا آهن. انڪري شهر ۾ ماءُ ٿيڻ هڪ قسم جو غلام ٿيڻ جي برابر سمجهيو ٿي ويو. نسل لاءِ اهڙي قرباني ڏيڻ کي يا ته ڪا سياڻي عورت ٽاريندي رهندي هئي يا وري ان جو موقعو اچڻ ئي ڪونه ڏيندي هئي. جلدئي ڄم- روڪ عزت واري شيءِ ٿي پئي ۽ ڄم روڪ واريون شيون فلاسافيءَ جي مسئلن مان هڪ مسئلو ٿي پيون.[1] ڄم روڪ جي دوائن ۽ اوزارن جي عام ٿيڻ اسان جي اخلاق جي جلد بدلجڻ جو وڏو سبب آهي. پراڻي اخلاقي نظام مطابق جنسي تعلقات رڳو شاديءَ سان جائز هئا ڇاڪاڻ جو جنسي تعلقات سان ولديت ڳنڍيل هئي ۽ ولديت جي ذميواري رڳو شاديءَ سان ئي عائد ٿي ٿئي. پر هاڻي جنس کان ولديت جي جدا ٿيڻ سان اهڙيون حالتون ٿي ويون آهن جن جو اسان جا وڏا سوچي به نه ٿي سگهيا[1] ، هن جي جنسي اُڃ اُجهائڻ لاءِ هزارين عورتون سندس واٽ نهارينديون آهن، شادي ان کان وڌيڪ ٻيو ڏئي به ڇا ٿي سگهي، جڏهن کان گهر فليٽن ۾ بدليا آهن تڏهن کان ٻارن کي مصيبت سمجهيو ٿو وڃي. ڇڙا مرد پنهنجن دوستن کي ايڏي محنت ڪندو ڏسندا آهن جيڪا هو زالن جي آرام ۽ سندن هاڃيڪار بيڪاري کي قائم رکڻ لاءِ ڪندا آهن ڇاڪاڻ ته سندن زالن جي اها آرام ۽ بيڪاريءَ واري زندگي سندن رتبي جي ضرورت هوندي آهي. کين حيرت ٿيندي آهي ته سندن دوستن کي ان بي مثال غلاميءَ ۾ آخر ڪهڙي مجبوريءَ ڦاسايو آهي. هو اهو به ڏسندا آهن ته وچولي طبقي جا ماءُ پيءُ پنهنجن ڌيئرن کي زندگي ۽ شرافت جي اعليٰ معيارن جي تعليم ڏيندا آهن ته جيئن انهن جي شادي ڪنهن امير گهراڻي ۾ ٿي سگهي ۽ هو حيران ٿيندا آهن ته محدود آمدنيءَ وارا اهي ماءُ پيءُ خانداني اميرن سان ڪيئن برابري ڪري سگهندا. هو پنهنجي کيسي تي نظر وجهندا آهن ۽ ڪجهه وقت لاءِ شاديءَ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيندا آهن.[1] شهر ۾ شاديءَ ۾ دير جو سبب جنس جي ترغيب ۽ ان جي پورائيءَ لاءِ هر سهولت جو موجود هجڻ آهي. جنسي بلوغت پهرين جيان هاڻي به جلدي ٿي اچي پر مالي خوشحالي دير سان ٿي ٿئي. خواهشن تي پابنديون زرعي اخلاقي نظام ۾ مناسب ٿي لڳيون پر صنعتي نظام ۾ غيرفطري ۽ ڏکيون ٿيون لڳن ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه مرد ٽيهن سالن تائين شادي ڪري نٿو سگهي ۽ لازمي آهي ته جسم بغاوت ڪندو ۽ ماڻهوءَ جو پاڻ تي پراڻو وس نه هلندو، عصمت جيڪا زماني ۾ اخلاقي چڱائي سمجهي ويندي هئي هينئر کل جهڙي ٿي پئي آهي. حياءَ جيڪو حسن کي وڌيڪ حسين بڻائيندو هو ختم ٿي ويو آهي. مرد پنهنجن گناهن جي نون نون نمونن تي ناز ٿو ڪري ۽ عورت پنهنجو پاڻ ۽ مرد لاءِ هڪ جهڙي معيار جي گهُر ٿي ڪري جنهن مطابق ٻنهي کي لامحدود جنسي آزادي ملڻ گهرجي. شاديءَ کان اڳ جنسي تجربو عام ڳالهه آهي. پيشي واري جنسي تحرڪ پيدا ڪندڙ عورتبازي، گهٽين مان ڌڪجي وئي آهي جنهن جو سبب پوليس جي سختي نه پر پيشه ور عورتن جو مقابلي ۾ اچڻ آهي. پراڻو زرعي نظام ذريون ذريون ٿي ويو آهي ۽ شهر جي واسين ماڻهن جي اعمالن کي ان معيار تي پرکڻ ڇڏي ڏنو آهي.[1]

اخلاقي اضافيت[سنواريو]

هيءَ ڳالهه حيرت جهڙي آهي ته اخلاقي نظام بدلجندو رهندو آهي سينٽ آگسٽ کي (حضرت) ابراهيم جي گهڻن شادين واري ڳالهه ڏکي لڳندي هئي پر هن جي گهڻين شادين جي ان رخ کي ساراهيندو هو ته پراڻي دور جي يهودين لاءِ گهڻين زالن جو خرچ برداشت ڪرڻ ڪو گناهه نه هو ڇاڪاڻ ته اهو ان زماني جو رواج هو ۽ قبيلي لاءِ نقصانڪار نه هو. جنگ جي زماني ۾ گهڻيون شاديون يقيناً رحمت هيون جو انهن سان اولاد وڌندو هو سماجي نظام کان اڳ قبائلي نظام ۾ مردن جو انگ عورتن جي انگ کان تمام گهٽ هو ۽ گهڻيون شاديون انهن حالتن جو منطقي نتيجو هيون، هڪ عورت مرد کانسواءِ رهڻ جي بدران مرد جي ڪجهه حصي تي ئي قناعت ڪندي هئي هڪ شادي قبائلي امن جو نتيجو آهي.[1]اوڀر جو ماڻهو مٿو ڍڪي ۽ اولهه جا ماڻهو مٿو اگهاڙو ڪري ڪنهن جو احترام ڪندا آهن. جپاني عورت (ٿي سگهي ٿو ته اڄڪلهه ائين نه هجي) ڪنهن مزور جي اوگهڙ ڏانهن ڌيان نه ڏيندي آهي پر ساڳئي وقت هو شرم ۽ حيا واري به هوندي آهي. عرب عورت لاءِ مُنهن تان پردو هٽائڻ ۽ چيني عورت لاءِ پير اگهاڙا ڪرڻ فحاشيءَ جي برابر آهي. انهن ٻنهي حالتن ۾ پردو تخيل ۽ خواهش کي اُڀاريندو هو ۽ انساني نسل لاءِ فائدي وارو هو. ملائيشيا جا ماڻهو پنهنجن بيمارن ۽ پوڙهن کي جيئري پوري ڇڏيندا هئا ۽ انهن کي ختم ڪرڻ ئي رحمدليءَ جو اظهار هو. لبوڪ جو چوڻ آهي ته چين ۾ ڪنهن پوڙهي لاءِ ڪفن جو تحفو ئي مناسب تحفو سمجهيو ويندو هو. اڄ به سمجهيو وڃي ٿو خاص ڪري جڏهن هو بيمار هجي. سمر ٿو چئي ته نيويرٽين جي ٻيٽ ۾ انساني گوشت ائين وڪامندو آهي جيئن اسان وٽ ڪاسائن جي دڪان تي جانورن جو گوشت، سلمان ٻيٽن مان گهٽ ۾ گهٽ ٻن چئن ٻيٽن ۾ ماڻهوءَ کي (خاص ڪري عورتن کي) دعوتن لاءِ سوئرن وانگر پاليندا آهن، اهڙا سوين مثال وڏي سولائيءَ سان گڏ ڪري سگهجن ٿا جن ۾ اهي ڳالهيون جيڪي اسان وٽ بداخلاقي سمجهيون وڃن ٿيون اهي ڪنهن زماني ۽ ڪنهن دور يا ڪنهن سرزمين تي سراسر اخلاق آهن، پراڻي زماني جي هڪ يوناني فلاسافر چيو هو ته اوهان ڪنهن هنڌ جون مقدس ۽ اخلاقي رسمون گڏ ڪيو ۽ انهن مان اهي رسمون ڪڍي ڇڏيو جيڪي ڪنهن ٻئي سماج ۾ غيرمقدس آهن ته پوءِ باقي ڪجهه به نه بچندو.[1]


فطري اخلاق[سنواريو]

ڊارون جي زماني ۾ بيڪن جي ٻڌايل واٽ کي سائنسي جواز ملي ويو. پهريان لڳو ٿي ته ڊارون جي نظريي جي اخلاقي معنيٰ نٽشي جي فلاسفيءَ جي حمايت هئي. جيڪڏهن ارتقا، ”بقا لاءِ جدوجهد“ ۽ ”اعليٰ انسان جي بقا“ جو نالو آهي ته پوءِ زندگيءَ جي هر ميدان ۾ اخلاق جو معيار اهوئي هوندو ۽ ڪامياب انسان ئي نيڪ انسان سمجهيو ويندو ۽ اهڙيءَ طرح هڪ دفعو وري طاقت ئي نيڪي ٿئي ٿي. هڪسلي ارتقا جي انهن نتيجن کان ڊڄي ويو. هن ٽينيسن جي ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته فطرت (معنيٰ ته فطرت جي چونڊ جو عمل) خونخوار ۽ سڀني اخلاقي قدرن جي دشمن آهي. ظاهريءَ طرح ارتقا جو اهوئي مطلب هو ته طاقتور ڪمزور کي ختم ڪري ڇڏين (ڪارل پيٽرسن جهڙن ارتقا پرستن اڳ ۾ ئي خيرات جي خطرناڪ اثرن خلاف احتجاج ٿي ڪيو) پر اخلاق جو مطلب ته اهو آهي ته طاقتور ڪمزور جي مدد ڪن. ارتقا جو مقصد هو ته جيئن به ٿئي هر ممڪن طريقي سان ڪامياب ٿيڻ گهرجي، پر اخلاق ٿي چيو ته ڪامياب ضرور ٿيڻ گهرجي ۽ انسانيت ۽ شرافت جي حدن ۾ رهي ڪاميابي ماڻڻ گهرجي. اخلاق جو مطلب امن ۽ ارتقا جو مطلب جنگ هو. هڪسلي ان نتيجي تي پهتو ته سماج جي اخلاقي ترقيءَ جو مدار قدرت جي قانونن جي پيروي ڪرڻ ۾ نه پر انهن جي خلاف جنگ ڪرڻ ۾ آهي[1]اسان هڪ ڏِنگي رستي کان پراڻي مانائتي رستي تي پهتا آهيون ته اخلاق جو معيار اجتماعي ڀلائي آهي. پر اسان کي حياتياتي تصور مان اهو نتيجو نه ڪڍڻ گهرجي ته اسان جون جبلتون اسان جي عقل مطابق آهن. قدرت ماکي جي ماناري، خاندان ۽ شڪاري دستن کانسواءِ، ڪنهن به اجتماع کي نه مڃيندي آهي. بيڪن، ڊارون ۽ ڪروپا ٽڪن وڏي اميد پرستي ڏيکاري هئي جو چيو هئائون ته انسان ۾ پنهنجي حفاظت جي جبلت کان به وڌيڪ طاقتور اجتماعي تحفظ جي جبلت آهي. اها ڳالهه خاندان جي حد تائين ته شايد صحيح هجي جوان ۾ محبت ۽ تعريف کانسواءِ ٻئي ڪنهن ٻاهرين محرڪ جي ضرورت ڪانه هوندي آهي. ماڻهو جڏهن خاندان جي دائري کان ٻاهر ٿو اچي تڌهن اهي جبلتون ڪم ڪرڻ شروع ڪن ٿيون.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ؛ليکڪ: وِل ڊيورانٽ ؛سنڌيڪار: آغا سليم ايڊيشن؛ 2016 ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو