ڀڳوت گيتا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ڀڳوت گيتا
Krishna tells Gita to Arjuna.jpg
ڀڳوت گيتا' جو نزول: ڪرشن ارجن کي گيتا ٻڌائيندي
معلومات
مذھب ھندوازم
ليکڪ وياسا
ٻولي سنسڪرت
عرصو ٻين صدي ق م
باب 18
بيت 700


گيتا يا ڀڳوَت گيتا (انگريزي: Bhagavad Gita) مشهور رزميه داستان مھاڀارت جي اڌياءَ 23 کان 40 تائين 701 سنسڪرت ٻولي ۾ بيتن تي مشتمل حصو آهي جيڪي ٻين صدي قبل مسيح سان تعلق رکن ٿا. اھو ھندو ڌرم جي پويتر ڪتابن ۾ شامل آهي. گيتا پانڊون شھزادي ارجن ۽ ان جي رھبر ۽ رٿسوار جوڌي ۽ وشنو جي اوتار ڪرشن جي وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه تي ٻَڌل آهي. پانڊون ۽ ڪورون وچ ۾ ڌرم يڌ جي شروعات ۾ پانڊون شھزادو ارجن اخلاقي مونجھاري ۽ پنھنجن مٽن مائڻ سان جنگ جي شڪل ۾ ٿيندڙ موت ۽ تشدد متوقع ھجڻ ڪري دلگيري جو شڪار ھيو[1] ھن کي لڳو تہ جنگ نہ لڳڻ کپي ان ڪري ھن ڪرشن کان مشورو ورتو اھڙي طرح ان جي سوالن جا ڪرشن پاران ڏنل جواب ڀڳوت گيتا سڏبا آھن.

Photograph of a bronze chariot. The discourse of Krishna and Arjuna in Kurukshetra is the Bhagavad Gita.
ڀڳوت گيتا ڪرشن ۽ ارجن وچ ۾ مھاڀارت جنگ جي شروعات کان اڳ ڪرڪشيتر ميدان ۾ گھوڙن واري رٿ تي ٿيل مڪالمو

ڪرشن کيس صلاح ڏني تہ ڌرم جي سربلندي لاء پنھنجي کتري ھجڻ واري ذميداري پوري ڪر. ڪن وِدوانن جو خيال آهي ته شري ڪرشن پنهنجو پنٿ (فرقو) قائم ڪيو هو ۽ اُن جي پوئلڳن کي ڀڳوَت يا ڀڳت چيو ويندو هو. جيڪي غير برهمڻ هوندا هئا، تن لاءِ گيتا هڪ شاستر يا درسي ڪتاب هوندو هو. بعد ۾ جي شري ڪرشن جو اثر پکڙبو ويو، تيئن برهمڻن کيس وشنو جو اوتار ڪري مڃيو ۽ گيتا کي به شاسترن ۾ اُتم ڪري مڃيو ويو.گيتا هڪ امر گيت آهي، جنهن ۾ ڇند (وزن) ته آهي، پر قافيو غير موجود آهي. در اصل هي ڪتاب مها ڀارت جو ئي هڪ حصو آهي. گيتا جي تخليقڪار جو نالو شري ڪرشن جي مهاراج آهي، در اصل هي انهن نصيحتن جو مجموعو آهي، جيڪي ڪرشن جي، اَرجن کي ڏنيون هيون ان جا ڪل 18 اڌياءَ آهن، جن کي 3 ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هر ڀاڱو 6 اڌيائن تي ٻَڌل آهي.ڊاڪٽر داس گپتا جو چوڻ آهي تہ گيتا جون گهڻيون شڪشائون اپنشد تان ورتل آهن، اهو معلوم نہ ٿي سگهيو آهي تہ اها ڪهڙي دور جي لکڻي آهي ۽ هندن وٽ ان ڪتاب جي ٻين سڀني ڪتابن کان وڌيڪ اهميت ڏٺي وڃي ٿي، ڇو تہ آڳاٽي ويدن ۾ جيڪا تعليم ڏني وئي هئي، تنهن کي وساريو ويو هو ۽ ان تي عمل نہ رهيو هو ۽ هندو ڌرم جي مڃيندڙن جي زندگيءَ ۾ جمود اچي ويو هو ۽ سوچ ۽ زندگي غير متحرڪ ٿي وئي هئي. [2]

مھاڀارت جو موضوع[سنواريو]

مهاڀارت آڳاٽي انڊيا مان اسان کي ملندڙ ٻن وڏن رزميه داستانن مان وڌيڪ اوائلي ۽ وڌيڪ ڊگهو آهي. پر اهو مهاڀارت جو تمام ننڍڙو ڀاڱو آهي ڇاڪاڻ ته مهاڀارت دنيا جو سڀ کان ڊگهو شعري مجموعو آهي. اهو هومر جي ايليڊ ۽ اوڊيسي جي گڏيل ڊيگهه کان به ستوڻ تي وڏو آهي جڏهن ته گيتا (ڀڳوت گيتا کي اڪثر انهيء مختصر نالي سان سڏيو ويندو آهي) نئين عهدنامي ۾ سينٽ جان جي صحيفي جيترو ڊگهو آهي[3].اھا عظيم رزميه منظوم داستان مهاڀارت جو هڪ حصو آهي،جنهن ۾ ڪوروَ ۽ پانڊوَ ٻن سؤٽ خاندانن جي لڙائيءَ جو ذڪر آهي. ٻنهيءَ جو معاملو راڄ گديءَ تي متو هو، جيڪا ڪوروَ دغا سان ڦٻائي ويٺا هئا. هڪ پاسي هو دريوڌن ۽ سندس 99 ڀائر ڪوروَ، جن سان ساٿ هو ڀيشم پتامها ۽ دروڻ آچاريا جو؛ ڀيشم، ڪوروَن توڙي پانڊوَن جي ڏاڏي جو برهمچاري ڀاءُ هو ۽ دروڻ ٻنهي ڌرين جو گرو هو. ڪوروَن سان گڏ سوريه ديوتا جو بهادر پٽ ’ڪَرن‘ به شامل هو.

رٿ تي سوار ارجن ۽ ڪرشن رٿ ھلائيندي

ٻئي طرف پانڊوَ پاڻ ۾ پنج ڀائر هئا.جن ۾ يڌشٽر سڀني کان وڏو هو. اُن کان پوءِ نمبر وار ڀيم، ارجن، نڪل ۽ سهديو هئا. پر شري ڪرشن، جنهن کي ڀڳوان جو اوتار مڃيو وڃي ٿو، پانڊون سان گڏ هو. ڪرشن ارجن جو سالو به هو ته دوست به ۽ دريوڌن جو به سيڻ هو، اِن ڪري هُن ڪوروَن سان اقرار ڪيو ته هُو خود هٿيار کڻي نه وڙهندو، پر رڳو ارجن جو رَٿ هلائيندو. ڪورون جو پيءُ ڌرتراشٽر نابين هو، پر ان جي باوجود به هو لڙائي وڙهندي ڏسڻ لاءِ منتظر هو. سندس گذارش تي شري ڪرشن، سندس وزير سنجيه کي ازغيبي شڪتي ڏني، جنهن وسيلي سنجيه راجائي محلات ۾ ويهي، سموري لڙائي ڏسي سگهيو ٿي. سموري گيتا سنجيه جي زباني راجا ڌرتراشٽر کي ٻڌايل آهي[4].جنگ جو اعلان ٿي ويو آهي ۽ ڪورن ۽ پانڊن جا ٻه مد مقابل لشڪر جنگي صف بندي ۾ بيٺا آهن. جنگ جو هنڌ ڪروڪشيترا جو ڪُشادو ميدان آهي. اهو دهلي جي جديد شهر جي پسگردائي ۾ آهي[3]. شهزادو ارجن پنهنجي جنگي رٿ ۾ ويٺو آهي ۽ ڪرشن سندس ڀرسان بيٺو آهي. نظم مان اسان کي اها ڳالهه سمجھ ۾ اچي ٿي ته ڪرشن جيئن ته سڀني شهزادن جو ويجهو مائٽ آهي تنهن ڪري هن ڪنهن به ڌر پاران هٿيار کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، پر هو انهي ڳالهه تي راضي ٿيو آهي ته هو ارجن جو ڪوچوان ٿيندو ۽ صلاح مشوري ذريعي سندس سهائتا ڪندو[3]. هاڻي هر ڳالهه تيار آهي. نغارا وڃي رهيا آهن، هزارين ماڻهو اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا آهن ۽ سڀني جون اکيون ارجن تي کتل آهن جو پانڊو لشڪر جي اڳواڻ طور لڙائي شروع ڪرائڻ سندس ذميواري آهي. ۽ انهي تمام اهم گهڙي ۾ هو هٻڪي وڃي ٿو[3].

گيتا جو فلسفو[سنواريو]

گيتا هندن جو هڪ پويتر ڌارمڪ ڪتاب آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جي ڳُجهَن اسرارن تي روشني وڌي ويئي آهي. ايشور آهي، آتما آهي، موت کان پوءِ جنم ٿئي ٿو، ڪرمن جو ڦل ملي ٿو، اهو مڃيو ويو آهي، پر دليلن سان ثابت ڪرڻ جي بدران صرف صلاح ڏنل آهي ته ڇا ڪرڻو آهي يا نه ڪرڻو آهي.ڀڳوت گيتا جي ڪهاڻي: گيتا، جنهن کي هندن اُتم پويتر صحيفو ڪري مڃيو آهي[4]. لڙائيءَ جي ميدان تي ارجن پنهنجا مٽ مائٽ، ڏاڏا، چاچا، گرو وغيره ڏسي مُنجهي پوي ٿو ۽ سوچي ٿو ته خسيس ۽ فاني راڄ گديءَ لاءِ عزيزن ۽ گُرن جو رت وهائڻ ڌرم نه، پر اَڌرم آهي. تنهن تي شري ڪرشن، لڙائيءَ جي ميدان تي، ارجن کي زندگيءَ جا لڪل راز ٻڌائي ٿو ته ڌرم ڇا آهي، اڌرم ڇا آهي، انسان جو فرض ڇا آهي، ڪرم ڇا آهي، ڪرم ڪيئن ڪجي، آتما امر آهي، مؤت کان پوءِ به جنم ٿئي ٿو وغيره. ’گيتا‘ ۾ ست سؤ شلوڪ آهن[4]. ڀڳوت گيتا اصل ۾ سنسڪرت ٻولي ۾ لکيل آهي، مهاڀارت جو ڀاڱو آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اُتم درجي جي فلسفي ۽ مفڪر ويد وياس جي لکڻي آهي، جيڪا اُپنشدن کانپوءِ واري فلسفيانه سرشتي ۽ اُن کي ’سُوترن‘ ۾ سموهڻ کان اڳ واري دور سان تعلق رکي ٿي، جنهن ۾ پوءِ مختلف واڌارا ڪيا ويا. ڀڳوت گيتا جي ٻاهرئين گهاڙيٽي ۽ اندروني معنائن جي حوالي سان سمجهيو وڃي ٿو ته اها عيسوي سن کان اڳ جي رچنا آهي، جڏهن ته اُن کي لکت واري شڪل ۾ پنجين صديءَ ۾ آندو ويو، توڙي جو اُن جي متن ۾ اُن کان پوءِ تبديليون آنديون ويون، جن تي سانکيه، يوگ ۽ ويدانت جي فلسفن جو اثر ظاهر آهي[4]. ڪرشن ارجن کي سمجھائي ٿو ته: اسان جو هي انفرادي انساني آتما ڪڏهن به لاموجود نه ٿي ٿئي. اها تباه نه ٿي ٿي سگهي. اها آتما نه ڄائي آهي نه ڪڏهن مري سگهي ٿي. انهي ۾ ڪو به تير گهڙي نه ٿو سگهي. ڪو به شعلو انهي کي ڳڙڪائي نه ٿو سگهي، ڪو به پاڻي انهي کي لوڙهي نه ٿو سگهي، ڪا به ساڙيندڙ هوا انهي کي خشڪ نه ٿي ڪري سگهي. اها نتيه آهي، سمجھ ۾ نه ٿي اچي سگهي ۽ نه ئي انهيء تي موت اچي سگهي ٿو. پوءِ ڀلا ڪنهن انسان کي مارڻ يا پاڻ مري وڃڻ بابت ايتري چوپچو ڇو ڪجي؟ قتل ڪرڻ ۾ ته فقط شرير جي شموليت ٿئي ٿي: آتما بلڪل اهڙي طرح ٻئي شرير ۾ وسيرو ڪرڻ وڃي ٿي هلي، جيئن ڪو ماڻهو نوان ڪپڙا کڻي پراڻا ۽ ڳريل ڪپڙا رکي ڇڏيندو آهي[3]. ڄم جي پڄاڻي موت آهي ۽ موت جي پڄاڻي نئون جنم آهي[3]. اهي سڀ ڳالهيون اڳ ۾ طئي ٿيل آهن ۽ اسان پاران انهن شين بابت ڳڻتي ڪرڻ جو ڪو ذري برابر به سبب نه آهي. دلير ماڻهو جو ڪم هي آهي ته هو پنهنجي ڪم کان واقف هجي ۽ پوءِ اهو سٺي نموني ۽ ايمانداري سان سرانجام ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ۽ هو اهو ڪم فقط انهي ڪري سرانجام ڏئي ته اهو سندس ذمو آهي. هو اهو ڪم انهي مان ڪجھ حاصل ڪرڻ جي اميد ۾ نه ڪري[3]. جيستائين ارجن جو تعلق آهي کيس انهي ڳالهه جو فيصلو ڪرڻ ۾ ڪا به ڏکيائي نه هجڻ گهرجي ها ته سندس ڪم ڪهڙو آهي. ڪرشن ارجن کي سمجھايو ته هو هندن جي ويڙهاڪ ذات کترين مان آهي ۽ هو جيڪڏهن پنهنجي تلوار اڇلائي ڇڏي ها ته سندس دوست يار به اهو سمجھن ها ته هن ڪنهن اُتم اصول لاءِ نه پر خوف سبب اهو ڪم ڪيو آهي. تنهن ڪري ڀلي ته هو اٿي کڙو ٿئي، لڙائي لاءِ پنهنجون ٻانهون تيار ڪري ۽ اڳي هلي سوڀ ٿئي يا هار، فائدو ٿئي يا نقصان انهي لاءِ هو پنهنجي دل کي تيار ڪري[3]. هي ڀڳوت گيتا جي اُتم شڪشائن مان سڀ کان شروعاتي آهي ته هو انهي ذات جي اصولن پٽاندڙ عمل ڪري جنهن ۾ هو پيدا ٿيو آهي. هو جيڪڏهن کتري آهي ته کيس جنگ ۾ حصو وٺڻ ۽ دليري سان وڙهڻ لاءِ تيار ۽ پرجوش رهڻ گهرجي[3]. هو جيڪڏهن برهمڻ آهي ته پويتر ڪتاب پڙهڻ ۽ انهن جي تشريح ڪرڻ هن جو فرض آهي. هو جيڪڏهن وئش آهي ته کيس واپاري ۽ ڪڙمي طور پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي[3]. هو جيڪڏهن سڀ کان ادنيٰ ذات شودرن ۾ پيدا ٿيو آهي ته به کيس دل نه لاهڻ گهرجي ۽ سڀ کان نيچ ڌنڌن ۾ به وس آهر سٺو ڪم ڪرڻ گهرجي[3].

ترجما[سنواريو]

ڀڳوت گيتا جي مقبوليت جو اندازو اِن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته دنيا جي اُها ٻولي ناهي، جنهن ۾ اُن جو ترجمو نه ٿيو هجي. سنڌي ٻولي ۾ پڻ ڀڳوت گيتا جا نثر ۾ توڙي منظوم ترجما ڪيا ويا آهن، جن ۾ پهريون ترجمو اين. وي. ٿڌاڻيءَ )هندو ڪاليج دهليءَ جو پرنسپال( جو چيو وڃي ٿو، جيڪو 1923ء ۾ ڇپيو هو. منٺار رائي جيساني ٽنڊوالھيار، ڊاڪٽر نيهالچند سوڍاڻي عمرڪوٽ، مينگهراج ڪولاڻي، چين راءِ بولچند ۽ مُولچند )جيڪي ٽيئي روينيو آفيس ۾ ڪم ڪندا هئا(، گهنشيام ڪرپالاڻي، ٽي. ايل. واسواڻي، پرسرام ضيا، هريرام پارداساڻي، نانڪرام ٿڌاڻي، گوبند حڪماڻي ’جيون‘ ۽ هري دلگير ) امر گيت جي عنوان سان منظوم ترجمو( کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي ليکڪن جا ترجما ڪيل آهن[4]. ڀڳوت گيتا جا ڪيترائي انگريزي ترجما آهن پر انهن مان سڀ کان مشهور نامياري مستشرق ۽ اديب سر ايڊون آرنلڊ پاران ڪيل آهي. اهو 1885ع ۾ The song Celestrial جي نالي سان ڇپيو آهي ۽ هڪ کان وڌيڪ پيڙهيون انهي کي ساهه سان سانڍينديون پيون اچن[3].

گيتا بابت مشھور شخصيتن جا خيال[سنواريو]

مھاتما گانڌي چيو ھو تہ[3]:

مون کي ڀڳوت گيتا مان اهڙي آٿت ملندي آهي جيڪا مون کي جبل واري خطبي ۾ به نه ملندي آهي. جڏهن نااميدي منهنجي اکين ۾ اکيون وجھي بيهندي آهي ۽ مون کي اميد جو هڪ ڪرڻو به نظر نه ايندو آهي ته آءٌ ڀڳوت گيتا ڏانهن موٽندو آهيان. مون هِتي هُتي ڪو بيت نظر اچي ويندو آهي ۽ آءٌ وڏن حادثن ۾ به فوراً مسڪرائڻ لڳندو آهيان.

— مھاتما موھنداس ڪرمچند گانڌي

ڀڳوت گيتا ڪنھن لکي[سنواريو]

سوامي وويڪ نند مطابق ڀڳوت گيتا پراڻي ھجڻ باوجود ھندوستان جي تاريخ ۾ اٺين صدي عيسويءَ جي شروعات کان اڳ لڳ ڀڳ اڻڄاتل ھيو، ان کي ان وقت شنڪر آچاريه پنھنجي لکڻين ۾ ان جي تشريح ڪري ان کي مشھور ڪري ڇڏيو[5][6] سوامي وويڪ نند جي ان بيان مان ڪن تہ اھو نتيجو پڻ ڪڍيو آھي تہ گيتا جو ليکڪ دراصل شنڪر آچاريه ھيو جنھن ان کي مھاڀارت ۾ ملائي ڇڏيو[5]. پر اھو نتيجو ٺيڪ نہ ٿو لڳي ڇو تہ شنڪر آچاريه پاڻ گيتا جي ڪيل پراڻين تشريحن جا حوالا ڏنا آھن[5]. اليڪسس ميڪلوڊ نالي ايشيائي علمن ۽ فلسفي جي ماھر مطابق ڀڳوت گيتا ھرگز ڪنھن ھڪ ليکڪ جو ڪم ٿي نہ ٿو سگھي ۽ اھو کوڙ ليکڪن جو ڪارنامو ھوندو[7].[8] آرٿر ليولن بيشم پڻ ساڳي خيال جو آھي . ان مطابق ڀڳوت گيتا جا ٽي يا ٽن کان وڌيڪَ ليکڪ يا مرتب ھئا. ان جو ثبوت بيشم مطابق فلسفياڻي بيتن جو مذھبي يا جذبات وارن مذھبي بيتن سان گاڏڙ ساڏڙ آهي[9].

حوالا[سنواريو]

  1. The Song Celestial, Or, Bhagavad-gîtâ (from the Mahâbhârata) Being a Discourse Between Arjuna, Prince of India, and the Supreme Being Under the Form of Krishna. Roberts Bros. 1885. pp. Book one the first, page 19. 
  2. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  3. 3.00 3.01 3.02 3.03 3.04 3.05 3.06 3.07 3.08 3.09 3.10 3.11 3.12 [١] ڪتاب جو نالو؛ هڪ سؤ عظيم ڪتاب؛ مصنف: محمد احمد منصور عباسي؛ ايڊيشن:2012ع؛ ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 [encyclopediasindhiana.org ]
  5. 5.0 5.1 5.2 Swami Vivekananda (1958). The Complete Works of Swami Vivekananda, Volume 4 (12th ed.). Advaita Ashram. pp. 102–104. https://archive.org/details/in.ernet.dli.2015.99642. 
  6. Alexus McLeod (2014). Understanding Asian Philosophy. A&C Black. pp. 169–170. ISBN 978-1-78093-631-4. https://books.google.com/books?id=X1PwAwAAQBAJ. 
  7. Alexus McLeod (2014) Understanding Asian Philosophy. A&C Black. pp. 169–170. ISBN 978-1-78093-631[٢]
  8. Minor 1982xxxiv, Quote: "Therefore, instead of the traditional view of authorship, many scholars have argued that the Gita is not the work of one author but a composite work.".
  9. Arthur Llewellyn Basham (1991). The Origins and Development of Classical Hinduism. Oxford University Press. pp. 85–87. ISBN 978-0-19-507349- [ https://books.google.com.pk/books?id=2aqgTYlhLikC&redir_esc=y]