سفرنامو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سفرنامو

(Travelogue)

سفرنامو علمي ۽ ادبي حيثيت ۾ وڏي اھميت رکي ٿو. ادب جي ھيءَ واحد صنف اھي، جنھن جو معاشري جي سڀني علمن سان تعلق اھي. اديبن، تاريخدانن، سياحن، جاگرافيدانن ۽ سوانح نگارن ھن صنف مان گھڻو فائدو ورتو اھي. ان ڪري دنيا جي ھر زبان ۾ سفرنامن کي اعليٰ مقام حاصل اھي. درحقيقت، سفرنامو سير ۽ سفر جي مشاھدن جي اھا روئداد اھي، جيڪا ليکڪ قلمبند ڪندو اھي. سفرنامي ذريعي ھڪ ليکڪ پنھنجي ذاتي تجربن، مطالعي، مشاھدن ۽ تصوراتي ڏات جي بنياد تي جيڪا تاريخي، جاگرافيائي، موسمياتي، اقتصادي، صنعتي، تجارتي، زراعتي، علمي، ادبي ۽ ٻين موضوعن متعلق معلومات گڏ ڪري پيش ڪري ٿو. ان جي افاديت ۽ مقبوليت وڌيڪ ٿئي ٿي. سنڌي سفرنامي جا اوائلي اھڃاڻ سڀ کان پھريان شاھھ عنايت رضوي (1644-1713ع)، شاھھ لطيف (1689-1752ع)، خليفو نبي بخش (1776-1863ع)، مخدوم عبدالرؤف ڀٽي (1682-1752ع) ۽ سيد ثابت علي شاھه (1740-1800ع) جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا.نثري سفرنامي جي شروعات انگريزن جي دور ۾ ٿي. سنڌي زبان ۾ گهڻي ۾ گهڻا سفرناما الطاف شيخ لکيا آهن، جن جو تعداد 80 ڪتابن کان به مٿي ٿيندو. ان کان علاوه عبدالحئي پليجو ۽ محمد خان سيال جا نالا اهم آهن. .[1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي