لطف الله بدوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

لطف الله بدوي (انگريزي: Lutufullah Badvi ) لطف الله “جوڳي” ثم “بدوي” ولد حاجي امام بخش “خادم” بدوي (جنم 4 - جولاءِ 1904ع – وفات 19 - نومبر 1968ع) سنڌ جي وهاڻو تاري، سنڌي علم - ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندي امرتا ماڻي آهي[1]. سندس نالو سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکيو ويندو. مرحوم هڪ سٺي محقق، تاريخدان، ڊرامه نويس، مضمون/مقاله نگار ۽ افسانه نويس کان علاوه هڪ پخته گو ۽ اعليٰ پايه جو شاعر به ٿي گذريو آهي[1]. سندس ڪلام پنهنجي مادري ٻولي سنڌي کان علاوه اردو ۽ فارسي ٻولين ۾ به ملي ٿو[1]. پنهنجي اباڻي شهر سان اُڪير ۾ هيٺين ريت پنهنجو ناتو نڀايو اٿس:

وطنِ عزيز تنهنجون راحت ڀريون ڪهاڻيون،

پرديس تي پري اڄ هڪ - هڪ ٿي ياد آيون،
جهولي ۾ تنهنجي گهڙيون مٺڙيون جي مون ٿي ماڻيون،
اڄ هت پري گذاريان سيني سان تن کي لايون،
ڇا دلنشين تنهنجو آ “سنڌو واه” جو ڪنارو؛
وسري شڪارپور ڪٿ، تنهنجو حسين نظارو.
___ خود رو گلن سان ڇانيل هون تنهنجون ماڙيون سڀ،
جت حسن و عشق هر دم ڏي ٿو هزار لوليون،
سر سبز واديون سڀ تنهنجون مزي ڀريون سڀ،
هر دم جتي ٿي گهلندي کيڏي بهار هوليون،
اُڀري کلي سدائين جت صبح جو ستارو؛
وسري شڪارپور ڪٿ، تنهنجو حسين نظارو.
ساٿي مان ديس جا هت روئندي سڀئي سنڀاريان،
ڪنهن سان مان حال اوريان تنهنجون مٺيون ڪهاڻيون،
اڻ - تڻ لڳل اندر ۾ گوندر ۾ ٿو گذاريان،
تارن ڀريون هي راتيون توکان پري وهاڻيون،
غم سان ڀريل هي قصو، پر سوز آهه سارو؛
وسري شڪارپور ڪٿ، تنهنجو حسين نظارو.
___ ڪيڏا نه دور ٿي ويا مون کان اُهي پيارا،
جن جي سدائين مون کي پئي ياد ٿي ستائي،
الفت ۽ دوستي جا شهڪار شاهه پارا،
جن جي ڳڻن جون ڳالهيون هر هر ٿي دل ٻُڌائي،
هر ذرو خاڪ جو آ مون لئه سندءِ پيارو؛
وسري شڪارپور ڪٿ، تنهنجو حسين نظارو.
__ مايوس هڪ مسافر هت دور توکان آهيان،
فڪر - جهان کان ڪيڏي مجبور ٿي جواني،
هي غمزده حياتي سهمن ۾ ٿو نڀايان،
اَي مادر - وطن هي دوري جي زندگاني،
توکان جدا ٿي ان جو آهي ڪٺن گذارو؛
وسري شڪارپور ڪٿ، تنهنجو حسين نظارو.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 ڪتاب جو نالو: شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ مصنف:نقش ناياب منگي / حسيب ناياب منگي؛ ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال:2017 [1] -