سگمنڊ فرائيڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سگمنڊ فرائيڊ
(جرمن ۾: Berthold Sigismund Schenkling خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 11 جُولاءِ 1865[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 16 ڊسمبر 1946 (81 سال)[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
شھريت جرمني  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي جرمن ٻولي[2][3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

نفسيات جو ابو، سگمنڊ فرائيڊ 6 مئي 1856ع ۾ فرائيڊ فرائي برگ موراوينا ۾ پيدا ٿيو. ان ننڍڙي ڳوٺ ۾ پنج هزار کن جرمن ۽ چيڪ باشندا آباد هئا. فرائيڊ جي ماءُ جي نالو اميليا ناٿن ۽ سندس پيءُ جو نالو جيڪب فرائيڊ هو. فرائيڊ نفسيات جي علم ۾ تمام اوچو مقام رکي ٿو، کيس نفسيات جو ابو سڏيو ويندو آهي.

فرائيڊ جا پيش ڪيل نظريا سڄي دنيا ۾ تڪراري رهيا، خاص طور سندس نظريو ”اڊيپس ڪامپليڪس“ تمام گهڻو تڪراري رهيو آهي. پر اڳتي هلي سندس ٺاهيل اصطلاح ۽ نظريا ادب توڙي سائنس جي دنيا ۾ عام جام استعمال ٿيڻ لڳا. مثال طور: ايڊيپس ڪامپليڪس، ٻيائي، ايروس، خود اذيتي، جنسي نظريا، لاشعور، نيم شعور، انا، فوق الانا، اڊ، لبيڊو ۽ ٻارن جي نفسيات وغيره.

ماڻهن جي نظر ۾ فرائيڊ ان ڳالھ جو ڏوهي هو ته هن کي هر شَي ۾ رڳو جنس ئي نظر اچي ٿي. جڏهن ته فرائيڊ جو چوڻ هو ته ورثي ۾ مليل جبلتن کان وڌيڪ ڀر پاسي جون حالتون انسان تي وڌيڪ اثرانداز ٿين ٿيون، جبلت توانائي جو هڪ اهڙو ذخيرو آهي جيڪو نڪرڻ جي واٽ ڳولھڻ لاءِ بيتاب رهندو آهي. اهڙي توانائي جسم ۾ هڪ قسم جي بيچين ڇڪ پيدا ڪندي آهي ۽ ان ڇڪ جو آخري پورائو هڪ قسم جي تسڪين هوندو آهي.

فرائيڊ کائڻ، پيئڻ ۽ کنهڻ وغيره لاءِ جنس جو اصطلاح استعمال ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ لفظ جي اهڙي ڪتب آڻڻ مان مراد جنسي لطف ورتي ويندي هئي، ان ڪري گھڻن مونجهارن جنم ورتو. ٿيڻ جوڳو آهي ته فرائيڊ اهڙن سڀني عملن جي گهرائي سبب ان کي جنسي عمل چوڻ تي مجبور ٿيو هجي.

فرائيڊ لاءِ چيو ويندو آهي ته هن کي پنهنجن نظرين تي اختلاف راءِ ۽ آزاداڻن خيالن جي ڏي وٺ بلڪل نه وڻندو هئو. پر اصل ۾ هن جو ورتاءُ ۽ سلوڪ بلڪل ابتڙ ۽ ٻاجهاري شخص وارو هوندو هو.

فرائيڊ جي نظرين معاشري جي سڀني شعبن کي اثر وڌو، جهڙوڪ سائنسي ادب، شاعري، آکاڻيون، ناول، ناٽڪ، فلمون، سوانح حيات، تاريخي ادب، آرٽ، مصوري، مجسمي سازي، تعليم، سماجي سائنس وغيره. هن جي نظرين جو هاضمو نه ڪري سگهندڙن يا هن جي سطحي تنقيد نگارن کيس لوئڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. ڊي ايڇ لارنس، فرائيڊ کي جنسي شعور جي پيدائش جو ڏوهي قرار ڏنو، هن جو چوڻ هو ته ”فرائيڊ کي ان جھليل حد ۾ داخل نه ٿيڻ گهرجي ها، اهڙين ڳالهين تي پردا رهڻ گهرجن. آدم ۽ حوا ان ڪري جنت مان نه ڪڍيا ويا جو انهن هڪٻئي جا جنسي عضوا ڏسي ورتا هئا پر ان ڪري ڪڍيا ويا جو انهن کي عضون جي استعمال جي خبر پئجي وئي.“ هن جا مخالف سندس نظرين کي ”ويانا جي غليظ يهودي جا لڙاٽيل نظريا“ چوندا هئا.

1930ع کان پوءِ جڏهن فرائيڊ جي مڃتا ۽ قبوليت ۾ واڌارو آيو ته هن جا نظريا اڻپوري نموني قبول ڪيا ويا. ان زماني کي فرائيڊ جو دور چيو ويندو آهي.

فرائيڊ کي ويانا ڏاڍو پيارو هو، جنهنڪري هن ويانا ۾ نازين جي داخل ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجي سڀني ساٿين جي صلاح مڃڻ کان انڪار ڪندي ويانا مان ڀڄي وڃڻ کي رد ڪري ڇڏيو. نازين نيٺ فرائيڊ جي لائبرري کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ان وقت جي سائنسي دنيا ڊبڪ هئي ته ڪٿي فرائيڊ نازين هٿان گرفتار نه ٿي وڃي.

يونان جي شهزادي ميري نازين کي ڏهه لک شيلنگ ادا ڪري آمريڪي صدر روز ويلٽ جي ذريعي فرائيڊ کي نازين کان بچائي ورتو. فرائيڊ زندگي جا آخري ڏهاڙا لنڊن ۾ گذاريا. نيٺ هن جي سورانهن ورهيه پراڻي بيماري سرطان لاعلاج ٿي وئي ۽ 23 سيپٽمبر 1939ع ۾ هن جو ديهانت ٿيو. هن جو لاش ساڙيو ويو ۽ ٻاويهه سو سال پراڻي واز ۾ محفوظ ڪئي وئي.

فرائيڊ، انسانيت جو عظيم محسن آهي. نفسيات جي علم جي ترقيءَ سبب ڪيترن ئي اگھائين (بيمارين) جا علاج ٿيڻ جوڳا ٿي سگهيا ۽ وهمن، وسوسن، ماليخوليائن ۽ فوبيائن کان پاڪ هڪ صحتمند معاشري جو بنياد وجھڻ ۾ مدد ملي. [4]

سگمنڊ فرائيڊ جو خدا جي تصور بابت ويچار[سنواريو]

آڳاٽي زماني جو انسان خدا جي وجود ۾ پنهنجي لاءِ اهو ئي بچاءِ ۽ تحفظ ڳولينڌو هئو، جيڪو ڪو به ٻار پنهنجي پيءَ جي ذات مان حاصل ڪري ٿو. ٻار پنهنجي پيءُ کان ڊڄي ٿو ۽ ان جي مدد ۽ سھارو به وٺي ٿو. اھڙي نموني آڳاٽو انسان خدا کان ڊڄندو به ھو ۽ ڏچي ۾ ان کي ياد به ڪندو هو. فرائڊ چوي ٿو خدا انسان جو خالق نہ آهي پر انسان جي ذھن جي مخلوق آهي. هو چوي ٿو تہ جڏهن انسان نفسياتي ۽ جذباتي حوالي سان مڪمل طور تي بالغ ٿي ويندو تہ ان کي خدا جي سھاري جي ضرورت نہ پوندي، جئين ٻار جوان ٿي پيءَ جو محتاج نٿو رھي. [5]

ٽي وڏا نفسياتدان[سنواريو]

فرائيڊ جي سڀ کان وڏي ڪمزوري اها هُئي ته هُو ڪنھن ٻئي ماڻهوءَ تي ڪم به پاڻ رکندو هو ته ان کي ٿوري جو بار به سمجهندو هو ۽ اهڙي ٿوري کي پنھنجي شخصي آزاديءَ جي بي عزتي سمجهندو هو، ۽ پوءِ کيس چڙ ايندي هئي، نتيجي طور جڏهن سندس دوستن کي ان بي تُڪي چڙ جي خبر پوندي هئي ته هو ساڻس ڇڊا ٿي ويندا هئا. ان ڪري ئي سندس ويجها دوست بريٽو، سليس، يونگ، ايڊلر، رينڪ ۽ فرنيزي سڀئي کيس ڇڏي ويا ۽ انھن سان سندس لاڳاپا خراب ٿي ويا هُئا، جنھن جي پويان نظرياتي اختلافن جو عمل دخل ته هو ئي پر هڪ اهم سبب اهو به هو ته فرائيڊ شروع ۾ جذباتي قسم جي دوستي ڪندو هو ۽ هوريان هوريان پوئتي هٽندو ويندو هو. هڪ وقت اهڙو به ايندو هو جو فرائيڊ جي محبت نفرت ۾ تبديل ٿي ويندي هُئي. ان نفرت جي گھرائيءَ جو اندازو اسان ايڊلر جي موت تي ظاهر ڪيل سندس ردِ عمل مان لڳائي سگهون ٿا. جڏهن سندس دوست آرنلڊ زينگ (Arnold Zeing) فرائيڊ کي خط لکي ايڊلر جي موت جي باري ۾ سندس تاثر ڄاڻڻ چاهيا ته فرائيڊ کيس هن نموني جواب ڏنو، “آءٌ ايڊلر جي لاءِ پنھنجي ترس وارا جذبا ناهيان سمجهي سگهيو. ويانا جي ٻھراڙيءَ ۾ جنم وٺندڙ هڪ يھُودي ٻارڙي ايڊلر جو ايبرڊين جي عالي شان شھر ۾ موت ٿيڻ ان ڳالھ جي چٽي ثابتي آهي ته هُو زندگيءَ ۾ ڪھڙي مَقام تي پھتو هو. تحليل نفسيءَ جي رد ۾ هن جيڪي خدمتون سر انجام ڏنيون، اُهي انعام کيس ان جي ئي نتيجي ۾ مليا. [6]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  2. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb129904092 — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  3. NL CR AUT ID: https://aleph.nkp.cz/F/?func=find-c&local_base=aut&ccl_term=ica=mub2010584105 — اخذ شدہ بتاریخ: 1 مارچ 2022
  4. ڪتاب ”سگمنڊ فرائيڊ، ليکڪ تورا ڪينه قاضي، سنڌي ترجمو: ظفر
  5. مقالات جلالپوري، صفحو 170
  6. تين بڑے نفسياتدان, ليکڪ: ڊاڪٽر سليم اختر