ماڻڪ
ماڻڪ Manik | |
---|---|
پيدائش | منير احمد مارچ 05 1943 نوشهرو فيروز، نوشهرو فيروز ضلعو، سنڌ |
وفات | 26 جنوري 1982 (عمر 38 سال) |
ڌنڌو | ليکڪ |
ٻولي | سنڌي |
قوميت | پاڪستاني |
تعليم | ايم اي، آيل آيل بي |
مادرِ علمي | سنڌ يونيورسٽي |
صنف | ڪھاڻي،ناول |
مُکيه ڪم | حويلي جا راز ساھ مُٺ ۾ لڙهندڙ نسل |
ماڻڪ (انگريزي:Manik, Muneer Ahmed Manik) (جنم: 5 مارچ 1943ع - وفات: 26 جنوري 1982ع) سنڌي ٻولي جو ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس هو.
زندگي ۽ ادبي خدمتون
[سنواريو]ماڻڪ، اصل ۾ سنڌي ادب جو ماڻڪ به هو. سندس اصل نالو منير احمد آهي. 5 مارچ 1943ع ۾ نوشهري فيروز ۾ سندس جنم ٿيو. ماڻڪ جي تعليم ايم اي، ايم ايڊ ۽ ايل ايل بي هئي. منير احمد ماڻڪ سو کان مٿي ڪهاڻيون، ڪجهه ناول ۽ ناوليٽ لکيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”حويليءَ جا راز“[1]، ”لڙهندڙ نسل“، ”رڃ ۽ پڙاڏا“، ”پاتال ۾ بغاوت“، ”ڇهه انام ڪهاڻيون“ شامل آهن. پيٽ گذر لاءِ شروع ۾ ماستري، پوءِ ڪلارڪي، صحافت ۽ آخر ۾ وڪالت پڻ ڪيائين.
ماڻڪ سنڌ جو يگانو ليکڪ آهي جنهن کي شايد نام نهاد باشعور پڻ گاريون ڏيندا آهن.هن پنهنجي لکڻين ۾ ڪڏهن به ڳالهه رومال ۾ ويڙهي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي کيس جيڪو ڪجهه چوڻو هوندو هئس بنا ڪنهن ڦيرڦار جي لکي ڇڏيندو هو. اهو ئي ڪارڻ هو جو کيس لويو ويندو هو. عبدالقادر جوڻيجو لکي ٿو، ”گاريون ڏيڻ وارن کي ڌيان رکڻ گهرجي متان جوشيليون گاريون ڏيڻ سان سندن گڦ ته ڪانه ٿي وهي.“ موهن ڪلپنا، ماڻڪ جي ناول ”ساهه مٺ ۾“ تي تبصرو ڪندي لکيو، ”هي ناول هڪ بارود آهي، جنهن جي سنڌ کي ضرورت آهي.“ ماڻڪ پاڪستان جي ٺهڻ ۽ سنڌ کي ائين ظاهر ڪيو آهي ته ”ڌاڙيلن جا جوکي ۾ وجهي لٽ جو مال هٿ ڪيو آهي.“
26 جنوري 1982ع ۾ سنڌ جي هي بيباڪ ليکڪ اسان سڀني کان وڇڙي ويو. ماڻڪ جي بيباڪي ۽ بي خوفي ڄڻ اڄ به سنڌ جي ضرورت هجي. سنڌ جو ماڻڪ سنڌ کان جسماني طور جدا ته ٿي ويو پر سندس ڪهاڻيون ۽ ناول اڄ به نوجوانن ۾ پسند ڪيا وڃن ٿا، دور بدلجي چڪو آهي گاريون گهٽ ٿي چڪيون آهن وقت سنڌين کي گهڻو ڪجهه سمجهائي ڇڏيو آهي. ماڻڪ پنهنجن لکڻين ۾ سنڌ کي ڪڏهن به نه وساريو ته پوءِ سنڌ ماڻڪ کي ڪيئن ٿي وساري سگهي.
ماڻڪ جو ناول ”ساهه مٺ ۾“ شروع ۾ هتي نه ڇپجي سگهيو، ڪير ڇپائڻ لاءِ تيار ئي نه هو! اهو ڪتاب وڃي هندستان مان ڇپيو. ان واقعي تي موهن ڪلپنا لکيو، ”پاڪستان هڪ طاقتور ملڪ آهي. پر ان ملڪ کي ايڏي طاقت ڪونهي جو هن ڪتاب جي ڌماڪي جو زور سهي سگهي. ان ڪري هيءُ ڪتاب پاڪستان ۾ ڇپجي نٿو سگهي ۽ هاڻ هندستان ۾ ڇپيو آهي.“
ماڻڪ جي ناول ”ساهه مٺ ۾“ مان ڪجهه چونڊ ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا.[2]
سنڌين کي مسلمان بنائڻ جي سازش آهي ۽ هر اهو سنڌي مسلمان آهي، جو پهريون پاڪستاني، پوءِ سنڌي آهي! سنڌي وڏيرن اهو اصول مڃي ڇڏيو آهي. ذوالفقار ڀٽو به، پر پس پيش جو سنڌي آهي ڦاسي کائي ٿو. هڪ رٿائتي ڪوشش ته سنڌين کي غير سنڌي بڻايو وڃي.
حراس، خوف، گهٻراهٽ! زال جا ڪپڙا لاهڻ کان پوءِ ٿڌو ٿيو وڃي ۽ننڊ جون گوريون وٺي.
سامهون واري گهر ۾ پوليس آئي. ڇوڪرو نه ملين. صوبيدار گاريون ڏيندي چين ته جي ڇوڪرو ٿاڻي تي پيش نه ڪيو ته سڀ رنو ن ٿاڻي تي گهلي وينداسين.
- اسان سنڌين جي ڪمزوري آهي پٺتي هٽندي خاموشي اختيار ڪرڻ. هڪ قومي خصلت، درويشائي.
- هي هڪ تاريخي حقيقت آهي ته هندستان جي مسلمانن جون بنيادي وفاداريون، ڌرتيءَ کان وڌيڪ، ٻاهرين حملي ڪندڙ فاتح حاڪمن سان وڌيڪ رهيون آهن. منهنجو مطلب آهي افغانن، ترڪن، مغلن، ايرانين يا عربن سان نه رڳو اهو پر هو، انهي تي پاڻ پڏائين به ٿا![3][4]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "حويليءَ جا راز : ماڻڪ". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-05-12.
- ↑ "ساهه مُٺ ۾ : ماڻڪ". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-05-12.
- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-10-05.
- ↑ Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: ماڻڪ - منور سراج". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-10-05.
- ڪتاب، ”ساهه مٺ ۾“ (ناول) ليکڪ: ماڻڪ