تخيل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
واشنگٽن جو ڪانگريس جي لائبريري۾ تخيل جو مجسمو

”تخيل“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنا آهي،”تصور، خيال، سوچ، ويچارڻ يا (Imagination).“ اصطلاحي معنا اَٿس، اها قوت، جا خيالي صورت ٺاهي ذهن جي اڳيان آڻي بيهاري. اصل ۾ ”تخيل“ ايجاد جي قوت جو ئي نالو آهي..[1]”تخيل“ شعر جو هڪ عنصر آهي. تخيل جي قوت سان هڪ شاعر جي آڏو ڪائنات جون شيون عجيب ۽ غريب نموني ۾ اچن ٿيون، جن کي ڏسي هو اهي حقيقتون بيان ڪري ٿو، جيڪي هڪ فلاسافر يا سائنسدان به ڪڏهن ڪڏهن پيش نه ڪري سگهندو آهي. مطلب ته ’تخيل‘ صرف خيالي تصورن جو نالو آهي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد