نٿر
نٿر (قمبر)
ديھ نٿر | |
---|---|
ديھ | |
Deh Nathar | |
جاگرافي بيهڪ: 27°32′33″N 68°02′49″E / 27.54250°N 68.04694°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
ديھ نٿر(انگريزي: Deh Nathar) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا آبڙي تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1889 کان 1890ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ڏنو تونيو، ڳوٺ مسو ڀٽو، ڳوٺ خير محمد ميتلو، مغيرين جو ڳوٺ ۽ ھڪ ڏنو تونيو جي لڳ اولھ پاسي ھڪ غيرمعروف ڳوٺ واقع ھيا. 1889ع ۾ لاڙڪاڻو کان خيرپور جاگير (ھاڻي: خيرپور جوسو) روڊ ھن ديھ جي ڏاکڻي دنگ کان گذرندڙ ھيو ھاڻي اھو روڊ ڪانھي ۽ بعد م لاڙڪاڻي وڳڻ روڊ ديھ کان ڪافي فاصلي تي ٺھيو جيڪو خيرپور جوسو کان گذرندڙ آھي. ھاڻي ھن ديھ م ڳوٺ علي شير تونيو، ڳوٺ خير محمد ميتلو، آرائين مسو، ڳوٺ راول مياڻي ۽ ڳوٺ اعظم واقع آهن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ آبڙي ء ديھ رتوڪوٽ، اوڀر ۾ ديھ رتوڪوٽ ۽ لاڙڪاڻو تعلقو، اولھ ۾ ديھ شريفاڻي ۽ ڏکڻ ۾ ديھ خيرپور جوسو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 2,571 ھئي جيڪا 412 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- قنبر تعلقو
- قنبر تعلقي جون ديھون
- قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون ديھون