مواد ڏانھن هلو

نٿر

نٿر (قمبر)

ديھ نٿر
ديھ
Deh Nathar
نٿر (قمبر) is located in سنڌ
نٿر (قمبر)
نٿر (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
نٿر (قمبر) is located in پاڪستان
نٿر (قمبر)
نٿر (قمبر)
نٿر (قمبر) (پاڪستان)
Coordinates: 27°32′33″N 68°02′49″E / 27.54250°N 68.04694°E / 27.54250; 68.04694
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقوقمبر تعلقو
آبادي
 (2017)[1]
• ڪل2,571
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )


ديھ نٿر(انگريزي: Deh Nathar) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا آبڙي تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ

[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1889 کان 1890ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ڏنو تونيو، ڳوٺ مسو ڀٽو، ڳوٺ خير محمد ميتلو، مغيرين جو ڳوٺ ۽ ھڪ ڏنو تونيو جي لڳ اولھ پاسي ھڪ غيرمعروف ڳوٺ واقع ھيا. 1889ع ۾ لاڙڪاڻو کان خيرپور جاگير (ھاڻي: خيرپور جوسو) روڊ ھن ديھ جي ڏاکڻي دنگ کان گذرندڙ ھيو ھاڻي اھو روڊ ڪانھي ۽ بعد م لاڙڪاڻي وڳڻ روڊ ديھ کان ڪافي فاصلي تي ٺھيو جيڪو خيرپور جوسو کان گذرندڙ آھي. ھاڻي ھن ديھ م ڳوٺ علي شير تونيو، ڳوٺ خير محمد ميتلو، آرائين مسو، ڳوٺ راول مياڻي ۽ ڳوٺ اعظم واقع آهن.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ آبڙي ء ديھ رتوڪوٽ، اوڀر ۾ ديھ رتوڪوٽ ۽ لاڙڪاڻو تعلقو، اولھ ۾ ديھ شريفاڻي ۽ ڏکڻ ۾ ديھ خيرپور جوسو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي.

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 2,571 ھئي جيڪا 412 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018