لاکا (قمبر)
لاکا (قمبر)
ديھ لاکا | |
|---|---|
ديھ | |
| Deh Lakha | |
| جاگرافي بيهڪ: 27°38′04″N 67°58′43″E / 27.63444°N 67.97861°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | قمبر تعلقو |
ديھ لاکا (انگريزي: Deh Lakha) سنڌ جي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا لاکا تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1879 کان 1947ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ لاکا ۽ لاکن جو مقام، ڳوٺ پير محمد لاکو، ڳوٺ رب رکيو لاکو، کنڊن جو ڳوٺ، نونارين جو ڳوٺ، ڳوٺ عرضي مغيري ۽ ڳوٺ ولھاري مغيري واقع ھيا. ھن ديھ ۾ ڳوٺ لاکا ھاڻي ڀاوند لاکا ۽ بمدو لاکا جي نالي سان مشھور آھي، ڳوٺ الھ بخش مغيري ۽ ڳوٺ پير محمد لاکو باقي معروف ڳوٺن ۾ شامل آهن. ٻيا ڳوٺ غيرمعروف ٿي ويا يا ڦٽي ويا آهن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڪمال خان، اوڀر ۾ ديھ ڇڄڙا، اولھ ۾ ديھ جوڻيجا ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ڪلر 1 واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ديھ جي اتر اوڀر واري حصي م نور واھ وھندڙ آھي ۽ اترئين ڀاڱي مان فتوھل واھ گذري ٿو. اتر اوڀر واري دنگ کان شھدادڪوٽ قمبر روڊ گذرندڙ ھيو.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 6,919 ھئي جيڪا 1127 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].