ڌيرو
ڏيک
ڌيرو جاگير (قمبر) ديھ ڌيرو جاگير | |
---|---|
ديھ | |
Deh Dhero | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°35′23″N 67°46′56″E / 27.58972°N 67.78222°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 4,492 |
ديھ ڌيرو جاگير(انگريزي: Deh Dhero Jagir) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا وڪڙو تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]جنھن ۾ ڳوٺ واقع آهن. بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1932 واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ان وقت اھا ديھ تپو غيبي ديرو ۾ واقع ھئي. ان ديھ جي نقشي مطابق اتي صرف ھڪ ننڍڙو ڳوٺ لشڪر خان ٻڍاڻي واقع ھيو. ھاڻي بہ رڳو اھو ساڳيو ھڪ ڳوٺ اتي واقع آهي پر ھاڻي اھو وڏو ڳوٺ آهي.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ تعلقو شھدادڪوٽ ۽ تعلقي ميروخان جي ڪور حسن ۽ ديھ ڪور اسماعيل، اوڀر ۾ ديھ وارياسو، ڏکڻ ۾ ديھ وڪڙو ۽ اولھ ۾ ديھ غيبي ديرو ۽ ديھ باراني جاگير واقع آھن.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 4,492 ھئي جيڪا 767 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي.