رانوتي
رانوتي (قمبر)
ديھ رانوتي | |
---|---|
ديھ | |
Deh Ranwati | |
جاگرافي بيهڪ: 27°40′51″N 68°01′56″E / 27.68083°N 68.03222°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
ديھ رانوتي(انگريزي: Deh Ranwati) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا رانوتي تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ برٽش انڊيا واري دؤر جي واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھي ديھ تپو قمبر ۾ واقع ھئي ء ان وقت ھن ديھ ۾ ڳوٺ صوبدار چانڊيو، ڳوٺ ڪلھوڙن جو، ڳوٺ دريا خان چانڊيو، ڳوٺ غلام محمد چانڊيو ۽ ڳوٺ رانوتي واقع ھيا. ھاڻي ھي ديھ تپو رانوتي جو حصو آهي ۽ ھن ديھ م رانوتي ڳوٺ، ڳوٺ الھڏنو چانڊيو ۽ ڳوٺ دين پور واقع آھن ٻيا ڳوٺ غيرمعروف ٿي ويا يا ڦٽي ويا آهن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ميڻا، اوڀر ۾ ديھ ميڻا، اولھ ۾ ديھ حاصلا ۽ ميروخان تعلقي جي ديھ بٺي ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ھليا واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ان جي اتر ۽ اوڀر پاسي کان ديھ ميڻا جي دنگ تي ڪور ڏاتو گذرندڙ آھي. ميروخان قمبر روڊ پڻ ھتان گذرندڙ آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,501 ھئي جيڪا 455 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- قنبر تعلقو
- قنبر تعلقي جون ديھون
- قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون ديھون