مواد ڏانھن هلو

رانوتي

رانوتي (قمبر)

ديھ رانوتي
ديھ
Deh Ranwati
رانوتي (قمبر) is located in سنڌ
رانوتي (قمبر)
رانوتي (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
رانوتي (قمبر) is located in پاڪستان
رانوتي (قمبر)
رانوتي (قمبر)
رانوتي (قمبر) (پاڪستان)
Coordinates: 27°40′51″N 68°01′56″E / 27.68083°N 68.03222°E / 27.68083; 68.03222
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقوقمبر تعلقو
آبادي
 (2017)[1]
• ڪل3,501
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )


ديھ رانوتي(انگريزي: Deh Ranwati) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا رانوتي تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ

[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ برٽش انڊيا واري دؤر جي واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھي ديھ تپو قمبر ۾ واقع ھئي ء ان وقت ھن ديھ ۾ ڳوٺ صوبدار چانڊيو، ڳوٺ ڪلھوڙن جو، ڳوٺ دريا خان چانڊيو، ڳوٺ غلام محمد چانڊيو ۽ ڳوٺ رانوتي واقع ھيا. ھاڻي ھي ديھ تپو رانوتي جو حصو آهي ۽ ھن ديھ م رانوتي ڳوٺ، ڳوٺ الھڏنو چانڊيو ۽ ڳوٺ دين پور واقع آھن ٻيا ڳوٺ غيرمعروف ٿي ويا يا ڦٽي ويا آهن.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ميڻا، اوڀر ۾ ديھ ميڻا، اولھ ۾ ديھ حاصلا ۽ ميروخان تعلقي جي ديھ بٺي ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ھليا واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ان جي اتر ۽ اوڀر پاسي کان ديھ ميڻا جي دنگ تي ڪور ڏاتو گذرندڙ آھي. ميروخان قمبر روڊ پڻ ھتان گذرندڙ آھي.

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,501 ھئي جيڪا 455 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018