پنھوارو (قمبر)
پنھوارو (قمبر)
ديھ پنھوارو | |
---|---|
ديھ | |
Deh Panhwaro | |
جاگرافي بيهڪ: 27°34′14″N 67°48′24″E / 27.57056°N 67.80667°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
ديھ پنھوارو (انگريزي: Deh Panhwaro) سنڌ جي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا پنھوارو تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1882 کان 1934ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڦٽل ڳوٺ سومر ٻرڙو، ڦٽل ڳوٺ پنھوارو، ڦٽل ڳوٺ ورايو ٻرڙو، ڦٽل ڳوٺ سونو وڳڻ ۽ ھڪ غيرمعروف ڳوٺ سان گڏ ھڪ غيرمعروف ڦٽل ڳوٺ واقع ھيا. ھاڻي اتي ڳوٺ پنھوارو ٻيھر آباد ٿيل آھي، پراڻو غيرمعروف ڳوٺ ھاڻي ڳوٺ گولا سڏجي ٿو ۽ ڳوٺ کنڊو 1 1934 کان پوء جو آباد ڪيل ڳوٺ آھي.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ نوزمان جاگير، ديھ ڦتوھل واھ ۽ ديھ کاھي مينھون، اوڀر ۾ ديھ ڀنگر آچا، اولھ ۾ ديھ باغ جاگير ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ڪنور ۽ ديھ پوٺو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ جي وچ ۾ پنھوارو شاخ وھندڙ آھي. دوست علي کان وارھ تعلقي ويندڙ ۽ قمبر کان غيبي ديرو ويندڙ روڊ پڻ ھتان گذرندڙ آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي1,145 ڳوٺن جي ڪل آبادي 6,647 ھئي جيڪا خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- قنبر تعلقو
- قنبر تعلقي جون ديھون
- قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون ديھون