مواد ڏانھن هلو

پنھوارو (قمبر)

پنھوارو (قمبر)

ديھ پنھوارو
ديھ
Deh Panhwaro
پنھوارو (قمبر) is located in سنڌ
پنھوارو (قمبر)
پنھوارو (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
پنھوارو (قمبر) is located in پاڪستان
پنھوارو (قمبر)
پنھوارو (قمبر)
پنھوارو (قمبر) (پاڪستان)
Coordinates: 27°34′14″N 67°48′24″E / 27.57056°N 67.80667°E / 27.57056; 67.80667
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقوقمبر تعلقو
آبادي
 (2017)[1]
• ڪل6,645
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )

ديھ پنھوارو (انگريزي: Deh Panhwaro) سنڌ جي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا پنھوارو تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ

[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1882 کان 1934ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڦٽل ڳوٺ سومر ٻرڙو، ڦٽل ڳوٺ پنھوارو، ڦٽل ڳوٺ ورايو ٻرڙو، ڦٽل ڳوٺ سونو وڳڻ ۽ ھڪ غيرمعروف ڳوٺ سان گڏ ھڪ غيرمعروف ڦٽل ڳوٺ واقع ھيا. ھاڻي اتي ڳوٺ پنھوارو ٻيھر آباد ٿيل آھي، پراڻو غيرمعروف ڳوٺ ھاڻي ڳوٺ گولا سڏجي ٿو ۽ ڳوٺ کنڊو 1 1934 کان پوء جو آباد ڪيل ڳوٺ آھي.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ نوزمان جاگير، ديھ ڦتوھل واھ ۽ ديھ کاھي مينھون، اوڀر ۾ ديھ ڀنگر آچا، اولھ ۾ ديھ باغ جاگير ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ڪنور ۽ ديھ پوٺو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ جي وچ ۾ پنھوارو شاخ وھندڙ آھي. دوست علي کان وارھ تعلقي ويندڙ ۽ قمبر کان غيبي ديرو ويندڙ روڊ پڻ ھتان گذرندڙ آھي.

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي1,145 ڳوٺن جي ڪل آبادي 6,647 ھئي جيڪا خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018