چچا
چچا (قمبر) ديھ چچا | |
---|---|
ديھ | |
Deh Chacha | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°37′57″N 67°55′35″E / 27.63250°N 67.92639°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 3,582 |
ديھ چچا (انگريزي: Deh Chacha) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا دوست علي تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1881ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ھمزو چچو، ڳوٺ موريو چچو، درمحمد ھڪڙو، ڳوٺ شاھ محمد چانڊيو، ڳوٺ بگراڻين جو ۽ ڳوٺ بھادر چانڊيو واقع ھيا.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ چيلي تعلقو ميروخان، اوڀر ۾ ديھ جوڻيجا، ڏکڻ ۾ ديھ ڪلر ۽ اولھ ۾ ديھ آچا ۽ ديھ دوست علي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ھن وقت ڳوٺ موريو چچو قمبر دوست علي روڊ تي واقع آهي ۽ ان جي بلڪل اوڀر طرف 300 ميٽرن جي فاصلي تي ڳوٺ بگراڻي واقع آهي. اتر طرف ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڳوٺ درمحمد ھڪڙو ۽ ڳوٺ حمزو چچو واقع آهن. چچن جي ڳوٺن جي ڳوٺن واقع ھجڻ ڪري ھن ديھ جو نالو چچا رکيو ويو.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,582 ھئي جيڪا 499 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].