مواد ڏانھن هلو

کاھي مينھون

کَاھِي مِينھَون (قمبر)

ديھ کاھي مينھون
ديھ
Deh Khahi Menhon
کَاھِي مِينھَون (قمبر) is located in سنڌ
کَاھِي مِينھَون (قمبر)
کَاھِي مِينھَون (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
کَاھِي مِينھَون (قمبر) is located in پاڪستان
کَاھِي مِينھَون (قمبر)
کَاھِي مِينھَون (قمبر)
کَاھِي مِينھَون (قمبر) (پاڪستان)
Coordinates: 27°35′38″N 67°51′47″E / 27.59389°N 67.86306°E / 27.59389; 67.86306
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقوقمبر تعلقو
آبادي
 (2017)[1]
• ڪل6,003
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )

ديھ کَاھِي مِينھَون (انگريزي: Deh Khahi Menhon) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا پنھوارو تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ

[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ برٽش انڊيا واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ کَاھِي مِينھَون جنھن جي لڳولڳ سيدن وارو مقام، ڳوٺ نور محمد شيخ جنھن جي لڳ جيوا فقير جو مقام، ڳوٺ عبدالڪريم شيخ ۽ ان جي لڳولڳ ڳوٺ رڪو ٻرڙو واقع ھيا. ھاڻي ان ديھ ۾ مِينھَون کَاھِي، نورمحمد شيخ، قاسم شيخ، ۽ خميسوو خان بليدي ڳوٺ واقع آهن

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ محبت خان بليدي، اوڀر ۾ ديھ لکٽيا، اولھ ۾ ديھ ڦتوھل واھ ۽ ڏکڻ ۾ ديھ پنھوارو، ديھ ڀنگر آچا ۽ ديھ ڊٻ مٺو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ مان وارھ ڪينال وھندڙ آھي. قمبر غيبي ديرو روڊ ان وچان گذري ٿو باقي دوست علي روڊ ان جي اوڀر واري دنگ تي واقع آهي.

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 6,003 ھئي جيڪا 960 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018