باغ جاگير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
باغ جاگير (قمبر)
ديھ باغ جاگير
ديھ
Deh Bagh Jagir
باغ جاگير (قمبر) is located in سنڌ
باغ جاگير (قمبر)
باغ جاگير (قمبر)
باغ جاگير (قمبر) is located in Pakistan
باغ جاگير (قمبر)
باغ جاگير (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°34′33″N 67°45′25″E / 27.57583°N 67.75694°E / 27.57583; 67.75694مڪانيت: 27°34′33″N 67°45′25″E / 27.57583°N 67.75694°E / 27.57583; 67.75694
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 4,490


ديھ باغ جاگير (انگريزي: Deh Bagh Jagir) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا باغ تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي برٽش انڊيا واري دؤر جي جاري ڪيل ھن ديھ واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ بٺي لشڪري خان کان سواءِ ڳوٺ ٺوٺائي، ڳوٺ دين محمد ۽ ڳوٺ مصري ۽ ھڪ ٻيو غيرمعروف ڳوٺ واقع ھئا. ھن وقت ھن ديھ ۾ ڳوٺ بٺي لشڪر خان، ڳوٺ صاحب خان چانڊيو، ڳوٺ راضي خان چانڊيو، ڳوٺ محمد يعقوب ٻرڙو، ڳوٺ غلام محمد ٺورئاڻي، ڳوٺ اختر ٻرڙو، ڳوٺ پير گل شاھ، ڳوٺ علي محمد شابراڻي، ڳوٺ شير دل ٻڍاڻي ۽ ڳوٺ يڪتار ٻرڙو واقع آهن. شروع ۾ ھي ديھ تپو غيبي ديرو جو حصو ھئي بعد م تپو باغ قائم ٿيو ۽ ھن ديھ کي ان جو حصو بڻايو ويو.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ نوزمان جاگير، اوڀر ۾ ديھ پنھوارو، ڏکڻ ۾ تعلقو وارھ جي ديھ پوٺو ۽ اولھ ۾ ديھ غيبي ديرو جاگير 3 ۽ ديھ غيبي ديرو جاگير 4 واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. قمبر غيبي ديرو روڊ ھن ديھ جي وچان گذري ٿو. پنھوارو شاخ پڻ ھتان گذري ٿي. ڳوٺ بٺي لشڪري خان قمبر غيبي ديرو روڊ تي غيبي ديرو کان 11 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. حمل ڍنڍ پڻ ھن ديھ کان ٿوري فاصلي تي واقع آهي. ھن ڳوٺ جي لڳ سليمان شاخ پڻ وھي ٿي ۽ تقريبن ڏيڍ ڪلوميٽر پري وارھ ڪينال ۽ کيرٿر ڪينال وھن ٿا.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 4,490 ھئي جيڪا 797 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ھن وقت ھن ديھ جو سڀ کان وڏو ڳوٺ بٺي لشڪري خان آھي جنھن جي 2017 ۾ آبادي 2,278 ھئي.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]