مواد ڏانھن هلو

گھٽھڙ

گھٽھڙ (قمبر)

ديھ گھٽھڙ
ديھ
Deh Ghathar
گھٽھڙ (قمبر) is located in سنڌ
گھٽھڙ (قمبر)
گھٽھڙ (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
گھٽھڙ (قمبر) is located in پاڪستان
گھٽھڙ (قمبر)
گھٽھڙ (قمبر)
گھٽھڙ (قمبر) (پاڪستان)
جاگرافيائي بيھڪ : 27°34′00″N 68°02′19″E / 27.56667°N 68.03861°E / 27.56667; 68.03861
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقوقمبر تعلقو
آبادي
 (2017)[1]
• ڪل5,865
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )


ديھ گھٽھڙ(انگريزي: Deh Ghathar) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ٻير تپي ۾ واقع آهي جنھن ۾ ڳوٺ گھٽھڙ ۽ ٻرڙن وارو مقام تي واقع آهن. بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود ھن ديھ جي 1928ع تائين واري نقشي مطابق ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ٻير، اوڀر ۾ ديھ ڏيرا، ڏکڻ ۾ ديھ ڀولا ڪلهوڙا ۽ تعلقي وارھ جي ديھ ياروديرو ۽ اولھ ۾ ديھ ھني واقع آهن. 2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 5,865 ھئي جيڪا 961 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. قمبر وڳڻ روڊ ھن ديھ مان گذري ٿو جنھن روڊ کان لنڪ روڊ ذريعي ڏيڍ ڪلوميٽر جي فاصلي تي گھٽھڙ ڳوٺ واقع آهي. گھٽھڙ ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جنھن ۾ ھڪ عيدگاھ ء ان سان گڏ عيدگاھ واري جامع مسجد سميت سيدن ۽ پيرن واريون مسجدون، اڇي مسجد، بليدي محله مسجد، يعقوباڻي مسجد، خواجن واري مسجد ۽ عبدالرحمان وارو روضو، پڻ واقع آهن. ڳوٺ جي چوطرف مڇين جا تلاء آھن.

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018