خيرپور جوسو (قمبر)
خيرپور جوسو (قمبر)
ديھ خيرپور جوسو | |
---|---|
ديھ | |
Deh Khairpur Juso | |
جاگرافي بيهڪ: 27°31′04″N 67°02′55″E / 27.51778°N 67.04861°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
ديھ خيرپور جوسو (Deh Khairpur Juso) سنڌ جي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا آبڙي تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1892 کان 1962ع تائين واري ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ جو ان وقت نالو خيرپور جاگير ھيو ۽ اھا خيرپور تپي ۾ واقع ھئي بعد ۾ تپن جي ڦيرڦار ڪري ھن ديھ کي آبڙي تپي جو حصو بڻايو ويو. ان پراڻي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ان وقت ڳوٺ غلام محمد اسراڻ، ڳوٺ گنھور خان اسراڻ، ڳوٺ ڇٽل، ڳوٺ خيرپور ۽ ھڪ ٻيو ننڍڙو ڳوٺ واقع ھيا. ھاڻي خيرپور جاگير جو نالو خيرپور جوسو آھي جنھن جي پاسي ۾ ڳوٺ غلام محمد اسراڻ واقع آهي. ديھ جي ھاڻي ٻين معروف ڳوٺن ۾ ڳوٺ ڌامڻ مغيري، ڳوٺ طاھر خان مغيري ۽ ڳوٺ ڪمال خان کک شامل آهن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ شريفاڻي، اوڀر ۾ ديھ نٿر، اولھ ۾ ديھ پکو ۽ ديھ ڪلھوڙا ۽ ڏکڻ ۾ لاڙڪاڻو تعلقو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ مان وڳڻ لاڙڪاڻو روڊ گذرندڙ آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 4,223 ھئي جيڪا 640 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- قنبر تعلقو
- قنبر تعلقي جون ديھون
- قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون ديھون