خيرپور جوسو (قمبر)
خيرپور جوسو (قمبر) ديھ خيرپور جوسو | |
|---|---|
ديھ | |
| Deh Khairpur Juso | |
| Coordinates: 27°31′04″N 67°02′55″E / 27.51778°N 67.04861°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | قمبر تعلقو |
| آبادي (2017)[1] | |
| • ڪل | 4,223 |
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر |
| وقتي علائقو | UTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت) |
ديھ خيرپور جوسو (Deh Khairpur Juso) سنڌ جي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا آبڙي تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1892 کان 1962ع تائين واري ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ جو ان وقت نالو خيرپور جاگير ھيو ۽ اھا خيرپور تپي ۾ واقع ھئي بعد ۾ تپن جي ڦيرڦار ڪري ھن ديھ کي آبڙي تپي جو حصو بڻايو ويو. ان پراڻي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ان وقت ڳوٺ غلام محمد اسراڻ، ڳوٺ گنھور خان اسراڻ، ڳوٺ ڇٽل، ڳوٺ خيرپور ۽ ھڪ ٻيو ننڍڙو ڳوٺ واقع ھيا. ھاڻي خيرپور جاگير جو نالو خيرپور جوسو آھي جنھن جي پاسي ۾ ڳوٺ غلام محمد اسراڻ واقع آهي. ديھ جي ھاڻي ٻين معروف ڳوٺن ۾ ڳوٺ ڌامڻ مغيري، ڳوٺ طاھر خان مغيري ۽ ڳوٺ ڪمال خان کک شامل آهن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ شريفاڻي، اوڀر ۾ ديھ نٿر، اولھ ۾ ديھ پکو ۽ ديھ ڪلھوڙا ۽ ڏکڻ ۾ لاڙڪاڻو تعلقو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ مان وڳڻ لاڙڪاڻو روڊ گذرندڙ آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 4,223 ھئي جيڪا 640 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].