ڪلر (قمبر)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ديھ ڪلر (قمبر)
ديھ ڪلر
ديھ
Deh Kalar
ديھ ڪلر (قمبر) is located in سنڌ
ديھ ڪلر (قمبر)
ديھ ڪلر (قمبر)
ديھ ڪلر (قمبر) is located in Pakistan
ديھ ڪلر (قمبر)
ديھ ڪلر (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°36′38″N 67°55′42″E / 27.61056°N 67.92833°E / 27.61056; 67.92833مڪانيت: 27°36′38″N 67°55′42″E / 27.61056°N 67.92833°E / 27.61056; 67.92833
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 17,162


ديھ ڪلر (انگريزي: Deh Kalar ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ڪلر تپي ۾ واقع آهي. بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1880 جي رڪارڊ مطابق پھرين ٻن حصن: ديھ ڪلر 1 ۽ ديھ ڪلر 2 ۾ ورھايل ھئي جيڪي بعد ۾ گڏائي ھڪ ديھ م تبديل ڪيا ويا.

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1924 واري ھن ديھ جي اترئين پاسي واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ رسول بخش، ڳوٺ قائم خان، ڪورين جو ڳوٺ، ڳوٺ وليداد مغيري، ڳوٺ فضل محمد شيخ، ڳوٺ شير محمد بڙدي, ڳوٺ عبدالقادر ، ڳوٺ ڪنڊي ۽ ھڪ غيرمعروف ڳوٺ واقع ھيا. 1907 واري ھن ديھ جي ڏاکڻي حصي واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ واقع ڳوٺن ۾ ڳوٺ احمد شاھ، ڳوٺ لعل باز خان، حامد وارو مقام، لکٽيا مقام ۽ ھڪ ننڍڙو غيرمعروف ڳوٺ شامل ھيا. ھاڻي بہ اھي ٻہ معروف ڳوٺ ۽ ڳوٺ قائم خان شيخ برقرار آھن. اترئين پاسي ۾ ھاڻي ڪافي تبديلي اچي وئي آھي. ھاڻي ان پاسي ۾ ڳوٺ وليداد مغيري، ڳوٺ صوبيدار منور منگي، ڳوٺ الله بخش مغيري، ڳوٺ روضي خان ڪٽوھر، ڳوٺ بگراڻي، ڳوٺ عبدالرحيم ڪلھوڙو، ڳوٺ نودراڻي چانڊيا ۽ ڳوٺ دوست علي بلوچ واقع آهن.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ چچا، اوڀر ۾ ديھ لاکا، ديھ ڇڄڙا ۽ ديھ قمبر، اولھ ۾ ديھ آچا ۽ ديھ لکٽيا ۽ ڏکڻ ۾ چڱڙو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ديھ جو ڏاکڻو دنگ قمبر غيبي ديرو روڊ آھي. قمبر دوست علي روڊ پڻ ھن ديھ مان گذرندڙ آھي. ھن ديھ ۾ ڪلر شاخ وھي ٿي جيڪا نور واھ مان نڪري ديھ ڇڄڙا ۽ ديھ قمبر مان گذري ھن ديھ م داخل ٿئي ٿي. ھن ديھ جي منجھان قمبر غيبي ديرو روڊ گذرندڙ آھي. ديھ جي ڏکڻ ۾ ڪجهه فاصلي تي ڊگھ ڍنڍ واقع آهي.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھن جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 17,162 ھئي جيڪا 2,449 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]