لکٽيا
لکٽيا (قمبر)
ديھ لکٽيا | |
|---|---|
ديھ | |
| Deh Lakhtia | |
| جاگرافي بيهڪ: 27°34′35″N 67°54′27″E / 27.57639°N 67.90750°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | قمبر تعلقو |
ديھ لکٽيا (انگريزي: Deh Lakhtia) سنڌ جي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ڪلر تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1881 کان 1957ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھتي لاکٽين جو ڳوٺ، نئون ڳوٺ دڦر ۽ ڦٽل ڳوٺ دڦر واقع ھيا ھن ديھ ۾ ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ لاکٽيا ۽ ڳوٺ دڦر اڃان تائين قائم آھن. پراڻي ڦٽل ڳوٺ دڦر جا نشان ختم ٿيل آھن. نئون ڳوٺ ھوت خان چانڊيو پڻ قائم ٿي چڪو آهي.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ محبت خان بليدي ۽ ديھ آچا، اوڀر ۾ ديھ ڪلر 1 ۽ ديھ ڪلر 2، اولھ ۾ ديھ کاھي مينھون ۽ ديھ ڊٻ مٺو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ چنڱڙو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ديھ مان قمبر غيبي ديرو روڊ گذرندڙ آھي. ديھ ڊگھ جو ھڪ وڏو حصو پڻ ھن ديھ ۾ واقع آهي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 4,848 ھئي جيڪا 719 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].