باگوديرو (قمبر)
باگوديرو (قمبر)
ديھ بگوديرو | |
|---|---|
ديھ | |
| Deh Bago Dero | |
| جاگرافي بيهڪ: 27°34′14″N 68°00′24″E / 27.57056°N 68.00667°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | قمبر تعلقو |
ديھ باگوديرو يا ديھ بگوديرو (انگريزي: Deh Bagodero) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا باگوديرو تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1931ع جي ديھ واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ قمبر لاڙڪاڻو روڊ واري پاسي کان قمبر شھر جو ھڪ حصو شامل ھو جنھن جي پاسي م ڳوٺ سجاول ۽ ڳوٺ فاضل واقع ھيو. ھن وقت ھن ديھ جو وڏو حصو قمبر ميونسپل ڪاميٽي ۾ شامل آهي ۽ باقي حصي ۾ ڳوٺ باگوديرو، ڳوٺ محمد عثمان راھوجو، ڳوٺ علي اڪبر جج، ڳوٺ ساجن گاڏھي ۽ ڳوٺ جلباڻي مغيري معروف ڳوٺ آھن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ننگر ھڪڙو، اوڀر ۾ ديھ آبڙي، ڏکڻ ۾ ديھ فيض محمد سيال ۽ اولھ ۾ ديھ قمبر واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ھن ديھ وچان وڳڻ روڊ ۽ لاڙڪاڻو روڊ کي ملائيندڙ باء پاس روڊ گذري ٿو ۽ ھڪ روڊ قمبر کان شريفاڻي ۽ خيرپور جوسو ويندڙ پڻ ھن ديھ مان گذري ٿو
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,937 ھئي جيڪا 332 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].