مواد ڏانھن هلو

ڪور ڪمال (قمبر)

ڪور ڪمال خان (قمبر)

ديھ ڪور ڪمال خان
ديھ
Deh Koor Kamal Khan
ڪور ڪمال خان (قمبر) is located in سنڌ
ڪور ڪمال خان (قمبر)
ڪور ڪمال خان (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
ڪور ڪمال خان (قمبر) is located in پاڪستان
ڪور ڪمال خان (قمبر)
ڪور ڪمال خان (قمبر)
ڪور ڪمال خان (قمبر) (پاڪستان)
Coordinates: 27°40′30″N 67°50′54″E / 27.67500°N 67.84833°E / 27.67500; 67.84833
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقوقمبر تعلقو
آبادي
 (2017)[1]
• ڪل3,535
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )


ديھ ڪور ڪمال خان(انگريزي: Deh Koor Kamal Khan) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ڪور سليمان تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ

[سنواريو]

ھن ديھ مان ڪمال خان واري ڪور وھندڙ ھئي جنھن ڪري ان جو نالو ديھ تي رکيو ويو ھو. بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1881ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق سپرا ذات وارن ماڻھن جا ڳوٺ واقع ھيا جن م ڳوٺ بماھبو سپرو، ڳوٺ دلدار سپرو جنھن لڳ ٿرڙي وارو مقام ھيو، ڳوٺ ھمڙي سپري جو، سپرن وارو وڏو ڳوٺ ۽ ڳوٺ خدابخش سپرو واقع ھيا. ديھ جي ڏکڻ اوڀر واري آخري ڪنڊ تي ديھ دوست علي جي دنگ تي دوست علي وارو ڦٽل ڳوٺ واقع ھيو. ديھ جي اتر اوڀر واري ڪُنڊ تي پڻ ھڪ ڦٽل ڳوٺ واقع ھيو. ڳوٺ بماھبو سپرو ھاڻي تائين معروف آھي. سپرن جو وڏو ڳوٺ ھاڻي نور محمد سپرو جي نالي سان معروف آھي. ٻيا ڳوٺ غيرمعروف ٿي چڪا آهن. 1978 کان پوءِ ھتي ڪجهه نوان ڳوٺ معروف ٿيا آهن جن ۾ ڳوٺ محمد خان کوسو ۽ ڳوٺ پنجو خان چانڊيو شامل آهن.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ تعلقي ميروخان جي ديھ ڪلھوڙا، اوڀر ۾ ديھ دوست علي، اولھ ۾ ديھ ڪور حسن ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ڪور سليمان واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ديھ جي اولھندي پاسي کان گوپانگ شاخ وھندڙ آھي. ڏاکڻي پاسي کان وارھ برانچ مان نڪرندڙ ھڪ وڏي شاخ وھندڙ آھي.

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,535 ھئي جيڪا 726 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018