ڀولا ڪلھوڙا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڀولا ڪلهوڙا (قمبر)
ديھ ڀولا ڪلهوڙا
ديھ
Deh Bhola Kalhora
ڀولا ڪلهوڙا (قمبر) is located in سنڌ
ڀولا ڪلهوڙا (قمبر)
ڀولا ڪلهوڙا (قمبر)
ڀولا ڪلهوڙا (قمبر) is located in Pakistan
ڀولا ڪلهوڙا (قمبر)
ڀولا ڪلهوڙا (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°30′18″N 67°59′03″E / 27.50500°N 67.98417°E / 27.50500; 67.98417مڪانيت: 27°30′18″N 67°59′03″E / 27.50500°N 67.98417°E / 27.50500; 67.98417
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 6,576


ديھ ڀولا ڪلهوڙا(انگريزي: Deh Bhola Kalhora) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا خيرپور جوسو تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1889ع جي ديھ واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ چونڊيا ڪلھوڙا، مياڻي ڳوٺ جنھن جي لڳ پٺيان ڳوٺ ڀولا ڪلهوڙا، پوڪن جو ڳوٺ جنھن لڳ انجنيئري بنگلو واقع ھيو. ان کان سواءِ نئون ڳوٺ، ڳوٺ مريد خان مغيري ۽ ڳوٺ ميانداد واقع ھئا. پراڻي مياڻي ڳوٺ جو ھاڻي نالو شفاہ علي ڳوٺ آھي. نئون ڳوٺ پڻ قائم آھي جنھن کي ھاڻي فقيرو ڳوٺ پڻ سڏين ٿا. ڳوٺ چونڊيا ڪلھوڙا ھاڻي ڳوٺ ھاشم ڪلھوڙو سڏبو آهي. پوڪن جو ڳوٺ ھاڻي الڳ ديھ ۾ آھي ۽ ھاڻي ان ڳوٺ جو نالو ڳوٺ پکو آھي.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڏيرا، اوڀر ۾ ديھ شريفاڻي ، ڏکڻ ۾ ديھ گھوگھارو ۽ اولھ ۾ ديھ وڳڻ واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ھن وقت ھن ديھ ۾ سڀ کان وڏو ڳوٺ ڀولا ڪلهوڙا آهي جيڪو نيشنل ھاء وي (اين 55) لاڙڪاڻو وڳڻ روڊ تي واقع آهي.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 6,576 ھئي جيڪا 1,125 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]