پنا
ڏيک
| پُنا (قمبر) ديھ پُنا | |
|---|---|
| ديھ | |
| Deh Punna | |
| سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
| متناسقات: 27°32′36″N 67°51′22″E / 27.54333°N 67.85611°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | قمبر تعلقو |
| آبادي (2017)[1] | |
| • ڪل | 2,001 |
ديھ پُنا(انگريزي: Deh Punna) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا بوھڙ تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1935 کان 1957ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ دڙو خوشحال جنھن لڳ تنين جو مقام، شابراڻين جو ڳوٺ جنھن جي اولھ م ڪافي فاصلي تي شابراڻين جو مقام واقع ھيا. ھاڻي شابراڻين وارو ڳوٺ حبيب ڳوٺ جي نالي سان معروف آھي. دڙو خوشحال ھاڻي ھڪ ننڍڙو غيرمعروف ڳوٺ آھي.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڀنگر آچا ۽ ديھ ڊٻ مٺو، اوڀر ۾ ديھ بوھڙ، اولھ ۾ ديھ ڪنور ۽ ڏکڻ ۾ تعلقو وارھ واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. وارھ برانچ، جکرو مائينر، پنا شاخ ۽ ڪنور شاخ پڻ ھن ديھ مان گذرندڙ آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 2,001 ھئي جيڪا 236 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].