وڌا (قمبر)
ڏيک
وڌا (قمبر) ديھ وڌا | |
---|---|
ديھ | |
Deh Wadha | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°38′27″N 67°59′54″E / 27.64083°N 67.99833°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 4,106 |
ديھ وڌا(انگريزي: Deh Wadha) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا لاکا تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1879 کان 1941ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ سيدن جو ڳوٺ، پليو مگسي جا گھر، سومر خان چانڊيو جا گھر، علي ترڪ جا گھر واقع ھيا. ھاڻي بہ اھو سيدن وارو ڳوٺ واقع آهي.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ حاصلا ء ميروخان تعلقي جي ديھ ڪڙيو ڄام، اوڀر ۾ ديھ عيسو، اولھ ۾ ديھ ڪمال خان ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ڇڄڙا واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ديھ جي ڏاکڻ دنگ تي نور واھ وھندڙ آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 4,106 ھئي جيڪا 606 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].