ڇڄڙا (قمبر)
ڇڄڙا (قمبر)
ديھ ڇڄڙا | |
|---|---|
ديھ | |
| Deh Chhajjra | |
| جاگرافي بيهڪ: 27°36′58″N 68°00′23″E / 27.61611°N 68.00639°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | قمبر تعلقو |
ديھ ڇڄڙا(انگريزي: Deh Chhajjra) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا لاکا تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي برٽش انڊيا واري دؤر جي ديھ واري نقشي مطابق ھن ديھ جي ڏکڻ اوڀر واري حصي ۾ قمبر شھر واقع ھيو. ديھ جي اتر اوڀر ۾ ڳوٺ ڇڄڙا واقع ھيو. ان کان سواء مختلف مقام: بھرام وارو مقام، قمبر شھر جو لئي وارو مقام، سنارن جو مقام پڻ واقع ھيا. ڦٽل نور واھ ۽ ڪلري ڊسٽري پڻ ھن ديھ مان گذرندڙ ھيا. ھاڻي بہ ھن ديھ ۾ ساڳيو ڳوٺ ڇڄڙا ۽ قمبر شھر واقع آھن. ڳوٺ ڇڄڙا ۾ ڇڄڙا، ڀٽا ۽ ميمڻ ذات جا ماڻھو رھندڙ آھن. قمبر شھر جو لاڙڪاڻو باء پاس وارو رھائشي حصو ھن ديھ ۾ واقع آهي.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ وڌا ۽ ديھ ڪمال خان، اوڀر ۾ ديھ ننگر ھڪڙو، ڏکڻ ۾ ديھ قمبر ۽ اولھ ۾ ديھ لاکا واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ھن ديھ مان شھدادڪوٽ لاڙڪاڻو روڊ ۽ ريلوي لائين گذرندڙ آھن. نور واھ پڻ ھن ديھ مان گذري ٿو.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 6,416 ھئي جيڪا 1,181 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].