مواد ڏانھن هلو

شريفاڻي

شريفاڻي (قمبر)

ديھ شريفاڻي
ديھ
Deh Sharifani
شريفاڻي (قمبر) is located in سنڌ
شريفاڻي (قمبر)
شريفاڻي (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
شريفاڻي (قمبر) is located in پاڪستان
شريفاڻي (قمبر)
شريفاڻي (قمبر)
شريفاڻي (قمبر) (پاڪستان)
Coordinates: 27°32′02″N 68°01′10″E / 27.53389°N 68.01944°E / 27.53389; 68.01944
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقوقمبر تعلقو
آبادي
 (2017)[1]
• ڪل3,105
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )


ديھ شريفاڻي(انگريزي: Deh Sharifani) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا آبڙي تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ

[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1889 کان 1962ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ وڪا، ڳوٺ بھارو، بچو مغيري جا گھر ۽ ڳوٺ شريفاڻي واقع ھيا. واقع ھيا. ھاڻي بچو مغيري ھڪ ڳوٺ بڻجي ويو آهي. شريفاڻي ۽ بھارو پڻ اڃان تائين معروف ڳوٺ آھن. وڪن وارو ڳوٺ ھاڻي ونير وڪو سڏجي ٿو.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ آبڙي، اوڀر ۾ ديھ نٿر، اولھ ۾ ديھ ڀولا ڪلهوڙا، ديھ ڏيرا ۽ ديھ فيض محمد سيال ۽ ڏکڻ ۾ ديھ خيرپور جوسو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ديھ جي اولھ واري دنگ تي نورنگ واھ وھندڙ آھي.

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,105 ھئي جيڪا 440 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018