شريفاڻي
ڏيک
شريفاڻي (قمبر)
ديھ شريفاڻي | |
|---|---|
ديھ | |
| Deh Sharifani | |
| جاگرافي بيهڪ: 27°32′02″N 68°01′10″E / 27.53389°N 68.01944°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | قمبر تعلقو |
ديھ شريفاڻي(انگريزي: Deh Sharifani) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا آبڙي تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1889 کان 1962ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ وڪا، ڳوٺ بھارو، بچو مغيري جا گھر ۽ ڳوٺ شريفاڻي واقع ھيا. واقع ھيا. ھاڻي بچو مغيري ھڪ ڳوٺ بڻجي ويو آهي. شريفاڻي ۽ بھارو پڻ اڃان تائين معروف ڳوٺ آھن. وڪن وارو ڳوٺ ھاڻي ونير وڪو سڏجي ٿو.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ آبڙي، اوڀر ۾ ديھ نٿر، اولھ ۾ ديھ ڀولا ڪلهوڙا، ديھ ڏيرا ۽ ديھ فيض محمد سيال ۽ ڏکڻ ۾ ديھ خيرپور جوسو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ديھ جي اولھ واري دنگ تي نورنگ واھ وھندڙ آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,105 ھئي جيڪا 440 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].