ايلچي (قمبر)
ايلچي (قمبر)
ديھ ايلچي | |
---|---|
ديھ | |
Deh Elchi | |
جاگرافي بيهڪ: 27°34′47″N 68°05′36″E / 27.57972°N 68.09333°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
ديھ ايلچي(انگريزي: Deh Elchi) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا دوآبو تپي ۾ واقع آهي جنھن ۾ ڳوٺ واقع آهن.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود ھن ديھ جي 1889ع جي ان ديھ جي نقشي مطابق اتي ڳوٺ ڏتل ابڙيجو، ڳوٺ جاگيراڻي، ڳوٺ ڪلھوڙن جو، ڳوٺ الھڏنو خان، ڳوٺ سيدن جو، ڳوٺ سھاگجي، ڳوٺ باکيراڻي ۽ ڳوٺ جاگيراڻي واقع ھيا. جن مان مٿين نالن وارا اڄ بہ قائم آھن. اوڀر طرف ھاڻي ديھ ٻيڙو چانڊيو ناھي پر ھاڻي ديھ ميھون واقع آهي. جاگيراڻي ڳوٺ ھاڻي ڳوٺ عطر خان جاگيراڻي سڏجي ٿو.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ کٻريڙو، اوڀر ۾ ديھ ميھون، ڏکڻ ۾ ديھ کٿوريويدو ۽ ديھ پوٺو ابراهيم ۽ اولھ ۾ ديھ دوآبو واقع ھيون. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ھن ديھ مان نورنگ واھ، گھاڙ واھ ۽ لاڙڪاڻو قمبر ريلوي لائين ۽ لاڙڪاڻو قمبر روڊ پڻ گذرن ٿا
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 4,517 ھئي جيڪا 740 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ديھ
حوالا
[سنواريو]- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- قنبر تعلقو
- قنبر تعلقي جون ديھون
- قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون ديھون