مھيون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مھيون (قمبر)
ديھ مھيون
ديھ
Deh Mahyoon
مھيون (قمبر) is located in سنڌ
مھيون (قمبر)
مھيون (قمبر)
مھيون (قمبر) is located in Pakistan
مھيون (قمبر)
مھيون (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°37′37″N 68°06′59″E / 27.62694°N 68.11639°E / 27.62694; 68.11639مڪانيت: 27°37′37″N 68°06′59″E / 27.62694°N 68.11639°E / 27.62694; 68.11639
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 5,481


ديھ مھيون (انگريزي: Deh Mahyoon ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا مھيون تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1879 کان 1962ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ جمال شاھ، ڳوٺ ڦلن، ڳوٺ چاوڙي، مڪولن جو ڳوٺ، ڳوٺ ڦل، ڳوٺ بدواڻي، ڳوٺ پريل کتاڻي ۽ ڳوٺ خيرمحمد کتاڻي ڳوٺ جکراڻي جنھن جي لڳ مقام ڪلھوڙن جو، ڪولاچن جو ڳوٺ، سيدن جو ڳوٺ ۽ بھاول ڪلھوڙو واقع ھيا. ھاڻي اتي ڳوٺ مڪول سان لڳولڳ ڳوٺ چاوڙي ھاڻي مھي سڏجي ٿو. اھي ٻئي جاڙا ڳوٺ اڪثر مھي مڪول سڏجن ٿا جتي مھي مڪول ٿاڻو پڻ آهي. ڪولاچن جو ڳوٺ ھاڻي وڏا ڪولاچي ۽ سيدن جو ڳوٺ ھاڻي بتول شاھ سڏجي ٿو. ڳوٺ ڦل جو ھاڻي نالو سوايو ڦل آھي. بھاول ڪلھوڙو پڻ قائم آھي. جکراڻي ڳوٺ جي جاء تي ھاڻي ڳوٺ روشن خان ڪلھوڙو قائم ٿيل آهي. ڪور ڏاتو وارن ڳوٺ بدواڻي، ڳوٺ پريل ۽ ڳوٺ خيرمحمد وارن ھنڌن تي ھاڻي ڳوٺ ماڻڪ کھاوڙ، ڳوٺ لياقت کھاوڙ ۽ ڳوٺ خيرمحمد کھاوڙ قائم آھن.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جو نقشو ٽڪنڊو آهي. ان جي اتر ۾ ديھ لشڪري چانڊيو ۽ ديھ پيروز ڀٽي، اوڀر ۾ لاڙڪاڻو تعلقو، اولھ ۽ ڏکڻ ۾ ديھ کٻريڙو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ مان گھاڙ واھ مان نڪتل ڪور ڏاتو وھندڙ آھي، ڪور شاھ ۽ شاھ ھمير شاخ وھندڙ آھي. رتوديرو قمبر روڊ پڻ ھتان گذرندڙ آھي.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 5,481 ھئي جيڪا 508 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]