محبت بليدي
محبت خان بليدي (قمبر)
ديھ محبت بليدي | |
---|---|
ديھ | |
Deh Muahbat Khan Buledi | |
جاگرافي بيهڪ: 27°37′32″N 67°52′49″E / 27.62556°N 67.88028°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
ديھ محبت خان بليدي (Deh Muabat Khan Buledi) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ڦتوھل واھ تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1935 کان 1940ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ م ڳوٺ ڳھڻو بليدي، ڳوٺ ڀونڊا بليدي ۽ ڳوٺ الھ بخش شيخ واقع ھيا. ھاڻي ھن ديھ م ڳوٺ ڀونڊا بليدي، محمد بخش طوطاڻي، محمد صديق مري، ڳوٺ شير محمد بليدي ء ڳوٺ الھ بخش شيخ واقع آھن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ دوست علي، اوڀر ۾ ديھ آچا، اولھ ۾ ديھ ڪڙيو مراد علي ۽ ديھ ڦتوھل واھ ۽ ڏکڻ ۾ ديھ کاھي مينھون ۽ ديھ لکٽيا واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ڦتوھل واھ ھاڻي ھڪ ڦٽل واھ آھي جيڪو سکر بئراج واري نئين آبپاشي نظام ۾ ختم ٿي ويو ھاڻي ھن ديھ مان وارھ ڪينال وھي ٿو جنھن سان گڏوگڏ دوست علي مائينر ۽ پنھوارو شاخ پڻ ھن ديھ مان وھندڙ آھن.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 4,569 ھئي جيڪا 558 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- قنبر تعلقو
- سنڌ جا ڳوٺ
- قنبر تعلقي جون ديھون
- قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون ديھون