حاصلا (قمبر)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
حاصلا (قمبر)
ديھ حاصلا
ديھ
Deh Hasula
حاصلا (قمبر) is located in سنڌ
حاصلا (قمبر)
حاصلا (قمبر)
حاصلا (قمبر) is located in Pakistan
حاصلا (قمبر)
حاصلا (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°39′41″N 68°00′54″E / 27.66139°N 68.01500°E / 27.66139; 68.01500مڪانيت: 27°39′41″N 68°00′54″E / 27.66139°N 68.01500°E / 27.66139; 68.01500
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 6,317


ديھ حاصلا(انگريزي: Deh Hasula) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا رانوتي تپي ۾ واقع آهي جنھن ۾ ڳوٺ حاصلا واقع آهي جنھن جو نالو ھن ديھ کي ڏنو ويو. بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود ھن ديھ جي 1962ع تائين واري نقشي مطابق ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ رانوتي ۽ ديھ بٺي، اوڀر ۾ ديھ ھليا، ڏکڻ ۾ ديھ عيسو ۽ اولھ ۾ ديھ ڪڙيو ميروخان ۽ ديھ وڌا واقع ھئا. ھاڻي ان جي اولھ ۾ رڳو ديھ وڌا آھي باقي حدون اڃان ساڳيون آهن. ان نقشي مطابق ھن ديھ م ڳوٺ حاصلا، ڳوٺ سلطان حاصلو، ڳوٺ دودو خان گوپانگ، لائق آباد، ڳوٺ شھداد چانڊيو، شوق آباد واقع ھيا جيڪي اڃان تائين قائم آھن. 1962 ۾ ديھ جي اوڀرندي دنگ تي قائم جا گھر واقع ھيا جتي ھاڻي ھڪ وڏو ڳوٺ ٻڌجي چڪو آهي. 2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 6,317 ھئي جيڪا 1,036 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ڳوٺ حاصلا پڻ ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جنھن کان 300 ميٽرن جي فاصلي تي ڳوٺ سلطان حاصلا, 200 ميٽرن تي ڳوٺ دودو گوپانگ ۽ 100 ميٽرن جي فاصلي تي ڳوٺ چاڪر مگسي واقع آهي. ڳوٺ چاڪر مگسي 1962 کان اڳ ڪانہ ھيو ء بعد ۾ قائم ٿيل آھي. ڳوٺ لائق آباد، شھداد چانڊيو ۽ شوق آباد ھاڻي غيرمعروف آھن ۽ نوان ڳوٺ جمعو خان چانڊيو ۽ ڳوٺ جمعه خان بروھي قائم ٿي چڪا آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]