مواد ڏانھن هلو

پکو (قمبر)

پکو (قمبر)

ديھ پکو
ديھ
Deh Pakho
پکو (قمبر) is located in سنڌ
پکو (قمبر)
پکو (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
پکو (قمبر) is located in پاڪستان
پکو (قمبر)
پکو (قمبر)
پکو (قمبر) (پاڪستان)
Coordinates: 27°40′46″N 67°47′21″E / 27.67944°N 67.78917°E / 27.67944; 67.78917
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقوقمبر تعلقو
آبادي
 (2017)[1]
• ڪل9,014
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )

ديھ پکو (Deh Pakho) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا خيرپور جوسو تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ

[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1909 کان 1962ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳڙهي سرائي غلام علي خان اسراڻ، ڳوٺ سڀاڳو رند، ڳوٺ موسرذن رند، ڳوٺ سجاول رند، ڳوٺ ديدڙ، ڳوٺ علي محمد ورک، ڳوٺ پناھ کچي ۽ ڳوٺ پکو واقع ھئا. 1909 ۾ اھا ديھ تپو ميل ۾ واقع ھئي. بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1889ع جي ڀولا ڪلهوڙا ديھ جي نقشي ۾ ھن ڳوٺ جو نالو پوڪن جو ڳوٺ ڏيکاريل ھيو ۽ ايئن لڳي ٿو تہ ويھين صديءَ جي شروعات ۾ ان جو نالو پوڪن مان پکو ٿي ويو ھوندو. پاڪستان ٺھڻ کان پوء جڏھن تپو خيرپور جوسو قائم ڪيو ويو تہ ھن ديھ کي ان نئين تپي ۾ شامل ڪيو ويو. ھاڻي ان ديھ ۾ واقع ڳوٺن جا نالا ڳوٺ ڦاڪيو، ڳوٺ سڀاڳيو خان مغيري، ڳوٺ پکو، ڳوٺ سرائي غلام علي اسراڻ، ڳوٺ يار محمد مغيري، ڳوٺ ديدڙ، ڳوٺ گھوگھاري، ۽ نئون ڳوٺ آھن. ڳوٺ پناھ کچي ھاڻي گھوگھاري ڳوٺ سڏجي ٿو. ديدڙ ۽ پناھ کچي وچ ۾ واقع ڳوٺ علي محمد ورک ھاڻي بہ قائم آھي پر اھو غيرمعروف ٿي چڪو آهي. رندن جا ڳوٺ ھاڻي ڦٽي چڪا آهن ۽ مغيرين جا ڳوٺ ۽ ڳوٺ ڦاڪيو ويھين صديءَ ۾ قائم ٿيا.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ خيرپور جوسو، اوڀر ۾ تعلقو لاڙڪاڻو، اولھ ۾ ديھ ڀولا ڪلهوڙا، ديھ گھوگھارو ۽ نصيرآباد تعلقي جي ديھ چؤديرو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ نصيرآباد تعلقي جي ديھ ڏيرا واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ڳوٺ ديدڙ کان ھڪ ڪلوميٽر ۽ ڳوٺ گھوگھاري کان اڌ ڪلوميٽر جي فاصلي تي لنگھ ڍنڍ واقع آهي.

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 9,014 ھئي جيڪا 1,487 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018