جوڻيجا (قمبر)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جوڻيجا (قمبر)
ديھ جوڻيجا
ديھ
Deh Juneja
جوڻيجا (قمبر) is located in سنڌ
جوڻيجا (قمبر)
جوڻيجا (قمبر)
جوڻيجا (قمبر) is located in Pakistan
جوڻيجا (قمبر)
جوڻيجا (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°40′46″N 67°47′21″E / 27.67944°N 67.78917°E / 27.67944; 67.78917مڪانيت: 27°40′46″N 67°47′21″E / 27.67944°N 67.78917°E / 27.67944; 67.78917
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 5,937


ديھ جوڻيجا(انگريزي: Deh Juneja) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا دوست علي تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1879 کان 1935ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھتي ڳوٺ مراد خان مغيري، نونارين جو ڳوٺ، ڳوٺ سڀايو چانڊيو، ڳوٺ باگو چانڊيو، ڳوٺ آباد ۽ ڳوٺ جوڻيجا جنھن جي ڀرسان جوڻيجن ۽ ڇڄڙن جا مقام ۽ طاھر وارو مقام واقع ھيا. ديھ جي ڏکڻ واري دنگ تي دوست علي وارو رستو گذرندڙ ھيو. ھاڻي بہ ھن ديھ ۾ ڳوٺ آباد واقع آهي ۽ جوڻيجن جو ڳوٺ الھرکيو جوڻيجو جي نالي سان معروف آھي. ٻيا پراڻا ڳوٺ غيرمعروف ٿي ويا آهن.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ميروخان تعلقي جي ديھ کڏي، اوڀر ۾ ديھ لاکا، اولھ ۾ ديھ چچا ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ڪلر واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ديھ جي اترئين پاسي مان نور واھ ۽ وچ مان ڳوٺ آباد جي لڳ فتوھل شاخ ۽ ڏکڻ واري دنگ کان قمبر دوست علي روڊ گذرندڙ آھن. الھرکيو جوڻيجو ديھ ۾ سڀ کان وڏو ڳوٺ آهي جيڪو نور واھ جي کاٻي ڪپ تي واقع آهي ۽ نور واھ جي ڪڙ تي ٺھيل روڊ ذريعي چار ڪلوميٽرن جي فاصلي تي قمبر شھدادڪوٽ روڊ سان ڳنڍيل آهي. ڳوٺ جي پکيڙ لڳ ڀڳ اڌ چورس ڪلوميٽر تي پکڙيل آهي.ان جي چوڌاري مڇي جا وڏا تلاء واقع آهن.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 5,937 ھئي جيڪا 1003 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ڳوٺ الھرکيو جوڻيجو جي آبادي 3,260 آھي جيڪا 534 خاندانن تي مشتمل آهي.

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]