مواد ڏانھن هلو

ھليا (قمبر)

ھليا (قمبر)

ديھ ھليا
ديھ
Deh Hulia
ھليا (قمبر) is located in سنڌ
ھليا (قمبر)
ھليا (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
ھليا (قمبر) is located in پاڪستان
ھليا (قمبر)
ھليا (قمبر)
ھليا (قمبر) (پاڪستان)
Coordinates: 27°39′11″N 68°01′50″E / 27.65306°N 68.03056°E / 27.65306; 68.03056
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقوقمبر تعلقو
آبادي
 (2017)[1]
• ڪل4,454
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )


ديھ ھليا(انگريزي: Deh Hulia) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا رانوتي تپي ۾ واقع آهي جنھن ۾ ڳوٺ واقع آهن. بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود ھن ديھ جي 1912ع تائين واري نقشي مطابق ھي ديھ تپو ميڻا م واقع ھئي جيڪو بعد م ختم ڪري تپو رانوتي قائم ڪيو ويو ء ھن ديھ کي ان نئين تپي ۾ شامل ڪيو ويو. ان پراڻي نقشي مطابق ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ رانوتي، اوڀر ۾ ديھ ميڻا، ڏکڻ ۾ ديھ ڀرمي ھيٺين ء ديھ جيڻ ابڙو ۽ اولھ ۾ ديھ حاصلا واقع ھئا. ان پراڻي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ھليا، ڳوٺ غلام شاھ، ڳوٺ ميرڻ ھليو، ڳوٺ سانگاھ ۽ ڳوٺ ڌڻو چانڊيو واقع ھيا. 2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 4,454 ھئي جيڪا 716 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ڳوٺ ھليا سجاول جوڻيجو قمبر روڊ کان 800 ميٽرن تي لنڪ روڊ سان ڳنڍيل آهي. 1912 ۾ پراڻو قمبر وارو روڊ ھن ڳوٺ جي وچ مان گذرندڙ ھيو. ڳوٺ غلام شاھ ۽ ڳوٺ سانگاھ ھاڻي ڪانہ آھن، ڌنو چانڊيو ھاڻي نئين قمبر سجاول روڊ تي واقع آهي. ڳوٺ ميرڻ ھليو جو ھاڻي نالو ڳوٺ وڏيرو فدا حسين ھليو آھي

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018