ھليا (قمبر)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھليا (قمبر)
ديھ ھليا
ديھ
Deh Hulia
ھليا (قمبر) is located in سنڌ
ھليا (قمبر)
ھليا (قمبر)
ھليا (قمبر) is located in Pakistan
ھليا (قمبر)
ھليا (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°39′11″N 68°01′50″E / 27.65306°N 68.03056°E / 27.65306; 68.03056مڪانيت: 27°39′11″N 68°01′50″E / 27.65306°N 68.03056°E / 27.65306; 68.03056
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 4,454


ديھ ھليا(انگريزي: Deh Hulia) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا رانوتي تپي ۾ واقع آهي جنھن ۾ ڳوٺ واقع آهن. بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود ھن ديھ جي 1912ع تائين واري نقشي مطابق ھي ديھ تپو ميڻا م واقع ھئي جيڪو بعد م ختم ڪري تپو رانوتي قائم ڪيو ويو ء ھن ديھ کي ان نئين تپي ۾ شامل ڪيو ويو. ان پراڻي نقشي مطابق ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ رانوتي، اوڀر ۾ ديھ ميڻا، ڏکڻ ۾ ديھ ڀرمي ھيٺين ء ديھ جيڻ ابڙو ۽ اولھ ۾ ديھ حاصلا واقع ھئا. ان پراڻي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ھليا، ڳوٺ غلام شاھ، ڳوٺ ميرڻ ھليو، ڳوٺ سانگاھ ۽ ڳوٺ ڌڻو چانڊيو واقع ھيا. 2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 4,454 ھئي جيڪا 716 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ڳوٺ ھليا سجاول جوڻيجو قمبر روڊ کان 800 ميٽرن تي لنڪ روڊ سان ڳنڍيل آهي. 1912 ۾ پراڻو قمبر وارو روڊ ھن ڳوٺ جي وچ مان گذرندڙ ھيو. ڳوٺ غلام شاھ ۽ ڳوٺ سانگاھ ھاڻي ڪانہ آھن، ڌنو چانڊيو ھاڻي نئين قمبر سجاول روڊ تي واقع آهي. ڳوٺ ميرڻ ھليو جو ھاڻي نالو ڳوٺ وڏيرو فدا حسين ھليو آھي

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]