رتوڪوٽ (قمبر)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
رتوڪوٽ (قمبر)
ديھ رتوڪوٽ جاگير
ديھ
Deh Ratokot
رتوڪوٽ (قمبر) is located in سنڌ
رتوڪوٽ (قمبر)
رتوڪوٽ (قمبر)
رتوڪوٽ (قمبر) is located in Pakistan
رتوڪوٽ (قمبر)
رتوڪوٽ (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°33′28″N 68°03′39″E / 27.55778°N 68.06083°E / 27.55778; 68.06083مڪانيت: 27°33′28″N 68°03′39″E / 27.55778°N 68.06083°E / 27.55778; 68.06083
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 1,986


ديھ رتوڪوٽ(انگريزي: Deh Ratokot) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا آبڙي تپي ۾ واقع آهي.

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1892 کان 1931ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھي ديھ خيرپور تپي (خيرپور جاگير جيڪا ھاڻي خيرپور جوسو سڏجي ٿي) ۾ واقع ھئي بعد ۾ پاڪستان ٺھڻ بعد آبڙي تپي جي قيام سان ھن ديھ کي ان نئين تپي جو حصو بڻايو ويو. پراڻي نقشي مطابق ان وقت ان ديھ ۾ ڳوٺ وکار نواب فتح محمد خان، ڳوٺ نائچ، ڳوٺ شيرو چاوڙو، ڳوٺ بھادر شيخ، ڳوٺ علي بخش ميتلو، ڳوٺ محمد ميتلو ۽ ڳوٺ وريو واقع ھيا. ھاڻي ان ديھ ۾ ڳوٺ وکار ساڳيو قائم آھي. ڳوٺ شيرو چاوڙو ھاڻي ڳوٺ گل چاوڙو يا ھاشم چاوڙو سڏجي ٿو. ڳوٺ بھادر شيخ جو ھاڻي نالو ڳوٺ راوت شيخ آھي. ڳوٺ علي بخش ميتلو ھاڻي ڳوٺ غلام حسين ميتلو سڏجي ٿو. ڳوٺ خير محمد ميتلو ھن ديھ ۾ معروف آھي جيڪو 1931 تائين واقع نہ ھيو پر بعد م قائم ٿيو. ھن ديھ جو نالو ڪوٽ رتو جي واقع ھجڻ ڪري پيو جيڪو ھن وقت ھن ديھ جي لڳ اوڀر ۾ لاڙڪاڻي تعلقي ۾ واقع آهي

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ پوٺو ابراهيم، اوڀر ۾ تعلقو لاڙڪاڻو، اولھ ۾ ديھ آبڙي ۽ ڏکڻ ۾ ديھ نٿر واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,986 ھئي جيڪا 334 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]