آبڙي (قمبر)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آبڙي (قمبر)
ديھ آبڙي
ديھ
Deh Abrri
قمبر ضلعي جي ديھن واري نقشي ۾ ديھ آبڙي ڳاڙهي رنگ سان نمايان ڏيکاريل
قمبر ضلعي جي ديھن واري نقشي ۾ ديھ آبڙي ڳاڙهي رنگ سان نمايان ڏيکاريل
آبڙي (قمبر) is located in سنڌ
آبڙي (قمبر)
آبڙي (قمبر)
آبڙي (قمبر) is located in Pakistan
آبڙي (قمبر)
آبڙي (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°34′05″N 68°02′30″E / 27.56806°N 68.04167°E / 27.56806; 68.04167مڪانيت: 27°34′05″N 68°02′30″E / 27.56806°N 68.04167°E / 27.56806; 68.04167
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 7,734


ديھ آبڙي(انگريزي: Deh Abri) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا آبڙي تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي ديھن واري برٽش انڊيا واري دؤر جي نقشي مطابق ھن ديھ ڳوٺ آبڙي، ڳوٺ عليشير ميتلو، ڳوٺ راول جي مياڻي، ٻروچن جو ڳوٺ ۽ ڳوٺ الھ بخش پنھور، شيخن جو ڳوٺ، ڳوٺ جانوري ۽ ھڪ ڦٽل ڳوٺ واقع ھيا. ھاڻي ان ديھ ۾ ڳوٺ آبڙي، ڳوٺ جنگل مغيري، ڳوٺ فيض محمد مغيري، ڳوٺ سومار مغيري، ڳوٺ ياسين مغيري، ڳوٺ ابراهيم عذابي، ڳوٺ سومار خان چانڊيو، راول مياڻي، آرائين مسو، سنھو خان مغيري، ڳوٺ غلام عباس مغيري، ڳوٺ غلام خان مغيري، عبدالله پنھور واقع آهن. شروع ۾ ھي ديھ تپو باگودڙو ۾ واقع ھئي بعد م آبڙي تپي جي قيام بعد ان نئين تپي جو حصو ٿي وئي

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ اھير، اوڀر ۾ ديھ پوٺو ابراهيم ۽ ديھ رتوڪوٽ، ڏکڻ ۾ ديھ نٿر ۽ شريفاڻي اولھ ۾ ديھ فيض محمد سيال ۽ ديھ باگوديرو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. آبڙي ڳوٺ جي لڳ درگاھ امام علي شاھ بخاري واقع آهي. ان لڳ نورنگ واھ وھي ٿو.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 7,734 ھئي جيڪا 1,400 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. آبڙي ڳوٺ جي آبادي ھڪ ھزار کان وڌيڪَ آھي.

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]