اھير (قمبر)
| اھير (قمبر) ديھ اھير | |
|---|---|
| ديھ | |
| Deh Aheer | |
قمبر ضلعي جي ديھن واري نقشي ۾ ديھ اھير ڳاڙهي رنگ سان نمايان ڏيکاريل | |
| سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
| متناسقات: 27°35′34″N 68°03′06″E / 27.59278°N 68.05167°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | قمبر تعلقو |
| آبادي (2017)[1] | |
| • ڪل | 5,794 |
ديھ اھير(انگريزي: Deh Aheer) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو جيئڻ ابڙو ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]شروع م اھا ديھ تپو ھڪڙا ۾ ھئي پوء ان کي نئين تپي جيئڻ ابڙو ۾ شامل ڪيو ويو. اھير سنڌين جي ھڪ ذات جو نالو آهي. ديھ ۾ ان ذات وارن جي ڳوٺ الھ بخش اھير جي واقع ھجڻ ڪري اھو نالو پيو. بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1881 جي ديھ واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ اھير، خيرمحمد لورڙو ان جي بلڪل لڳ ڳوٺ ڳڙهي ملان ڇٽو ، کونھارن جو ڳوٺ, ميتلن جو ڳوٺ، ڳوٺ ليمون سانگي، ۽ ٻہ ننڍڙا غيرمعروف ڳوٺ واقع ھئا. ھاڻي ھن ديھ ۾ واقع معروف ڳوٺن ۾ ڳوٺ الھ بخش اھير، ڳوٺ عبدالمجيد ڀٽو، ڳوٺ پير محمد ميتلو ۽ ڳوٺ گل محمد مغيري شامل آهن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ جيئڻ ابڙو، اوڀر ۾ ديھ دوآبو، ڏکڻ ۾ ديھ آبڙي ۽ اولھ ۾ ديھ ننگر ھڪڙو ۽ ديھ باگو ديرو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ديھ جي اترئين ڀاڱي مان رتوديرو قمبر روڊ گذرندڙ آھي. ھن وقت ديھ جا وڏا ڳوٺ اھير ۽ خيرمحمد لورڙو آھن.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 5,794 ھئي جيڪا 886 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي.