اھير (قمبر)
اھير (قمبر)
ديھ اھير | |
---|---|
ديھ | |
Deh Aheer | |
![]() قمبر ضلعي جي ديھن واري نقشي ۾ ديھ اھير ڳاڙهي رنگ سان نمايان ڏيکاريل | |
جاگرافي بيهڪ: 27°35′34″N 68°03′06″E / 27.59278°N 68.05167°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
ديھ اھير(انگريزي: Deh Aheer) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو جيئڻ ابڙو ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]شروع م اھا ديھ تپو ھڪڙا ۾ ھئي پوء ان کي نئين تپي جيئڻ ابڙو ۾ شامل ڪيو ويو. اھير سنڌين جي ھڪ ذات جو نالو آهي. ديھ ۾ ان ذات وارن جي ڳوٺ الھ بخش اھير جي واقع ھجڻ ڪري اھو نالو پيو. بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1881 جي ديھ واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ اھير، خيرمحمد لورڙو ان جي بلڪل لڳ ڳوٺ ڳڙهي ملان ڇٽو ، کونھارن جو ڳوٺ, ميتلن جو ڳوٺ، ڳوٺ ليمون سانگي، ۽ ٻہ ننڍڙا غيرمعروف ڳوٺ واقع ھئا. ھاڻي ھن ديھ ۾ واقع معروف ڳوٺن ۾ ڳوٺ الھ بخش اھير، ڳوٺ عبدالمجيد ڀٽو، ڳوٺ پير محمد ميتلو ۽ ڳوٺ گل محمد مغيري شامل آهن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ جيئڻ ابڙو، اوڀر ۾ ديھ دوآبو، ڏکڻ ۾ ديھ آبڙي ۽ اولھ ۾ ديھ ننگر ھڪڙو ۽ ديھ باگو ديرو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ديھ جي اترئين ڀاڱي مان رتوديرو قمبر روڊ گذرندڙ آھي. ھن وقت ديھ جا وڏا ڳوٺ اھير ۽ خيرمحمد لورڙو آھن.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 5,794 ھئي جيڪا 886 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي.
حوالا
[سنواريو]- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- قنبر تعلقو
- قنبر تعلقي جون ديھون
- قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون ديھون