ننگر ھڪڙو
ڏيک
ننگر ھڪڙو (قمبر)
ديھ ننگر ھڪڙو | |
---|---|
ديھ | |
Deh Nangar Hakro | |
جاگرافي بيهڪ: 27°33′51″N 68°00′45″E / 27.56417°N 68.01250°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
ديھ ننگر ھڪڙو(انگريزي: Deh Nangar Hakro) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا جيئن ابڙو تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود برٽش انڊيا واري دؤر جي ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ واقع ڳوٺن ۾ ڳوٺ ڪيسو جنھن جي لڳ ڳوٺ وڌا، مستوئي ڳوٺ ۽ ٻيا ننڍڙا غيرمعروف ڳوٺ واقع ھيا. ھاڻي ان ديھ ۾ ڳوٺ سوڀو خان مغيري ۽ قمبر شھر جا. ڪجهه پاڙا واقع آهي جن م مستوئي، ٻرڙا ڪالوني ۽ علي خان پاڙا شامل آهن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ عيسو، اوڀر ۾ ديھ اھير، اولھ ۾ ديھ ڇڄڙا، ڏکڻ ۾ ديھ بگوديرو ۽ ڏکڻ اولھ ۾ ديھ قمبر واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ مان رتوديرو قمبر روڊ ۽ قمبر لاڙڪاڻو ريلوي لائين گذرندڙ آھن.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,103 ھئي جيڪا 159 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]زمرا:
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- قنبر تعلقو
- قنبر تعلقي جون ديھون
- قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون ديھون