ڪور حسن
ڪور حسن (قمبر)
ديھ ڪور حسن | |
---|---|
ديھ | |
Deh Kur Hassan | |
جاگرافي بيهڪ: 27°41′50″N 67°49′03″E / 27.69722°N 67.81750°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
ديھ ڪور حسن(انگريزي: Deh Koor Hassan) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ڪور سليمان تپي ۾ واقع آهي.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ميروخان تعلقي جي ديھ ڪور اسماعيل، اوڀر ۾ ديھ ڪمال خان، اولھ ۾ ديھ ڌيرو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ وڪڙو ۽ ديھ ڪور سليمان واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ ۾ ڳوٺ ميرڻ ماڇي ۽ ڳوٺ خيرو گاڏھي واقع آهن. خيرو گاڏھي ديھ جو سڀ کان وڏو ڳوٺ آهي جيڪو دوست علي واري دڳ ذريعي قمبر سان 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي روڊ ذريعي ڳنڍيل آهي. ان جي اولھ طرف ساڳي لنڪ روڊ سان اڍائي ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڇوڙي شاخ جي ڪپ تي ڳوٺ ميرڻ ماڇي واقع آهي جتي ھڪ مڊل اسڪول پڻ آهي. ھن ديھ م ڇوڙي ڊسٽريبيوٽري کان علاوه گوپانگ ڊسٽريبيوٽري پڻ وھندڙ آھي. ڪجهه ٻيا ننڍڙا غيرمعروف ڳوٺ پڻ ھن ديھ ۾ واقع آهن.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,608 ھئي جيڪا 289 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- قنبر تعلقو
- قنبر تعلقي جون ديھون
- قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون ديھون